رسائی کے لنکس

دنيا جوهري تباهيءَ کان رڳو غلط فهميءَ جي فاصلي تي آهي، گوتريس


اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل اين پي ٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي
اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل اين پي ٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گوتيرس چيو آهي ته اڄوڪي دنيا ڪنهن مڪمل جوهري تباهيءَ کان رڳو هڪ غلط فهمي، اندازي جي صرف هڪ غلطيءَ جي فاصلي تي آهي.

هن انهن خيالن جو اظهار جوهري هٿيارن جي عدم ڦهلاو (اين پي ٽي) جي طرفان جائزي وٺڻ واري اجلاس جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.

سيڪريٽري جنرل تنبيه ڪئي ته دنيا ۾ جوهري هٿيارن جي ڦهلاو جو خطرو وڌي رهيو آهي ۽ ان کي ٻنجهو ڏيڻ لاءِ حفاظتي رڪاوٽون ڪمزور ٿي رهيون آهن. سندس بقول، مشرق وسطي کان ٻيٽ نما ڪوريا تائين ۽ يوڪرين تي روس جي حملي سميت هر بحران ۾ جوهري خطرا موجود آهن.

وائس آف آمريڪا جي لاءِ مارگريٽ بشير جي رپورٽ مطابق، اينتونيو گوتيرس چيو ته دنيا ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 13000 جوهري هٿيارن جوي ذخيرو موجود آهي. هن چيو ته ڪيترا ئي ملڪ قيامت خيز هٿيارن جي ذخيري تي اربين ڊالر خرچ ڪري هاڻي هڪ ننڍو تحفظ تلاش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن ڳالهه جو خطرو آهي ته ماڻهو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ مان حاصل ٿيندڙ سبق وساري ويٺا آهن.

گوتيرس چيو ته هو ڇهين آگسٽ تي هيروشيما ۾ يادگاري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جاپان ويندو جتي آمريڪا 77 وره اڳ جنگ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ دنيا جو پهريون ايٽم بم ڪيرايو هو.

ڪانفرنس کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر بائيڊن چيو ته هڪ جوهري رياست جي حيثيت سان آمريڪا پنهنجي ذمه دارين جي ادائيگيءَ جو پابند آهي ۽ جوهري هٿيارن کان پاڪ دنيا جي حصول لاءَ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو اين پي ٽيءَ جو مقصد آهي.

هن ڪانفرنس ۾ آمريڪي وزير خارجه اينٽني بلنڪن چيو ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا جي نيوڪليئر هٿيارن مان 90 في صد جي ڪمي آئي آهي، ۽ اهي محض روڪٿام جي مقصد لاءِ آهن جن کي انتهائي حالت ۾ آمريڪا پنهنجي ۽ سندس اتحادين ۽ شراڪت دارن جي مفادن جي دفاع لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو.

هڪ سو ٽيٽيهه کان مٿي حڪومتن ۽ جوهري تنظيمن خميص ڏينهن تائين جاري رهڻ واري هن ڪانفرنس ۾ ٿيڻ واري بحث مباحثي ۾ حصو ورتو، تن ملڪن ۾ايران جي وزير خارجه، رضا نجفي به شامل هو. عالمي طاقتن جي ڪوشش آهي ته ايران 2015۾ ٿيڻ واري جوهري معاهدي ۾ ٻيهر شامل ٿئي.

اجلاس جي پهرين ڏينهن بين الاقوامي جوهري تنظيم اتر ڪوريا جي جوهري ۽ ميزائل پروگرام تي تشويش جو اظهار ڪيو. اداري جي سربراه، رفائيل گروسي ان اميد جو اظهار ڪيو ته اداري جا معائنه ڪار نارٿ ڪوريا واپس وڃي سگهندا جتان 2009 ۾ انهن کي ملڪ بدر ڪيو ويو هو.

جوهري هٿيارن جي ڦهلاو کي روڪڻ وارو هي معاهدو 1970 کان نافذ ٿيل آهي، جنهن جي ميمبر ملڪن جو تعداد 191 آهي. ڪو وقت هو جو پنجن اوريجنل نيوڪليئر طاقتن آمريڪا، چين، روس (ان وقت جو سويت يونين)، برطانيه ۽ فرانس پنهنجي هٿيارن جي ذخيري کي ختم ڪرڻ لاءِ مذاڪرات تي اتفاق ڪيو هو، ۽ جن ملڪن وٽ نيوڪليئر هٿيار نه هيا انهن ان ضمانت جي بدلي انهن کي حاصل نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو ته هو پر امن مقصدن لاءِ نيوڪليئر انرجي جي تياريءَ جا اهل هوندا.

جوهري هٿيارن جي عدم ڦهلاو جي معاهدي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان شامل نه هيا جيڪي هاڻي جوهري طاقتون آهن. انهيءَ طرح نارٿ ڪوريا پهرين ان معاهدي جي توثيق ڪئي هئي ليڪن بعد ۾ ان کان الڳ ٿيو هو. اسرائيل جي باري ۾ سمجهو وڃي ٿو ته ان وٽ نيوڪليئر اسلحه خانو آهي ليڪن هو نه ته ان جي تصديق ڪندو آهي نه ئي ترديد.

(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد اي پي تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG