رسائی کے لنکس

برلن سميت دنيا جي ڪيترن شهرن ۾ ايراني عورتن جي حق ۾ ريليون، هزارين حامي شريڪ


ايراني حڪومت جي خلاف برلن ۾ عورتن جو احتجاجي مظاهرو. 22 آڪٽوبر، 2022.
ايراني حڪومت جي خلاف برلن ۾ عورتن جو احتجاجي مظاهرو. 22 آڪٽوبر، 2022.

نيوزيلينڊ ۾ ھڪ ريلي نڪتي جتي عورتن جي ھٿن ۾ سج ۽ شينھن جي ڇاپ وارو ايراني جھنڊو ھو ۽ اھي ’’آزاد عورتون’’ جو نعرو ھڻي رھيون ھيون.

آسٽريليا جي شھر برسبين ۾ مينھوڳيءَ جي باوجود ايرانين احتجاجي مظاھري ۾ شرڪت ڪئي.

برلن ۾ نڪرڻ واريءَ ريليءَ ۾ شريڪ ڪجھ عورتن ’’خواتين، زندگي، آزادي’’ جا نعرا لڳايا، جڏھن تھ ڪجھ مظاھرين ڪرد جھنڊا لھرايا.

برلن جي ميڙ کي خطاب ڪندي، انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن، فريبا بلوچ ايراني شھرن ۾ احتجاجي لھر جو حوالو ڏيندي چيو ته ’’زاھدان کان تھران تائين مان ايران جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪريان ٿي’’. مظاھرين ’خامنه ايءَ جو موت’ جا نعرا هنيان، جيڪو سپريم ليڊر آيت الله خامنه ايءَ ڏانهن اشارو هيو.

برلن ۾ نڪتل ريلي
برلن ۾ نڪتل ريلي

حامد اسماعيليون، جيڪو ’پي ايس 752 فلائيٽ فيمليز ايسو سي ايشن’ جو ترجمان آهي، ان ريليءَ کي خطاب ڪيو.

سندس بقول ’’اسلامي جمهوريه ايران جي برابر ناهي’’. هن اولهه جي ملڪن کان مطالبو ڪيو ته اهي اسلامي جمهوريه جي حڪام کي نشانو بنائي انهن جو بائيڪاٽ ڪن.

هن چيو ته ’’مشرق وسطي جي تاريخ جي هن انتهائي ترقي پسند انقلاب جي عزت ڪرڻ گهرجي، ۽ اهو نه ڀلايو ته اسان ايران جو عوام آهيون، اسلامي جمهوريه جي ڏوهارين جي ساٿ ڏيندڙن کي به نه وساريو’’.

ماڻهن جي ميڙ ان جملي کي مڪمل ڪندي، چيو ته ’’اسان معاف نه ڪندا آهيون’’.

ايراني عورتن جي حق ۾ برلن ۾ نڪتل وڏي ريلي
ايراني عورتن جي حق ۾ برلن ۾ نڪتل وڏي ريلي

يوڪرين جي بين الاقوامي ايئرلائين جي پرواز 752 کي اٺين جنوري 2020 تي تهران جي امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏڻ کان پوءِ ڪجهه ئي لمحن اندر ميزائيل سان نشانو بنائي ڪيرايو ويو هو. اهي ميزائيل ايران جي جهاز شڪن هٿيارن جي مدد سان فائر ڪيا ويا هيا. جهاز ۾ سوار 176 سمورا مسافر ۽ جهاز جو عملو هلاڪ ٿيو هو.

برلن ۾ ڇنڇر ڏينهن نڪرڻ واريءَ هن وڏيءَ ريليءَ ۾ هزارين ايرانين شرڪت ڪئي. هڪ اندازي مطابق مظاهري ۾ 80،000 ماڻهو شريڪ ٿيا، جيڪو ٻين شهرن ۾ نڪرندڙ ريلين مان سڀ کان وڏو مظاهرو هو، جنهن ۾ ايران ۾ عورتن جي قيادت ۾ نڪرڻ وارن احتجاجي مظاهرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برلن کان سواءِ سويڊن، اٽلي، فرانس، سوٽزرلينڊ جي ٻين يورپي شهرن ۾ نڪرڻ وارن احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت جي لاءِ ايران مان ڪيترا ئي شهري سفر ڪري انهن ۾ شريڪ ٿيا. لنڊن، ٽورنٽو، واشنگٽن ۽ لاس انجليس ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

انهن مظاهرن ۾ موسيقي به پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ آزاديءَ جو نغمو به پيش ڪيو ويو جيڪو هينئر تائين ايراني احتجاج جي علامت بڻجي چڪو آهي.

هوڏانهن واشنگٽن ڊي سي جي نيشنل مال تي هزارن جي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن ايراني عورتن جي حق ۾نڪتل ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. هنن کي ايراني جهنڊي جا سائي، سفيد ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتل هيا.

وائيٽ هائوس ڏانهن مارچ ڪندي، مظاهرين زور سان پڪاري رهيا هيا ’’هن جو نالو وٺو! مهسا!’’

لاس اينجليس، جتي ايران کان ٻاهر گهڻي تعداد ۾ ايراني آباد آهن، شهر جي قديم وسنديءَ جي هڪ بند سڙڪ تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

هنن ايران جي حڪومت کي ڪيرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ايران جا سوين جهنڊا لهرايا، جنهن جي ڪري ڳاڙهو، اڇو ۽ سائو رنگ پري تائين ڏسڻ ۾ پئي آيو.

هو زور سان گڏجي نعرو هڻي رهيا هيا ’’اسان آزادي ٿا چاهيون’’.

هوڏانهن ڇنڇر ڏينهن تهران شهر جي چوٽيءَ واري علائقي ڪرج ۽ مشهد ۾احتجاجي مظاهرا ٿيا.

ايران جي ٻئي سڀ کان وڏي آباديءَ واري شهر، مشهد جي احتجاجي مظاهري ۾ نعرا هنيان ويا. ’’نه ڊڄو. نه ڊڄو. اسان سڀ گڏ آهيون’’، جنهن دوران مظاهرو ڪندڙن جي حمايت ۾ ڊرائيورن پنهنجي موٽر گاڏين جا هارن وڄايا.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس، رائيٽرز ۽ ايجنسي فرانس پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG