بندش پيل شدت پسند تنظيم، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان ڳانڍاپيل چوٽيءَ جو ڪمانڊر، عبدالولي مهمند، جيڪو عمر خالد خراساني جي نالي سان ڄاتو ويندو هو، افغانستان ۾ بم ڌماڪي ۾ پنهنجي ٽن ساٿين سميت مارجي ويو آهي.
افغانستان جي سرحدي صوبي خوست سان مليل قبائلي ضلعي، اتر وزيرستان جي سينئر صحافي حاجي مجتبي ۽ چارسده سان سرحدون ملندڙ ضلعي مهمند جي سينئر صحافي جبران مهمند به ٽن ساٿن سميت عمر خالد خراسانيءَ جي بم ڌماڪي ۾ مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي.
وائس آف آمريڪا جي پشتو ريڊيو، ڊيوا ۽ ريڊيو مشال به پنهنجي ذريعن کان ان واقعي جي تصديق ڪئي آهي. ليڪن بندش پيل ٽي ٽي پي هينئر تائين واقعي جي باري ۾ ڪنهن قسم جو بيان جاري نه ڪيو آهي.
اتر وزيرستان جي مرڪزي انتظاميه شهر ميران شاه سان تعلق رکڻ واري صحافي، حاجي مجتبي وائس آف آمريڪا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته افغانستان جي صوبي پڪتيڪا جي ضلعي برمل ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ عمر خالد خراساني مئو آهي، جڏهن ته ٻين سنگتين منجهان ٻن جي سڃاڻپ مفتي حسن ۽ حافظ دولت جي نالن سان ٿي آهي.
مرڻ وارن مان چوٿين شخص متعلق شڪ ظاهر ڪيو ٿو وڃي ته هو ڊرائيور هو.
ريڊيو مشال جي رپورٽ ۾ ذرائع جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اهي ضلع برمل جي علائقي سراڪي ڪلي مان گاڏيءَ تي سوار هيا جڏهن ستين آگسٽ تي شام جو ڪار سڙڪ ڪناري نصب بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خراساني صلاح مشوري جي لاءِ برمل وڃي رهيو هو.
واضح رهي ته عمر خالد جو شمار بندش پيل ٽي ٽي پي جي سربراه مفتي نور ولي کان پوءِ ٻئي نمبر تي ٿيندو هو. سندس مرڻ جر خبر ان وقت سامهون آئي جڏهن پاڪستاني عمل دارن جنگجو گروپ جي اڳواڻيءَ ۾ امن معاهدي لاءَ ڳالهه ٻولهه لاءِ رابطي جو اشارو ڏنو.
بندش پيل ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان فوج وچ ۾ گزريل ٻن مهينن کان جنگ بندي جاري آهي. ليڪن، بندش پيل جماعت جي ٽن اهم ڪمانڊرن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پاڪستان حڪومت جي انهن ڪوششن کي ڌڪ رسيو آهي، جنهن جو مقصد جون جي شروع ۾ ٿيڻ واري جنگ بنديءَ جي معاهدي ۾ توسيع ۽ مستقل مصالحت آهي.
خالد خراسانيءَ کان اڳ بندش پيل ٽي ٽي پيءَ جا ڪيترا ئي ڪمانڊر افغانستان ۾ تشدد ۽ بم ڌماڪن جو شڪار ٿي چڪا آهن. انهن ڪمانڊرن ۾ ملا فضل الله، اسلم فاروقي ۽ منگل باغ نالي جا ويڙهاڪ شامل آهن.
پشاور ۽ چارسده سان مليل قبائلي ضلعي مهمند سان تعلق رکڻ واري عبدالولي مهمند جنهن کي عام طرح عمر خالد خراسانيءَ جي نالي سان پڪاريو ويندو هو، ان جو شمار بندش پيل ٽي ٽي پي جي اهم ڪمانڊرن ۾ ٿيندو هو. تازو هن مفتي ولي محسود جي اڳواڻيءَ ۾ ڏه رڪني پاڪستاني وفد سان ڪابل ۾ ٿيڻ وارن امن مذاڪرات ۾ به حصو ورتو هو.
ريڊيو مشال مطابق، مرڻ وارن ويڙهاڪن ۾ شامل مفتي حسن ٽي ٽي پي جي انهن لڳ ڀڳ هڪ درجن ڪمانڊرن ۾ شامل هو جن دهشت گرد گروپ داعش جي قتل ٿيندڙ رهنما، ابو بڪر البغدادي جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي جڏهن ته حافظ دولت کي عمر خالد خراسانيءَ جو ويجهو ترين ساٿي سمجهو ويندو هو.
ذرائع جو چوڻ آهي ته ٽي ٽي پي جا ڪي حلقه مفتي حسن کي ڪجهه سال اڳ ٽي ٽي پي ۾ ويڙهه ڀڙڪائڻ جو ذمه دار سمجهندا آهن.