رسائی کے لنکس

روسي فوج جي خالي ڪيل علائقي ۾ اذيت جا 10 مرڪز ۽ هڪ اجتمائي قبردريافت


ازيوم ۾ اجتماعي قبرڳولهي لڌي وئي. 16 سيپٽمبير 2022
ازيوم ۾ اجتماعي قبرڳولهي لڌي وئي. 16 سيپٽمبير 2022

يوڪرين جي عمل دارن ٻڌايو آهي ته هنن روس جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ ملڪ جي اوڀر واري علائقي، ازيوم جي ويجهو ڪاروائي ڪئي جنهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 10 اذيت جا مرڪز دريافت ڪيا وياآهن.

تشدد جا اهي مرڪز اهڙي وقت لڌا ويا آهن، جڏهن ازيوم جي ويجهو 450 لاشن واري هڪ اجتماعي قبر دريافت ٿي آهي.

خرڪيف ۾ روس جي فوج ان علائقي تي قبضو ڪيو هو ۽ گزريل هفتي تائين پنهنجو قبضو جاري رکيو هو، جڏهن يوڪرين جي فوج جوابي ڪاروائي ڪندي روسي فوج کي علائقي مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ علائقي تي پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.

ان سلسلي ۾ يوڪرين جي صدر ولادومير زيلنسڪي جي اعلي صلاح ڪار، مخائلو پوڊلياڪ ٻڌايو ته هيءَ اجتماعي قبر ازيوم جي ويجهو ملي آهي. مقبوضه علائقي ۾ سفاڪيت، تشدد، ايذاءَ ڏيڻ ۽ اجتماعي قتل جو سلسلو ڪيترن ئي مهينن کان جاري هو.

اجتماعي قبر
اجتماعي قبر

گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته دريافت ٿيڻ واري اجتماعي قبر جي تحقيقات جي لاءِ هڪ ٽيم موڪلڻ جو ارادو آهي ته جيئن هتي ٿيڻ وارين هلاڪتن جو سبب معلوم ٿي سگهي.

يوڪرين جي صدر ولادومير زيلنڪسي جنهن اربع ڏينهن روس کان خالي ڪرايل علائقي جو دورو ڪيو، چيو آهي ته روس ان جو ذميدار آهي.

صدر زيلنسڪيءَ خميص ڏينهن هڪ وڊيو خطاب ۾ چيو ته روس کان انهن اقدامات جو حساب وٺڻ گهرجي. روس هر جاءِ تي موت جو داستان ڇڏي ويو آهي جنهن جي لاءِ هن کي لازمي طرح جوابده بنايو وڃي.

هڪ مقامي پوليس عمل دار ٻڌايو ته اجتماعي قبر منجهان ملڻ وارن لاشن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن کي گولي هڻي ماريو ويو هو يا اهي بيماريءَ جي ڪري مري ويا هيا.

يوڪرين ۽ ان جا مغربي اتحادي روس جي فوجن تي جنگي جرم سرزد ڪرڻ جو الزام عائد ڪن ٿا.هوڏانهن روس جنگي جرم ڪرڻ ۽ عام شهرين کي نشانو بنائڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

XS
SM
MD
LG