رسائی کے لنکس

عالمي برادري ٻوڏ جي هاڃن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري، گوتيرس


گڏيل قومن جي اداري جو سربراه، اينتونيو گوتيرس شرم الشيخ ۾ آب و هوا متعلق عالمي اجلاس جي پهرئين ڏينهن تي اخباري ڪانفرنس ڪندي. 7 نومبر 2022.
گڏيل قومن جي اداري جو سربراه، اينتونيو گوتيرس شرم الشيخ ۾ آب و هوا متعلق عالمي اجلاس جي پهرئين ڏينهن تي اخباري ڪانفرنس ڪندي. 7 نومبر 2022.

گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتيرس شرم الشيخ ۾ آب و هوا متعلق بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عالمي برادريءَ جو فرض آهي ته اها هن وقت پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري جنهن کي ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو نقصان رسيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي پنهنجي دوري ۾ هن سيلاب زده علائقي ۾ زندگين کي پهچڻ وارو نقصان، روزگار ۽ فصلن کي ٿيندڙ نقصان ۽ انهن ماڻهن جي زندگين تي ڊرامائي اثرات جو پاڻ مشاهدو ڪيو آهي.

سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي اداري کي هن بين الاقوامي ڪانفرنس جي لاءِ پاڪستان جي تڪليف کي محسوس ڪرڻ تي فخر آهي جنهن ۾ اسان ڀيانڪ قسم جي واقعن کان متاثر ٿيڻ وارن ملڪن جي بحاليءَ ۽ نئين سر اڏاوت جي لاءِ وڏي پيماني تي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته پاڪستان جو وزير اعظم چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته ٻوڏ جي ڪري ڇا نقصان پهتو آهي ۽ تباهيءَ جو مشاهدو ڪرڻ گهري ٿو ته هو پاڻ اچي ۽ ان کي ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته هن ڪانفرنس کي موسمياتي آفت جي اثرات کي محسوس ڪرڻ ۽ ان سان نبرڻ جي لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اداره جاتي فريم ورڪ ۽ مالي وسيلن جي جوڙجڪ شامل آهي.

مصر ۾ موسمياتي تبديليءَ جي سالياني سربراهي اجلاس ۾ اينتونيو گوتيرس عالمي اڳواڻن جي وچ ۾ تمام ويجهي تعاون تي زور ڀريو. گوتيرس عالمي يڪجهتيءَ جي معاهدي تي زور ڏيندي خاص طور تي آمريڪا ۽ چين جي طرف اشارو ڪيو ته اهي آب و هوا جي مسئلن تي ملي ڪم ڪن.

هن بين الاقوامي ڪانفرنس جي انعقاد جي باوجود، جنهن ۾ 100 ملڪ شريڪ آهن، اڪثر مبصرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ زياده تر عالمي رهنما بدتر ٿيندڙ ان مسئلي جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ ايترا سنجيده ڪونهن، جنهن کي سائنس دان زمين جو سڀ کان وڏو چيلينج قرار ڏين ٿا.

مصر ۾ منعقد موسماتي تبديليءَ متعلق بين الاقوامي اجلاس جو گروپ فوٽو
مصر ۾ منعقد موسماتي تبديليءَ متعلق بين الاقوامي اجلاس جو گروپ فوٽو

سومر ڏينهن 50 ملڪن يا حڪومتن جا سربراه مصر ۾ آب و هوا تي اعلي سطحي بين الاقوامي مذاڪرات جي پهرين ڏينهن گفتگو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن دوران زمين جي گولي کي عالمي تپش جي وڌندڙ مسئلي کان بچڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪندا.

قومي رهنمائن جي گفتگوءَ جو زياده تر محور سندن پنهنجي ملڪ ۾ آب و هوا جي بگڙندڙ صورت حال جي باعث شديد موسمن، خشڪ سالي، وڏي پيماني تي برساتن ۽ ٻوڏ جي صورت حال هوندي. انهن تقريرن جو اختتام اڱاري ڏينهن پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف جي تقرير سان ٿيندو، جنهن جي ملڪ ۾ گرميءَ جي مند ۾ تيز ۽ لڳاتار برساتن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 40 ارب ڊالر جو نقصان پهتو ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا.

ليڪن ٿي سگهي ٿو ته هن ڀيري خبرن جي شهه سرخين ۾ اهو موضوع ڏسڻ ۾ نه اچي جيڪو ماضيءَ ۾ هن قسم جي اجلاسن جو حصو بڻيو رهيو، جنهن جو سبب ’غلط ٽائيمنگ’ آهي.

ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، زياده تر رهنما سومر ۽ اڱاري ڏينهن تي هڪ اهڙي موقعي تي ملاقات ڪري رهيا آهن جڏهن آمريڪا ۾ وچين مدي واريون چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ممڪنه طور تي پاليسيءَ ۾ تبديلي اچي سگهي.

ٻئي پاسي، دنيا جي ويهن امير ترين ملڪن جا رهنما ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انڊونيشيا ۾ پنهنجي طاقتور ڪلب جو اجلاس منعقد ڪندا. وڌيڪ اها ڳالهه ته آب و هوا جا وڏا ۽ ننڍا سربراه اجلاس ٿيندا رهندا آهن ۽ موجوده اجلاس جي باري ۾ ڪڏهن به وڏي يا اهم هئڻ جي توقع جو اظهار نه ڪيو ويو هو.

XS
SM
MD
LG