رسائی کے لنکس

آمريڪا پاران ايران جي اخلاقيات جي پوليس تي تعزيرات لاڳو ڪرڻ جو اعلان

جلاوطن ايرانين جي قومي مزاحمتي ڪائونسل جا ميمبر برلن ۾ ايران جي سفارت خاني آڏو احتجاج ڪندي. 20 سيپٽمبر،2022
جلاوطن ايرانين جي قومي مزاحمتي ڪائونسل جا ميمبر برلن ۾ ايران جي سفارت خاني آڏو احتجاج ڪندي. 20 سيپٽمبر،2022

آمريڪا جي محڪمه خزانه خميص ڏينهن ايران جي سلامتي ۽ اخلاقيات جي پوليس جي عمل دارن جي خلاف نئين پابندين لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اهو الزام عائد ڪندي ته اهي عورتن، متمدن سرگرم شهرين ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ وارن جي حقن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن.

نئين پابندين جو نشانو ايران جي بدنام پوليس برائي اخلاقيات جي سربراه، محمد رستم چيشمه گاچيءَ ۽ فورس جي تهران جي ڊائريڪٽر، حاجي احمد مرزائيءَ کي بنايو ويو آهي. اطلاعات مطابق نوجوان ايراني خاتون مهاسا امينيءَ جي هلاڪت کان پوءِ مرزائي کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو آهي، جيڪا سندس تحويل ۾ هئي ۽ جنهن معاملي تي احتجاج جاري آهي.

اڪمل داعيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ٻاويهن سالن جي اميني 16 سيپٽمبر تي اسپتال داخل ٿي جڏهن هوءَ بي هوش هئي ۽ بعد ۾فوت ٿي، جنهن کان اڳ هوءَ ٽي راتيون تهران ۾ اخلاقيات جي پوليس جي حراست ۾ رهي، ۽ الزام آهي ته هن تي تشدد ڪيو ويو،صرف ان الزام تي ته هن پنهنجي مٿي کي مناسب طرح سان نه ڍڪيو هو.

آمريڪي پابندين ۾جن ٻين ايراني عهديدارن کي نشانو بنايو ويو آهي انهن ۾ايران جي انٽيلي جينس جو وزير اسماعيل خطيب، باسج فورسز جو نائب ڪمانڊر سالار انبوش، قانون جي نفاذ جي فورسز جو معاون ڪمانڊر قاسم رضائي، ايل اي ايف جو صوبائي ڪمانڊر منوچهر امان اللهي ۽ إيراني فوج جي گرائونڊ فورسز جو ڪمانڊر قيومرس حيدري شامل آهن.

آمريڪي محڪمه خزانه جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي عهديدار انهن تنظيمن جي نگراني ڪندا آهن جيڪي عام طور تي پرامن احتجاج ڪندڙ ماڻهن، ايران جي سول سوسائٽي، سياسي منحرفين، عورتن جي حقن جون سرگرم ڪارڪن ۽ ايران جي بهائي ڪميونٽيءَ جي ارڪان کي دٻائڻ لاءِ سخت ڪاروائي ڪرڻ ۾ملوث رهندا آهن.

عائد ڪيل تعزيرات ۾ انهن ايراني عهديدارن جا آمريڪا ۾ سموري ملڪيت ۽ اثاثا بلاڪ ڪيا ويندا، جڏهن ته آمريڪا يا ٻين ملڪن ۾ هنن سان ڪنهن به قسم جي مالياتي ڏي وٺ تي بندش لاڳو رهندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن پابندين جو مقصد سزا ڏيڻ ڪونهي بلڪه انهن جي روئي ۾ مثبت تبديلي آڻڻ آهي.

ايران جي ڪيترن ئي درجن عهديدارن، تنظيمن، ٻين شخصن تي اڳ ۾ ئي آمريڪي پابنديون عائد آهن، مبينه طور تي جن جو تعلق دهشت گردي، جوهري هٿيارن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزيءَ سان آهي.

امينيءَ جي هلاڪت جي معاملي تي ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۽ دنيا ۾ ڪيترن هنڌن تي وڏي پيماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

اطلاعن مطابق، گزريل ڪجهه ڏينهن اندر ان معاملي تي احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي مظاهرين کي هلاڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورتن جي حقن جي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪن هنڌن تي مظاهرين ’آمريت مرده باد’ ۽ ’عورتن جي آزادي’ جي حق ۾ نعرا لڳايا، ڪيترن هنڌن تي مزاحمت ڪندي مٿي تان رئو هٽايو ويو، جنهن کي پائڻ ايران جي قانون مطابق فرض آهي.

ايراني عمل دارن احتجاج ڪرڻ وارن کي’’باغي’’ ۽ ’’ايران جي دشمنن جا حامي’’ قرار ڏنيدا آهن، جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل ڏانهن واضح اشارو آهي، جن جا ايراني حڪومت جي سيڪيورٽي ۽ جوهري معاملن تي اهم اختلاف ۽ اڻبڻت آهي.

خميص ڏينهن هڪ بيان ۾ پرڏيهي معاملن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن چيو آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايراني حڪومت عورتن خلاف منظم عقوبت بند ڪري ۽ کين پرامن احتجاج جي آزادي ڏئي.

بلنڪن چيو ته آمريڪا ايران ۾ انساني حقن جي حمايت ۾ پنهنجو آواز اٿاريندو رهندو، ۽ جيڪي ان جي خلاف ورزي ڪندا انهن جو احتساب ڪيو ويندو.

ڪافي عرصي کان ايران ۾اهڙي قسم جا احتجاجي مظاهرا نه ڪيا ويا آهن. سال 2019 ۾ هزارين ايراني ان وقت سڙڪن تي نڪتا هيا جڏهن سندن ملڪ کي معاشي مشڪلات درپيش هيون ۽ هنن وڌيڪ سماجي ۽ سياسي آزادين لاءِ آواز اٿاريو هو.

XS
SM
MD
LG