رسائی کے لنکس

تباه ڪن سيلاب، نقصان جو تخمينو لڳائڻ لاءِ آمريڪي فوج جي ٽيم پاڪستان ويندي


ضلعي دادوءَ جي فضائي تصوير. پهرين سيپٽمبر 2022.
ضلعي دادوءَ جي فضائي تصوير. پهرين سيپٽمبر 2022.

دفاع جي آمريڪي محڪمي جمعي ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي فوج پنهنجي هڪ ٽيم پاڪستان رواني ڪري رهي آهي، جيڪا اهو معلوم ڪندي ته سيلاب جي سنگين صورت حال ۾ پينٽاگان پاڪستان کي ڪهڙي مدد ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته ملڪ جو ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي.

ان سلسلي ۾ واشنگٽن ڊي سي جي اخبار، روزنامه ‘دي هل‘ خبر شائع ڪئي آهي جنهن ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان جي بيان جو حوالو ڏنو ويو آهي.

پنهنجي بيان ۾آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان، ڪرنل جو بسينو چيو آهي ته آمريڪي سينٽرل ڪمان پنهنجي ٽيم اسلام آباد موڪليندو جيڪا اهو طئي ڪندي ته ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پينٽاگان بين الاقوامي ترقي جي آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) کي ڪهڙي ريت مدد فراهم ڪري سگهي ٿو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سينٽڪام جي سربراه، جنرل مائيڪل ڪرلا جمعي ڏينهن ٽيلي فون تي پاڪستان فوج جي سربراه، جنرل قمر جاويد باجوا سان گفتگو ڪئي، جنهن دوران هن قيمتي جانن جي نقصان تي پاڪستان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون جي وچ ڌاران تيز ۽ لڳاتار برساتن جي جاري سلسلي جي ڪري سيلاب پاڪستان ۾ تباهي مچائي.

ڊيرا الله يار. پهرين سيپٽمبر 2022
ڊيرا الله يار. پهرين سيپٽمبر 2022

سيٽلائيٽ تان ورتل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ملڪ جو ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي. سيلاب جي ڪري 1100 کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 400 ٻار هيا. سيلاب جي ڪري ملڪ جا ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباه ٿي ويو آهي، جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ مال مويشي هلاڪ ٿيو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيلاب جي صورت حال جي ڪري کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ۽ وڏي پيماني تي انساني بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.

سي اين اين جي هڪ رپورٽ مطابق، سيلاب مون سون جي مند دوران عام شرح کان گهڻي شديد مينهوڳيءَ جو نتيجو آهي. رڪارڊ مطابق، سال 1961 کان پوءِ هن سال ملڪ ۾ تمام گهڻي بارش پئي آهي.

پاڪستان جي وزير اعظم، شهباز شريف سيلاب جي صورت حال کي ملڪي تاريخ جي بدترين ٻوڏ قرار ڏنو آهي. سندس اندازي مطابق، قدرتي آفت جي ڪري ملڪ کي 10 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي.

XS
SM
MD
LG