رسائی کے لنکس

ڏهن مهينن اندرخودڪار موٽر گاڏين جا 400 حادثا

هيءَ خودڪار اليڪٽرڪ ڪار ايريزونا جي علائقي مان گزري رهي آهي جنهن جي اسٽيرنگ تي ڪو ڊرائيور موجود ڪونهي (فائيل فوٽو)
هيءَ خودڪار اليڪٽرڪ ڪار ايريزونا جي علائقي مان گزري رهي آهي جنهن جي اسٽيرنگ تي ڪو ڊرائيور موجود ڪونهي (فائيل فوٽو)

هڪ طرف ترقي يافته ملڪن جي سڙڪن تي خودڪار (آٽوپائلٽ) ۽ نيم خودڪار موٽر گاڏين جي تعداد ۾ اضافو اچي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي انهن جي ڪري انساني جان لاءِ هاڃيڪار حادثن جون خبرون به سامهون اچي رهيون آهن.

امريڪا ۾ شاهراهن تي ٽريفڪ جي حفاظت سان تعلق رکندڙ اداري، نيشنل هائي ويز ٽريفڪ سيفٽي ايڊمنسٽريشن (اين ايچ ٽي ايس اي) پنهنجيءَ هڪ تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هيليتائين آٽو پائليٽ ۽ سيمي آٽوميٽڪ گاڏين جا 400 جي لڳ ڀڳ حادثه ٿي چڪا آهن. جن گاڏين کي حادثه پيش آيا تن منجهان 273 گاڏيون اليڪٽرڪ ڪاريون ٺاهيندڙ ڪمپني، ٽيسلا جون هيون.

ٽريفڪ سيفٽي ايڊمنسٽريشن چيو آهي ته ان تعداد جو تعلق ڪنهن ڪمپنيءِ سان ناهي بلڪه خودڪار ۽ نيم خودڪار نظام استعمال ڪرڻ جي ڪري آهي ۽ انهيءِ ته به انهن گاڏين ڪيترا ميل سفر طئي ڪيو.

موٽر ساز ڪمپنين ٽريفڪ سيفٽي ايڊمنسٽريشن جي حڪم تي گزريل سال جولائيءِ کان هن سال 15 مئي تائين ٿيل حادثن جي رپورٽ تيار ڪئي آهي. ٽريفڪ سيفٽيءَ جو امريڪي قومي ادارو پهريون دفعو ان قسم جي حادثن جو تفصيلي جائزو وٺي رهيو آهي.

اداري جي منتظم، اسٽيون ڪلف چيو آهي ته اسان جيئن جيئن اهي انگ اکر ڪٺا ڪندا وينداسين ته اسان کي امڪاني خطرن ۽ رجحانن کي بهتر طور ڄاڻڻ جو موقعو ملندو ۽ اهو به معلوم ٿي سگهندو ته نئين ٽيڪنالوجي حقيقي دنيا ۾ ڪهڙي قسم جي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي.

ٽيسلا جي گاڏين کي سڀ کان وڌيڪ حادثه پيش آيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حادثي جي وقت موٽر گاڏيون آٽو پائليٽ يا فل سيلف ڊرائيونگ نظام تحت هلي رهيون هيون. ان نظام هيٺ هن وقت ٽيسلا جون تقريبا‘‘ 8 لک 30 هزار گاڏيون سڙڪن تي آهن.

ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ حادثه هونڊا جي گاڏين کي پيش آيا، جن جو تعداد 90 هو. ٽيون نمبر سبارو جو آهي، جنهن جي ڏهن گاڏين کي حادثه پيش آيا، جڏهن ته باقي ڪمپنين پاران فراهم ڪيل ڊيٽا مطابق انهن جي حادثن جو تعداد پنج يا ان کان به گهٽ آهي.

اين ايچ ٽي ايس اي چيو آهي ته ڊرائيور اسسٽ سسٽم ۾ پيش آيل حادثن ۾ ڇهه ماڻهو فوت ۽ پنج شديد زخمي ٿيا. فوتين منجهان پنج ٽيسلا ۾ ٿيون جڏهن ته هڪ موت جو اطلاع فورڊ ڪمپنيءَ ڏنو آهي. ٽيسلا ۾ ٽي سخت زخمي ٿيا جڏهن ته هونڊا ۽ فورڊ ۾ هڪ هڪ شديد زخمي ٿيو.

ٽيسلا ۾ حادثن جو تعداد ان ڪري وڌيڪ آهي جو ان جون گاڏيون نگراني ۽ حقيقي وقت ۾حادثي جي اطلاع لاءِ ٽيلي ميٽڪس نظام سان منسلڪ آهن.

ٽريفڪ سيفٽي اداري جو چوڻ آهي ته ٻين موٽرساز ڪمپنين وٽ اها سهولت موجود ڪانهي جنهن سبب جي ڪري انهن جي گاڏين کي پيش ايندڙ حادثن جي اطلاع جي فراهميءَ ۾ دير لڳندي آهي.

XS
SM
MD
LG