رسائی کے لنکس

آمريڪا: ججن لاءِ پنھنجا تحفا ظاهر ڪرڻ جو قانون وڌيڪ سخت


آمريڪي سپريم ڪورٽ جي عمارت (فائيل فوٽو)
آمريڪي سپريم ڪورٽ جي عمارت (فائيل فوٽو)

آمريڪا جي سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ وفاقي ججن کي نون ضابطن ۽ قانونن هيٺ هاڻي سندن مفت سفري دورن، کاڌن ۽ سوکڙين جي باري ۾ عوامي سطح تي ٻڌائڻو پوندو.

اهي ضابطا قانون سازن ۽ عدالتي شفافيت جي حامين جي دٻاءُ تي ٺاهيا ويا آھن.

وفاقي عدلتي انتظامي معاملن جي سربراه اڱاري جي ڏينھن ڊيموڪريٽڪ آمريڪي سينيٽر، شيلڊن وائيٽ هائوس پاران پڌرو ڪيل هڪ خط ۾ انھن قانونن جي تصديق ڪئي آھي. سينيٽر شيلڊن سپريم ڪورٽ ۾ اخلاقي سڌارن جي حمايت ڪئي ھئي.

پنهنجي بيان ۾ سينيٽر چيو آھي ته ”اهي نوان قانون ججن لاءِ ڪنھن امير ڪمپني جي مالڪ جي ذاتي تفريح گاه ڏانهن وڃڻ لاءِ مفت سفر ڪرڻ، موڪلون گزارڻ، اتي کائڻ پيئڻ ۽ شڪار کيڏڻ کي ھاڻ وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيندا، خاص طور اهڙن موقعن تي جڏهن عدالت آڏو ڪو ڪاروباري ڪيس ھجي، ۽ ھو عوام کي اھڙي ڄاڻ ڏيڻ کان نٽائيندا ھجن“.

هن ۽ ڪانگريس ۾ ٻين ڊيموڪريٽس پڻ اھڙي قانون سازي متعارف ڪرائي آهي جنهن هيٺ سپريم ڪورٽ جي لاءِ ضروري هيو ته اها ضابطه اخلاق اختيار ڪري، ججن لاء غير جانبداريءَ جي معيار کي سگھارو ڪري، ۽ پنھنجي مالي حيثيت ظاهر ڪرڻ جا ضابطا مضبوط بڻائي.

گورمينٽ ايڪٽ 1978 جي ضابطه اخلاق تحت آمريڪي سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ وفاقي ججن کي ڪجهه ٻين سرڪاري اختيارين جيان هر سال پنهنجي مالي حيثيت ظاهر ڪرڻي پوندي آھي.

ڪانگريس گذريل سال هڪ قانون پاس ڪيو ھو جنھن تحت ججن کي اسٽاڪ سان لاڳاپيل وھنوار ظاهر ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو.

سينيٽ جي ڪاميٽيءَ جي ھڪ ميمبر شيلڊن وائيٽ هائوس چيو آهي ته ججن لاءِ پنهنجا تحفا ۽ ٻيا معاملا ظاهر ڪرڻ جا ضابطا حڪومت جي ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نرم رھيا آهن، خاص طور تي ذاتي مهمان نوازيءَ جو معاملو، جنهن کي ظاهر ڪرڻ جي ججن کي ضرورت نه پوندي هئي.

نوان ضابطا 14 مارچ تي لاڳو ٿيا ۽ عدلتي شعبي جي پاليسي ساز اداري، جڊيشل ڪانفرنس جي هڪ ڪاميٽيءَ انھن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آھي، جنھن جو تفصيل آمريڪي عدالتن جي انتظامي دفتر جي ڊائريڪٽر، يو ايس ڊسٽرڪٽ جج روزلين ماسڪوف، پاران 23 مارچ تي وائيٽ هائوس ڏانهن موڪليل ھڪ خط ۾ بيان ڪيو ويو آھي.

نون ضابطن هيٺ ججن کي اڃا به اھڙا تحفا ظاهر ڪرڻ جي ضرورت ناهي جن ۾ ڪنھن شخص طرفان غير ڪاروباري مقصدن لاءِ ڏنل کاڌو، رهائش يا تفريح شامل هجي.

پر قائدا ۽ ضابطا اھو واضع ڪن ٿا ته ججن کي ڪاروباري جائيدادن جھڙوڪ هوٽلن ۽ تفريح گاھن ۾ رھڻ ۽ مهمان نوازيءَ جي تحفن کي ظاهر ڪرڻ گهرجي، جن جي خرچ جي ادائگي تحفا ڏيندڙ شخص بجاءِ ڪنهن ٽئين ڌر ڪئي ھجي.

(هن خبر جا تفصيل رائٽرز تان ورتا ويا آهن)

XS
SM
MD
LG