رسائی کے لنکس

آمريڪا پاران يوڪرين کي 40 ڪروڙ ڊالرن جي وڌيڪ فوجي امداد موڪلڻ جو اعلان


هائي موبيلٽي ايڊوانسڊ راڪيٽ سسٽم (فائيل فوٽو)
هائي موبيلٽي ايڊوانسڊ راڪيٽ سسٽم (فائيل فوٽو)

آمريڪا يوڪرين جي لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد رواني ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊونباس جي علائقي ۾ روسي جارحيت جي مقابلي لاءِ يوڪرين کي جديد هٿيارفراهم ڪرڻ آهي.

آمريڪي عمل دارن جمعي جي ڏينهن ٻڌايو ته 40 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد ۾چار جديد آرٽلري راڪيٽ سسٽم (هيمارس) ۽ هدف کي مهارت سان نشانو بنائڻ وارن 155 ملي ميٽر جا 1000 آرٽلري رائونڊ شامل آهن، ڪئيف کي ان کان اڳ آمريڪا هن نوعيت جا هٿيار فراهم ڪونه ڪيا هئا.

جيف سيلڊن جي رپورٽ مطابق، راڪيٽ سسٽم هيمارس برق رفتاريءَ سان پوزيشنون بدلائڻ ۽ هدف کي ٺيڪ نشانو لڳائڻ جي صلاحيت رکندو آهي.

آمريڪي محڪمه دفاع جي هڪ عمل دار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي جمعي ڏينهن صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هيءُ هٿيار جديد ۽ نشاني کي درستگيءَ ساڻ لڳڻ جي صلاحيت رکندو آهي.

عمل دار چيو ته کين توقع آهي ته يوڪريني فوج انهن هٿيارن جو بهتر استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڇو ته هاڻي تائين ٻئي هٿيار جنگ جي ميدان ۾ گهٽ ڪامياب رهيا آهن.

آمريڪا جي طرفان هٿيارن جي فراهميءَ تي يوڪرين جي صدر، ولوديمير زيلنڪسيءَ صدر بائيڊن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته ان سان يوڪرين کي روسي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

هڪ ٽوئيٽ ۾ زيلنسڪيءَ چيو آهي ته هن امداد سان دشمن تي دٻاءُ وجهڻ ۾ مدد ملندي.

آمريڪي عمل دار پراميد آهن ته هيمارس آرٽلري سسٽم جي فراهميءَ سان يوڪرين کي پنهنجي دفاع ۾ مدد ملندي ۽ ان جي ڪري باقي اسلحي جي بچت ٿي سگهندي.

خيال رهي ته ڪئيف تي قبضي ڪرڻ ۾ناڪاميءَ کان پوءِ روس ڊونباس جي صنعتي علائقي کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ هيءُ شهر روسي فوج جي تازه ترين ڪاروائين جو مرڪز بڻيل آهي.

(هن خبر ۾ شامل ڪجهه معلومات خبر رسان اداري، ايسوسي ايٽڊ پريس ۽ رائٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG