بائيڊن انتظاميه مرڪزي بينڪ جي ڊجيٽل ڪرنسي تيار ڪرڻ ڏانهن اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن کي عام زبان ۾ ڊجيٽل ڊالر جو نالو ڏنو پيو وڃي. مالياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي ڪري عالمي مالياتي نظام ۾ آمريڪا جي قائدانه ڪردار کي تقويت ملندي.
ان ڏس ۾جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس چيو آهي ته صدر جو بائيڊن هلندڙ سال مارچ ۾ هڪ انتظامي حڪم نامو جاري ڪيو هو جنهن ۾ مختلف ادارن کي اهو ڪم سونپيو ويو هو ته ڊجيٽل اثاثن جي انتظام قائم ڪرڻ جي معاملي تي ويچار ڪيو وڃي. انهن ادارن نون رپورٽون پيش ڪيون آهن جن ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي مالياتي مارڪيٽن تي پوندڙ اثرات، ماحول، جدت پسندي ۽ معاشي نظام جي ٻين عناصر سان متعلق مطالعو پيش ڪيو ويو آهي.
ماليات جي محڪمي جي وزير، جينٽ ييلن ٻڌايو آهي ته ٽريزري پاران هڪ سفارش اها ڪئي وئي آهي ته مرڪزي بينڪ جي ڊجيٽل ڪرنسي (سي بي ڊي سي) جي متعارف ڪرائڻ جي امڪان متعلق پاليسي ۽ ٽيڪنيڪل ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن اها ڳالهه يقيني بنائي سگهجي ته مجوزه ’سي بي ڊي سي’ جو فيصلو قومي مفاد ۾ هوندو.
خميص ڏينهن ٽيلي فون ڪال تي اخباري نمائندن کي انهن رپورٽن جا ڪجهه تفصيل پيش ڪندي، ييلن چيو ته ’’هن وقت موجوده ادائگيءَ جي نظام جا ڪجهه معاملا تمام سست يا تمام مهانگا آهن’’.
مرڪزي بينڪ جي ڊجيٽل ڪرنسي موجوده ڊجيٽل رقم کان مختلف هوندي جيڪا هينئرعوام کي دستياب آهي، جيئن ته بينڪ اڪائونٽ جو بيلينس، ڇو ته اها ڪمرشل بينڪ جي نه بلڪه ’فيڊرل رزو’ جي براه راست ذمه داري هوندي.
غير جانبدار ٿنڪ ٽينڪ، ’ايٽلانٽڪ ڪائونسل’ مطابق، دنيا جا 105 ملڪ جيڪي عالمي مجموعي قومي پيداوار جي 95 في صد جي نمائندگي ڪن ٿا، اهي اڳ ۾ ئي ڊجيٽل نظام جي امڪان جي تلاش جومطالعو ڪري رهيا آهن يا ’سينٽرل بينڪ ڊجيٽل ڪرنسي’ تيار ڪري چڪا آهن. ڪائونسل کي معلوم ٿيو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه ڊجيٽل ڊالر يا ان جي مساوي سڪي ٺاهڻ جي معاملي ۾ ڪافي پوئتي آهن.
خزانه ۽ انصاف جي محڪمن، ڪنزيومر فائنانس پراٽيڪشن بيورو، سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن ۽ ٻين ادارن کي اهو ڪم حوالي ڪيو ويو هو ته اهي پنهنجون رپورٽون ڏين جن ۾ ڊجيٽل اثاثا تيار ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي باري ۾ تشويش يا خطرن کي نمايان طور تي بيان ڪيو وڃي. ايندڙ ڪجهه هفتن ۽ مهينن دوران ڪافي رپورٽون سامهون اڇڻ جي توقع آهي.
ڪيپيٽل هل تي قانون ساز ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين ڊجيٽل اثاثن جو انتظام جاري ڪرڻ متعلق گهربل قانون سازي ڪندا.
نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي سربراه، برائن ڊيئز اخباري نمائندن کي ٻڌايو آهي ته ’’گزريل مهينن دوران ڪرپٽو ڪرنسي جي مارڪيٽن ۾ بگاڙ ڏٺو ويو آهي، جن جي روشنيءَ ۾ نگرانيءَ جي گهربل انتظام کان سواءِ اڳتي نه وڌڻ گهرجي، ڇو تي ڪرپٽو ڪرنسي عام آمريڪي جي مالي استحڪام ۽ اسان جي قومي سلامتيءَ جي لاءِ ڪنهن به طرح خطري جو يا نقصانده معاملو نه بڻجي’’.
هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته هيءَ انتظاميه اهو سمجهي ٿي ته ڪرپٽو ڪرنسيءَ جي انتظام کي محتاط نموني هلائڻ لاءِ بهتر بندوبست جي ضرورت پوندي.
(رپورٽ ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)