رسائی کے لنکس

سيلاب جي ڪري بصرن ۽ ٽماٽن جا فصل تباه، اگهن ۾ ٽيڻين واڌ


برسات بيهڻ کان پوءِ سبزيءَ ۽ فروٽ جا کليل ٽي دڪان.
برسات بيهڻ کان پوءِ سبزيءَ ۽ فروٽ جا کليل ٽي دڪان.

پاڪستان ۾ هڪ پاسي ملڪ جا چارئي صوبا سيلاب جي زد ۾ آهن ته ٻئي طرف سيلاب جي ئي نتيجي ۾ بصر ۽ ٽماٽن جا تيار فصل تباه ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۽ بلوچستان مان بصرن ۽ ٽماٽن جي رسد رڪجي وڃڻ جي نتيجي ۾ وچين ۽ ڏاکڻين پنجاب سميت وفاقي گاديءَ واري هنڌ، اسلام آباد ۾ انهن جي قيمتن ۾ ٽيڻون اضافو ٿي چڪو آهي.

دلالن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي ڀارت کان بصر ۽ ٽماٽن جي درآمد کي يقيني نه بنايو ته ان جي قيمتن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿي ويندو.

بصرن ۽ ٽماٽن جا فصل سنڌ، بلوچستان ۽ سوات جي علائقن ۾ ڪثرت سان پوکيا ويندا آهن ۽ آگسٽ ۽ سيپتمبر جا مهينا انهن جا فصلن جي ڪٽائيءَ کان پوءِ مارڪيٽ ڏانهن روانگيءَ جا هوندا آهن.

پنهنجيءَ رپورٽ ۾ احتشام شاميءَ ٻڌايو آهي عام طرح سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جيڪب آباد ۽ نصيرآباد ۾ هن مند ۾ بصر۽ ٽماٽا لهندا آهن، پر ٻئي ضلعا هن وقت سيلاب جي بدترين لپيٽ ۾ آهن. ان کان علاوه سنڌ جي ضلعن ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊي الهيار ۾ هن سال ٽماٽن جو فصل مثالي هيو، ليڪن اهي فصل سيلاب جي ڪري لڙهي ويا آهن.

سوات ۽ ان جي ارد گرد جي علائقن ۾ بصر جي پوک مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ڪٽائي آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿيندي. اهو چئي سگهجي ٿو ته سوات ۾ بصر جو فصل تياريءَ جي مرحلي ۾ هيو ليڪن اتي به سيلاب جي ڪري هر شئي ختم ٿي چڪي آهي، جن ۾ بصرن جو فصل به شامل آهي.

بلوچستان ۽ سنڌ منجهان رسد رڪجڻ کان پوءِ آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين سوات جي علائقي مان به بصر اچڻ جو هاڻي امڪان ڪونهي، جڏهن ته پنجاب ۾ بصرن جي پوک سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪئي ويندي آهي جنهن جو فصل مارچ ۽ اپريل ۾ لهندو آهي. جيڪڏهن موجوده ڏينهن ۾ ٻيجارو وڌيڪ لڳايو وڃي تڏهن به اهو فصل پنجن کان ڇهن مهينن کان اڳ ۾ تيار نه ٿو ٿي سگهي.

هفتي اندر اگهن ۾ ٽيڻين واڌ

بصرن ۽ ٽماٽن جو بحران اڃان شروع ٿيو آهي ته منڊين ۽ دڪانن تي انهن جي قيمتن ۾ ٽيڻون اضافو ٿي چڪو آهي.

پنجاب جي وچين علائقي جي ضلعن ۾ ٻه هفتا اڳ بصر 80 روپئي في ڪلو ملي رهيا هيا. هاڻي ان جي قيمت 300 روپيا ڪلو تائين وڃي پهچي وئي آهي. اهڙيءَ طرح ٽماٽن جي قيمت ٻه هفتا اڳ 100 روپيا ڪلو هيا جيڪي وڌي 300 روپيا في ڪلو ٿي ويا آهن.

ڀينڊي، ڪدو ۽ ڪريلا ڏکڻ پنجاب جي ضلعن مان ملڪ جي مختلف مارڪيٽن ڏانهن موڪليا ويندا هيا، جتان جي ڪن ضلعن ۾ فصلن کي نقصان رسيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته انهن ٽنهين سبزين جا اگهه وڌي لڳ ڀڳ ٻيڻا ٿي ويا آهن.

XS
SM
MD
LG