اربع ڏينهن کي سموري دنيا ۾ عورتن جي حقن جي عالمي ڏينهن جي طور ملهايو ويو. ان ڏينهن جو مقصد دنيا ۾ عورتن کي آڏو آيل مسئلن تي روشني وجهڻ هيو. عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ به ’عورت مارچ’ جي عنوان جون ريليون نڪتيون. هن سال ان ڏينهن جو موضوغ ’ڊجيٽل اسپيس ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي ممڪن بنائڻ’ هو.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪوئٽا ۾ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽيءَ جي انتظام هيٺ عورتن جي زوريءَ گمشدگين ۽ عدالت کان ماورا گرفتارين جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين حڪومت ۽ انصاف جي عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته بلوچستان ۾ بلوچ عورتن جي زوريءَ گمشدگين جي واقعن جو نوٽيس ورتو وڃي.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي اداري طالبان عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته عورتن ۽ نينگرين جي بنيادي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن، ۽ اهڙا ڪڌا ڪارناما روڪيا وڃن.
هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 16 لک افغان عورتن ۽ نينگرين کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي ضرورت آهي. ان جي باوجود طالبان عمل دارن غير سرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن تي پابندي لڳائي بين الاقوامي امدادي ڪوششن کي شديد نقصان پهچايو آهي، جيڪو سندس زندگي گزارڻ جي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.
گڏيل قومن جي اداري اربع ڏينهن چيو ته عورتن ۽ نينگرين جي حقن تي طالبان جي پابندين جي ڪري اهي گهڻي ڀاڱي گهرن ۾ ئي قيد ٿي چڪيون آهن، جنهن جي ڪري افغانستان عورتن جي لاءِ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڏاڍائي ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي.
موقعي جي مناسبت سان عالمي اداري جو هيءُ بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪارڪن عورتون افغان گاديءَ واري هنڌ ڪابل جي گلين ۾ حڪمران طالبان پاران نينگرين جي پڙهائيءَ ۽ ڪم تائين رسائيءَ تي پابنديءَ جي خلاف ٻن ڏينهن تائين احتجاج ڪرڻ جي لاءِ ڪٺيون ٿيون.
طالبان عورتن ۽ نينگرين جي لاءِ يونيورسٽين ۽ اسڪولن کي ٻيهر کولهڻ ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جي حق جو مطالبو ورجايو.
احتجاج ڪندڙ عورتن ’زندگي، انصاف ۽ آزادي’ جا نعرا هنيان. ڪابل جي ريليءَ ۾ مظاهري ڪندڙن جي هٿن ۾ هڪ لکت هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي ادارو افغان عوام جي باري ۾ قسمت جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪو سنجيدي قسم جو قدم کڻي.
افغان ڪارڪن عورتن چيو آهي ته جيڪڏهن عالمي برادري افغان عورتن جي مدد ڪرڻ گهري ٿي ته کيس رڳو بيان جاري ڪرڻ جي بجاءِ عمل تي زور ڏيڻ کپي. انهن چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي قبضي جي 18 مهينن کان وڌيڪ عرصي دوران افغان پنهنجا سمورا حق وڃائي ويٺا آهن.
گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتيرس سومر ڏينهن عورتن جي حيثيت متعلق ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت عورتن ۽ نينگرين جو عوامي زندگيءَ مان مڪمل طور نالو ميساري ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ عورتن ۽ نينگرين جو عوامي زندگيءَ ۾ ڪو ڪردار باقي نه رهيو آهي.
گوتيرس وڌيڪ چيو ته اقوام متحده هر صورت ۾ افغانستان ۾ عورتن ۽ نينگرين جي بنيادي حقن جو مطالبو ڪندي رهندي.