ڀارت چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري، يعني سي پيڪ ۾ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شرڪت ناقابل قبول هوندي. ڀارتي عمل دارن جي چوڻ مطابق سي پيڪ منصوبي جو ڪجهه حصو پاڪستان جي زير انتظام، مبينه طور تي، سندس علائقن مان گزري ٿو، جنهن تي ڀارت پنهنجي دعوي ڪندو آهي.
ڀارت جي طرفان هيءُ بيان سي پيڪ جي بين الاقوامي تعاون ۽ رابطه ڪاري جي مشترڪ ورڪنگ گروپ جي تازو ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ سامهون آيو آهي. پاڪستان ۽ چين سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن جي سيڙپ جي دعوت سان گڏوگڏ هن منصوبي کي افغانستان تائين وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
اڱاري ڏينهن ڀارت جي وزارت خارجه جي ترجمان، ارندم باگچيءَ هڪ بيان ۾ افغانستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو نالو نه وٺندي چيو ته سي پيڪ ۾ ڪنهن ٽئين ملڪ جي پاران سيڙپ غير قانوني ۽ ناقابل قبول آهي، جيڪا، سندس مطابق، ڀارت جي خودمختياريءَ ۽ علائقائي سالميت جي خلاف هوندي.
ياد رهي ته ڀارت ماضيءَ ۾ سي پيڪ جي تحت پاڪستاني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جاري منصوبن جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ۽ پاڪستان کان سي پيڪ منصوبن متعلق ڀارت جي موئقف کي رد ڪندو آيو آهي.
ڀارت جي وزارت خارجه جي ترجمان جي تازي بيان تي هاڻي تائين پاڪستان يا چين جي طرفان ڪو تبصرو سامهون نه آيو آهي. ليڪن اسلام آباد جو موقف آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ متنازع علاقو آهي جنهن جو حل اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي تحت ٿيڻ گهرجي.
ٻئي پاسي، چين سي پيڪ منصوبي جو دفاع ڪندي چوندو رهيو آهي ته هيءُ اقتصادي منصوبو آهي جيڪو ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف ناهي.
سي پيڪ چين جي وسيع بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم حصو آهي ۽ بيجنگ انهيءَ کي صرف پاڪستان تائين محدود رکڻ بجائي ٻين ملڪن تائين به واڌ ڏيڻ چاهي ٿو.
ٻئي طرف ڀارت پهرين به سي پيڪ منصوبن جي باري ۾ پنهنجن اعتراضن جو اظهار ڪندو رهيو آهي.
ڀارت کي ڇو اعتراض آهي؟
پاڪستان جي بورڊ آف انويسٽمنٽ جي سابق سربراه، هارون شريف چيو آهي ته ڀارت کي هاڻي هيءُ به اعتراض ٿي سگهي ٿو ته سي پيڪ جهڙن منصوبن کي وسعت ڏيڻ سان افغانستان تائين وڌائڻ جو فيصلو صرف چين ۽ پاڪستان نه ٿا ڪري سگهن.
هوڏانهن بين الاقوامي امور جي تجزيه ڪار، نعيم احمد جو چوڻ آهي ته هن وقت ڀارت جو جهڪاءُ آمريڪا جي طرف آهي ۽ ڀارت خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر و رسوخ کي پنهنجي مفادن جي حق ۾ نه ٿو سمجهي.
سندس بقول، في الحال ڀارت هن منصوبي ۾ ٻين ملڪن جي شرڪت ۽ ان منصوبي کي افغانستان تائين وڌائڻ جي حق ۾ ناهي.
ڇا مستقبل ۾ ڀارت به سي پيڪ جي منصوبن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو؟
نعيم احمد چيو آهي ته اهو به عين ممڪن آهي ته ڀارت مستقبل ۾ اهو سمجهندي ته خطي ۾ وڌندڙ اقتصادي راهداري جا منصوبا ان جي مفاد ۾ آهن، ان صورت ۾ هو ان منصوبي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
پر نعيم احمد جو چوڻ آهي ته هن وقت سڀني کان وڏو چيلنج افغانستان جي صورت حال آهي ۽ اتي هڪ مستحڪم حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ئي سي پيڪ افغانستان کان اڳتي وڌي سگهندو.
پاڪستان ۽ چين جي خواهش جي باوجود هاڻي تائين ڪنهن ٻئي ملڪ جي طرفان سي پيڪ جي منصوبن ۾سيڙپ ڪرڻ جو ڪو واضح اشارو نه ڏنو آهي.