چيو ويندو آهي ته، ’پيسي سان گهڙي خريد ڪري سگهجي ٿي، پر وقت نه ٿو خريد ڪري سگهجي’. اهو فقرو ڪيترن ئي مصنفن سان منسوب آهي. هيءَ ڳالهه هڪ حقيقت آهي. پر ڪجهه گهڙيون اهڙيون هونديون آهن جن کي تمام گهٽ ماڻهو خريد ڪري سگهندا آهن.
دنيا ۾ انتهائي قيمتي گهڙين جو ڪاروبار اربين ڊالر ٻڌايو ٿو وڃي. ان ۾ ڪيتريون ئي ’برانڊس’ هر سال ’ليميٽيڊ ايڊيشن’ به رليز ڪنديون آهن.
ڪاروباري خبرن جي ويب سائيٽ ’انسائيڊر’ جي هڪ رپورٽ مطابق، سال 2017 ۾ دنيا ۾ 32 گهڙيون ۽ زيور ٺاهڻ وارين ڪمپنين ٻن ارب ڊالرن جو ڪاروبار ڪيو.
گهڙي ساز ڪمپنين پاران متعارف ڪيل نئين گهڙين سان گڏوگڏ قيمتي گهڙين جو ٻيهر وڪرو يا ’ري سيل’ جو مقدار نئين گهڙين جي ڪاروبار کان به وڌيڪ ٻڌايو ٿو وڃي.
گزريل سال خبرن جي اداري، ’رائيٽرز’ پاران شائع ٿيڻ واريءَ هڪ رپورٽ مطابق ’پري اونڊ’ يعني ڪمپنيءَ جي بجاءِ ڪنهن فرد جي زير ملڪيت گهڙين جي وڪامڻ جو اندازو 16 ارب ڊالر هيو ۽ هي ڪاروبار هر سال 25 في صد جي شرح سان وڌي رهيو آهي. ليڪن گهڙين جي ڪاروبار متعلق اچڻ وارين ڪن ٻين رپورٽن ۾ان خريد و فروخت جو مقدار ان کان به گهڻو وڌيڪ ٻڌايو ٿو وڃي.
مهانگيون ترين گهڙيون
قيمتي شين ۽ جائداد وٺڻ ۽ وڪامڻ جون خدمتون فراهم ڪرڻ واريءَ هڪ ويب سائيٽ مطابق، سال 2022 ۾ پيش ڪيل مهانگي ترين گهڙي ساڍن پنجن ڪروڙ ڊالرن جي آهي. ان گهڙيءَ تي قيمتي هيرا جڙيل آهن ۽ اها برطانيه جي زيور ٺاهڻ واري ڪمپني، ’گراف’ تيار ڪيون هيون. ان قيمتي گهڙيءَ جو نالو ’گراف هيلوسينيشن’ آهي.
ان کان پوءِ ’گراف’ جي ئي تيار ڪيل هڪ ٻي گهڙي ’فيسي نيشن’ آهي، جنهن جي قيمت چار ڪروڙ آمريڪي ڊالر آهي. ٽئين نمبر تي سوئس ڪمپني ’پيٽڪ فلپ’ جي تيار ڪيل ’گرانڊ ماسٽر چين’ آهي جنهن جي قيمت ٽي ڪروڙ ڏهه لک ڊالرن کان مٿي آهي.
چوٿين نمبر تي جاپاني ڪمپني ’ڪيرٽ’ جي تيار ڪيل ’چيپروڊ 201’ آهي جيڪا اڍائي ڪروڙ ڊالر ماليت جي آهي، جڏهن ته پنجين نمبر تي ’جيڪب اينڊ ڪو’ ڪمپنيءَ جي ’دي بلينيئر واچ’ آهي جنهن جي قيمت هڪ ڪروڙ 80 لک ڊالن کان وڌيڪ آهي.
گهڙيون ايتريون قيمتي ڇو هونديون آهن؟
گهڙين جي معيار جي متعلق سڀ کان پهريان سوئٽزرلينڊ جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو. سوئز ڪمپنين جي تيارد ڪيل گهڙين کي دنيا ۾ بهترين تصور ڪيو ويندو آهي. هڪ اندازي جي مطابق، 2019 ۾ سوئٽزرلينڊ 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جون ڪارائيءَ ۾ ٻڌڻ واريون گهڙيون برآمد ڪيون.
سوٽزرلينڊ ۾ هر سال ٻه ڪروڙ گهڙيون تيار ڪيون وينديون آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ تيار ٿيڻ وارين گهڙين جو ٻه في صد آهن. تمام مهانگين برانڊس جو مرڪز هئڻ سبب انهن تيار ٿيندڙ گهڙين جي قيمت 50 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ هوندي آهي.
ڪنهن گهڙيءَ ۾ جڙيل هيرا، جواهر يا سون ئي ان کي قيمتي بڻائيندو آهي يا ان جي پٺيان ڪيترا ٻيا عوامل هوندا آهن ان باري ۾’فيڊريشن آف سوئز واچ انڊسٽري’ ڪيترا ٻيا تفصيل به بيان ڪري ٿي.
فيڊريشن جي ويب سائيٽ مطابق، ڪنهن به گهڙيءَ جي حرڪت کي درست انداز ۾ جاري رکڻ جي لاءِ ان جا پرزا بي انتها باريڪ بينيءَ سان تيار ڪيا ويندا آهن. ان ۾ انجنيئرنگ جي تمام گهڻي مهارت جي ضرورت پوندي آهي.
ان مقصد جي لاءِ مشين سان تيار ڪيل پرزا به استعمال ٿيندا آهن. ليڪن، ڪيترا ڀيرا گهڙين جي مختلف ڊيزائن ۽ مقدار سان تمام ننڍا پرزا به هٿ سان تيار ڪرڻا پوندا آهن جنهن تي گهڻو وقت صرف ٿيندو آهي. ان ڪري، ڪن ’برانڊس’ جون ڪجهه گهڙيون ’ليميٽيڊ ايڊيشن’ ئي متعارف ڪرائينديون آهن، ڇو ته هنرمند ڪاريگرن ۽ انجنيئرن جي محدود تعداد جي ڪري هڪ خاص مدت ۾ ان کان وڌيڪ تعداد ۾ گهڙيون تيار ڪرڻ ممڪن نه هونديون آهن.
فيڊريشن جي مطابق،گهڙيءَ جي مشينري سان گڏ ان جا خول يا ’ڪيس’ جي تياريءَ ۾استعمال ٿيڻ وارو مواد به ان جي قيمت ۾ شامل هوندو آهي. ان ڪري، پلاسٽڪ يا اسٽيل جي ڪيسنگ ۾ مسيرگهڙين جي قيمت به اهڙي حساب سان شامل ٿيندي آهي. ليڪن چاندي، سون يا پلاٽينم سان تيار ڪيل ڪيسز وارين گهڙين جي قيمت انهن ڌاتن جي قيمت جي مطابق هوندي آهي.
’سوئز واچ انڊسٽري فيڊريشن’ مطابق، گهڙيءَ جي ڊائل جي ڊيزائيننگ ۽ ان جي حفاظت جي لاءِ ان تي لڳايل ڪرسٽل جي ڪري به قيمت وڌي ويندي آهي.
طلب ۽ رسد جو فرق ۽ سيڙپ
گهڙين جي خريد ۽ فروخت جي لاءِ صلاح ڏيندڙ هڪ ويب سائيٽ، ’واچ ڪنسلٽينٽ’ جي مطابق، ڪن گهڙين جي قيمت طلب ۽ رسد جي بنيادي اصول جي مطابق به زياده هوندي آهي، يعني ڪنهن خاص ڊيزائين جي گهڙيءَ جي طلب وڌيڪ ۽ ان جو دستياب تعداد گهٽ هجڻ جي صورت ۾ گهڙين جو شوق رکڻ وارن جي وچ ۾ مقابلو ان گهڙيءَ جي قيمت کي ڪيترا ڀيرا وڌائي ڇڏيندو آهي.
’انسائيڊر’ جي رپورٽ جي مطابق، طلب ۽ رسد جي فرق جي ڪري گهڙين جي قيمتن ۾ اضافي جو درست اندازو ’ڪرونا وائرس’ جي وبا دوران ٿيڻ واري ڪاروبار مان لڳائي سگهجي ٿو.
وبا جي ڪري ڪيتريون ئي ڪمپنيون بروقت پنهنجون نيون ڪليڪشنز متعارف نه ڪرائي سگهيون آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي ناياب يا ڪمياب گهڙين جي نيلامي به رڪيل رهي. ان جي ڪري نادر شين جيان وبا دوران گهڙين جون قيمتون به مٿي ويون ڇو ته گهڙيون تيار ڪرڻ وارين ڪمپنين وٽ نوان آرڊر بروقت مڪمل ڪرڻ جي فرصت نه هئي ۽ طلب ۽ رسد جي فرق وبا جي دوران زندگيءَ جو ڪاروبار بند ٿيڻ جي ڪري وڌي ويو آهي.
تربيت ۽ لاڳت
’واچ ڪنسلٽنيٽ’ مطابق، ڪن گهڙين جي تياريءَ تي انجنيئرنگ سميت ڪجهه اهڙي مهارت جي ضرورت پوندي آهي جنهن جي تربيت تي به ڀاري خرچ ايندو آهي. بعد ۾ اها لاڳت انهن گهڙين جي اگهن ۾ شامل ڪئي ويندي آهي. اهو به ڪن گهڙين جي گهڻي قيمت جو هڪ سبب آهي.
اهڙيءَ طرح، گهڙيءَ جي تياري کان وٺي ان جي وڪري تائين مارڪيٽنگ، ڊسٽريبيوشن، اشتهارن جهڙا ٻيا خرچ به ان جي قيمت ۾ شامل هوندا آهن. اهي مڙئي عوامل ملي گهڙين کي بي بها سرمايو بڻائي ڇڏيندا آهن.