ڇا ويب ٽيلي اسڪوپ جي دريافت سائنس جو تماشو آهي يا خدا جي اڻ ڏٺي ڏيهه جو معجزو؟

ويب ٽيلي اسڪوپ جي ورتل اڻ ڄاتل ڪائنات جي هڪ تصوير (فائيل فوٽو)

جڏهن هن مهيني ناسا سڀ کان طاقتور ۽ وڏي خلائي ٽيلي اسپڪوپ جي مدد سان زمين ڏانهن موڪليل تصويرون جاري ڪيون ته آمريڪي سينيٽر مارڪو روبيو ٽوئيٽر تي اهي تصويرون شيئر ڪندي مقدس ڪتاب، انجيل جي آيت به نقل ڪئي، جنهن مطابق، ڪائناتون خدا جي واکاڻ جو اعلان آهن، درج هو.

ويب ٽيلي اسڪوپ زمين کان تقريبن 20 ڪروڙ ڪلوميٽر پري سج جي مدار جو چڪر هڻي رهيو آهي.

ان سائنسي تحقيق جو مشن انتهائي حساس انفرا ريڊ ڪيميرائن جي مدد سان ڪائنات جي وسعتن ۾ تارن جي ميڙ يعني ڪهڪشائن جي کوجنا ڪرڻ ۽ زمين تي ويٺل ماهر سائنسدانن کي پل پل جي خبر ڏيڻ آهي.

اڻ ڏني ڪائنات جي باري ۾ هيليتائين موڪليل تصويرون، جيڪي عام ماڻهن جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن، تن منجهان تارن جي ميڙن جي منظر ڪشي ٿئي ٿي، جيڪي آسمان کي روشن ڪيون بيٺا آهن.

روبيو جي ٽوئيٽ تي عام رد عمل منجهه ڪجهه اهڙا جملا به هيا ته، ڇا توهان کي اهو احساس آهي ته جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيو اهو سائنس جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي؟ ۽ جيڪڏهن توهان سائنسي لحاظ کان گهربل درجي جي ڄاڻ رکو ها ته اهي تصويرون توهان جي ڏند ڪٿا کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.

دليل ۽ وهم؟

شڪ جي بنياد تي ٻڌل اهي جملا ان مباحثي تي مبني آهن ته ڇا سائنس ۽ مذهب گڏ هلي سگهن ٿا؟

ارتقائي حياتيات دان ۽ شڪاگو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، جيري اي ڪوئن جي لفظن ۾، ڪيترائي مذهب موجود آهن، جن مان هر ڪو حقيقت جي متعلق پنهنجي قسم جي دعوي ڪري ٿو، نه صرف خدا جي باري ۾، ليڪن تاريخ، معجزات جي باري ۾ به ته ڇا ٿيو ۽ ڇا ٿيندو. سڀئي مختلف آهن ان ڪري اهي سڀئي صحيح نه ٿا ٿي سگهن.

ڪوئن مذهب کي وهم خيال ڪندو آهي. هن ڪتاب لکيو هو جنهن جو عنوان آهي، ويساه ۽ حقيقت، سائنس ۽ مذهب نامواقف آهن، گڏ نه ٿا هلي سگهن.

سال 1998 ۾ هڪ سروي ٿيو جنهن مان معلوم ٿيو ته نيشنل اڪيڊمي آف سائسنز جا 93 في صد ميمبر خدا ۾ يقين نه ٿا رکن. اڪيڊمي آمريڪا جي تمام معزز سائنسي تنظيمن مان هڪ آهي.

ڪينيٿ ملر رومن ڪيٿولڪ آهي ۽ رهوڊ آئي لينڊ ۾ برائون يونيورسٽيءَ ۾ موليڪيولر بايولوجي ۽ بائوڪيمسٽريءَ جو پروفيسر آهي. هن جي لفظن ۾، مان ذاتي طرح سان سمجهان ٿو ته ان جا ڪيترا ئي سبب آهن. ان مجهان هڪ اهو ته جيڪڏهن ايمانداريءَ سان چئجي ته ڪيترا ئي مذهبي ادارا ۽ ڪيترا ئي مذهبي گروه سائنس جي لاءِ دل ۾کلي مخالفت رکن ٿا. مان سمجهان ٿو ته انهيءَ جي ئي ڪري جيڪي مذهب ۾ يقين رکن ٿا اهي سائنس کان پاسو ڪن ٿا.

سائنس ۽ اعتقاد

حالانڪه اها به حقيقت آهي ته دنيا جا ڪيترائي وڏا سائنس دان مذهب ۾ ويساه رکندا هيا.

بگ بينگ ٿيوري جيڪا ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جي وضاحت ڪري ٿي، اها هڪ ڪيٿولڪ پيشوا پيش ڪئي هئي، جيڪو فلڪيات دان ۽ علم طبيعيات جو پروفيسر هيو.

فرانسز ڪولنز نيشنل انسٽي ٽيوٽس آف هيلٿ جو اڳوڻو سربراه هو، جنهن انساني جينوم جي پهرئين نقشي جوڙڻ ۾ مدد ڏني. هو ڪنهن وقت بي دين هو، جنهن بعد ۾ پاڻ کي اوينجليڪل ڪرسچين سڏايو.

فاروق الباز بوسٽن يونيورسٽيءَ م آثار قديما، اليڪٽرڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي شعبن جو پروفيسر هو. هن چيو آهي ته هن جا سائنسي ميدان جا ساٿي سائنس ۽ مذهب وچ ۾ ڪنهن تضاد کي نه ٿا مڃن. الباز اسلام جي هڪ عالم جو پٽ هو. هن مطابق، حقيقت اها آهي ته ويب ٽيلي اسڪوپ جي دريافت ٻنهين (سائنس ۽ مذهب) کي سرخرو ڪري ٿي.

هن چيو آهي ته سائنس دراصل مذهب جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. خدا اسان کي ٻڌايو آهي ته هن ئي زمين ۽ آسمان کي خلقيو آهي. ڪائنات وسيع تر آهي جنهن ۾ هر اڻ ڏٺل دنيا اچي ٿي وڃي. سائسني تحقيق دراصل ان کي ثابت ٿي ڪري.

ارتقا، تخليق يا ٻئي؟

ڪيترن جي نگاه ۾ سائنس ۽ مذهب ۾ ڪو جهيڙو ڪونهي، ويڙه تڏهن ٿئي ٿي جڏهن تخليق جي عمل جي باري ۾ مختلف خيالات سامهون اچن ٿا، جنهن ۾ اهو چيو ٿي وڃي ته ڪنهن وڏيءَ ذات ڌرتي ۽ آسمان جوڙيا، ۽ ارتقا جي عمل جنهن ۾4.5 ارب سال اڳ جيوت پيدا ٿيا ۽ زندگي اڳتي وڌي.

ملر ارتقا جي نظرئي ۾ يقين رکي ٿو. هن چيو آهي ته الهامي ڪتاب علامتي زبان استعمال ڪن ٿا ۽ تخليق ڪندڙ ۽ مخلوق جي وچ ۾ فرق جي وضاحت ڪن ٿا، اهڙيءَ زبان ۾ جيڪا سائنس کان اڳ جي دنيا جي ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾اچي پئي.