وزير اعظم شهباز شريف ۽ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن وچ ۾ هڪ مختصر ملاقات ٿي آهي. هيءَ ملاقات اربع جي رات آمريڪا جي صدر پاران گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ عالمي رهنمائن جي عشائيه جي موقعي تي ٿي.
اها ڳالهه پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير، حنا رباني کر ٻڌائي آهي.
نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي حنا ربانيءَ شهباز شريف ۽ جو بائيڊن جي گفتگو کي ’’تعميري ۽ خوش آئند’’ قرار ڏنو.
ان موقعي تي حنا ربانيءَ چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات هڪ مضبوط بنياد تي شروع ٿي رهيا آهن.، ۽ ’’اسان کي ڪا جلدي ڪانهي.’’
هن چيو ته ٻوڏ جي هاڃن جي ڪري، پاڪستان لاءِ ڪافي همدردي ڏٺي پئي وڃي، ۽ هاڻي ان همدرديءَ کي ٺوس مدد جو روپ ڌاريندي ڏسڻو آهي، ته جيئن ملڪ کي تباهيءَ کان بحاليءَ ڏانهن آندو وڃي.
سندس بقول، اسان بين الاقوامي برادريءَ کي ماحولياتي تغير جي تباه ڪارين جي متعلق تفصيلي طور تي آگاه ڪيو ويو آهي، جنهن ٻوڏ جو ڪارڻ موسميات جي تبديلي آهي.
هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن منجهند جو جنرل اسمبليءَ کي خطاب ڪري رهيو آهي ۽ توقع ڪئي پئي وڃي ته هو پنهنجيءَ تقرير ۾ پاڪستان ۾ تازي سيلاب جي تباه ڪارين ۽ انهيءَ جي ڪري پهريان ئي مشڪل معاشي حالات تي پوڻ واري دٻاءَ جي باري ۾ دنيا کي آگاه ڪندو.
ان کان اڳ ’بلومبرگ’ کي انٽرويو ڏيندي، شهباز شريف هن ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي سيلاب کان متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحاليءَ جي لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏي قيمت چڪائڻي پئي آهي.
وزير اعظم جمعي جي ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جنرل اسمبليءَ جي اجلاس جي موقعي تي عالمي رهنمائن ملاقاتن دوران پاڪستان سان همدردي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سندس بقول، وقت اچي ويو آهي ته ان همدرديءَ کي عملي شڪل ڏني وڃي ته جيئن سيلاب جي ڪري پيدا ٿيڻ واري بحران تي قابو پائي سگهجي.
آمريڪا جي صدر جو بائيڊن اربع ڏينهن جنرل اسمبليءَ کي خطاب ڪندي ماحولياتي تبديلين جو حوالو ڏيندي چيو هو ته پاڪستان پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي جڏهن ته آفريقه ۾ سوڪهڙو ۽ ڏڪار آيل آهي. سندس لفظن ۾، ماحولياتي تبديلين جي وڏي قيمت ڏيڻي پئي آهي.
گڏيل قومن جي اداري جي نائب سيڪريٽري جنرل فار گلوبل ڪميونيڪيشن، مليزا فليمنگ به وزير اعظم شهباز شريف سان گڏ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي طرفان ٻوڏ جي تباه ڪارين جي تصويري نمائش جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي تباهي آئي آهي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو ان ڳالهه تي يقين نه ٿا ڪن ته ماحولياتي تغير دنيا جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي انهن کي کپي ته اهي پاڪستان وڃن ۽ ڏسن ته ڇا وهي واپري رهيو آهي.
مليزا فليمنگ چيو ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي فنڊز درڪار آهن. ان جا ماڻهو مشڪل ۾ ڦاٿل آهن. انهن کي نئين سر اڏاوت ۽ ’ڪلائيميٽ جسٽس’ جي ضرورت آهي.