ڪراچي پوليس آفيس تي فورسز جو ڪنٽرول بحال، ٽن دهشت گردن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

سنڌ پوليس

هڪ سرڪاري ترجمان ٻڌايو آهي ته ٽي دهشت گرد مارجي ويا آهن، ۽ ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ڪراچي پوليس آفيس جو ڪنٽرول ٻيهر سنڀالي ورتو آهي. پوليس ڪمانڊوز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ عمارت ۾ داخل ٿي ويا آهن ۽ عمارت کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي.

ڪراچيءَ مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي محمد ثاقب ٻڌايو آهي ته پوليس هيڊ آفيس تي دهشت گرد حملي ۾ مجموعي طور تي ٽي مبينه دهشت گرد هلاڪ ٿيا، جن منجهان هڪ دهشت گرد پاڻ کي پاڻ ئي ماريو، جڏهن ته ٻه پوليس عمل دار، هڪ رينجرز فورس جو اهل ڪار ۽ هڪ سويلين ملازم مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿيا آهن.

مڪاني ميڊيا رپورٽن مطابق، ڪراچي پوليس هيڊ آفيس تي دهشت گردن جي حملي ۾ هاڻي تائين ٽي دهشت گرد ماريا ويا آهن، جن منجهان هڪ دهشت گرد پاڻ کي پاڻ ئي آفيس جي ڇت تي بارودي جيڪٽ ذريعي ڀسم ڪري ڇڏيو.

ايسو سي ايٽڊ پريس پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته دهشت گردن سان جهڙپ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ پوليس آفيسر ۽ هڪ شهري هلاڪ ۽ سيڪيورٽي فورس جا 11 اهلڪار زخمي ٿيا. سرڪاري عمل دار ۽ سنڌ صوبي جي پوليس سربراه غلام نبي ميمڻ ٻڌايو آهي ته ٻه حمله آور به مارجي ويا آهن.

سيڪيورٽي عهديدارن چيو آهي ته حملو ڪندڙن کي خودڪش بم جيڪيٽ پاتل هيا ۽ انهن منجهان هڪ پوليس جي عمارت جي اندر پاڻ کي ڌماڪي ۾ ڀسم ڪري ڇڏيو.

ڊپٽي انسپيڪٽر عرفان بلوچ رائيٽرز کي ٻڌايو ته حملي جي وقت اسٽيشن تي 30 تائين پوليس اهل ڪار موجود هيا.

پوليس مطابق دهشت گردن جي خلاف ڪمانڊو آپريشن جاري آهي، جنهن دوران هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ڪري عمارت جي ڪجهه حصي کي نقصان پهتو ۽ درين جا شيشا ٽٽي پيا.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه چيو آهي ته پوليس آفيس جي پنجن ماڙين جي عمارت جون ٽي ماڙيون ’ڪليئر’ ڪرايون ويون آهن. هن چيو ته صوبائي حڪومت فوج جي مدد گهري آهي. اسان جي اولين ترجيح صورت حال کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي.

پنهنجي بيان ۾ سنڌ رينجرز جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي پوليس جي سربراه جي دفتر تي حملي جي اطلاع تي رينجرز جي ’ڪوئيڪ ريسپانس فورس’ واردات جي هنڌ تي پهچي ۽ علائقي کي گهيري ۾ ورتو.

ترجمان مطابق، پوليس سان گڏجي رينجرز دهشت گردن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو. ابتدائي اطلاعن موجب 8 کان 10 هٿياربند دهشت گردن حملو ڪيو هو ۽ انهن جي اتي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي وئي.

پوليس سرجن ڊاڪٽر سيمه سيد اخبار ڊان چي ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ ٻه لاش ۽ ٽن زخمين کي آندو ويو آهي.

ابلاغ جي مڪاني ذريعن جي رپورٽن مطابق، مبينه طور تي حملو ڪندڙن ڪراچيءَ جي پوليس آفيس (ڪي پي او) کي جمعي جي رات سوا ستين وڳي نشانو بنايو جنهن کان پوءِ سڄو علائقو فائرنگ جي آوازن ۾ گونجندو رهيو.

Pakista

بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي ذمي داري قبول ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي.

پاڪستان جي صدر عارف علويءَ هڪ بيان ۾ ڪراچيءَ ۾ حملي جي مذمت ڪئي آهي.

هن چيو ته دهشت گردن حملو ڪيو جنهن کان پوءِ مقابلو جاري آهي.

ان کان اڳ داخله واري وفاقي وزير، رانا ثنا الله هڪ بيان ۾ چيو ته سندس آئي جي سنڌ سان ڳالهه ٿي آهي جنهن مطابق عمارت ۾ ڇهه کان ست دهشت گرد موجود آهن.

رانا ثنا الله وڌيڪ چيو ته دهشت گرد پوليس آفيس جي ٽئين ماڙ تي آهن جتي سندن مقابلو ڪيو پيو وڃي. حملي آورن پهرين پارڪنگ تي دستي بن اڇلايو جنهن کان پوءِ فائرنگ شروع ڪري ڏني.

جناح اسپتال جي ذريعن مطابق هڪ زخميءَ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

رينجرز کي به حملي جي جاءِ تي گهرايو ويو جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن مان پوليس به واقعي جي هنڌ پهچي چڪي آهي.

پوليس حڪام جي چوڻ مطابق ڪراچي پوليس هيڊ آفيس ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو.

ڪراچي پوليس آفيس شهر جي مصروف ترين شاهراه فيصل سان لڳ آهي، جڏهن ته ڪي پي او سان گڏ صدر ٿاڻو ۽ وومين پوليس اسٽيشن موجود آهي. ان آفيس جي ويجهو تجارتي عمارتون ۽ مسيحي قبرستان به آهن.

وزير اعظم شهباز شريف جو نوٽيس

هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي ٿيڻ واري حملي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کان رپورٽ گهري ورتي آهي.

شهباز شريف دهشت گردن جي خلاف تڪڙي ڪاروائيءَ تي پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ساراهيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ناقابل قبول آهي.

مراد علي شاه عمل دارن کان واقعي جي رپورٽ ورتي، جڏهن ته وڏي وزير جي آفيس چيو آهي ته وڏي وزير پاڻ سڄي آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي.

خانگي نيوز چينل، دنيا سان گفتگو ڪندي گورنر ڪامران ٽسوريءَ دعويٰ ڪئي ته ان حملي تي 90 في صد ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هيءُ حملو دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

هيءُ حملو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن ٻاهرين ملڪن سان تعلق رکڻ وارا ڪرڪيٽ جا رانديگر ’پاڪستان سپر ليگ’ ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ ڪراچي ميزبان شهرن منجهان هڪ آهي، جتي ڇنڇر ڏينهن هڪ ميچ ٿيڻي آهي. اسٽيڊيم جي رستي ۾ پوليس اسٽيشن واقع آهي ۽ رانديگرن جو هوٽل ان کان ڪجهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.

ڪراچيءَ جي پوليس هيڊڪوارٽر تي هيءُ حملو پشاور جي پوليس لائنز مسجد تي خودڪش ڌماڪي جي ٻن هفتن کان پوءِ ٿيو آهي جنهن ۾ پوليس اهل ڪار جي ويس ۾ خودڪش بم حملي ڪندڙ 101 ڄڻن کي ماريو هيو.

عمل دارن تحريڪ طالبان پاڪستان کي گزريل مهيني مسجد ۾ ٿيڻ واري بم ڌماڪي جو ذمي دار قرار ڏنو آهي ۽ ٽي ٽي پي جي هڪ ڪمانڊر، سريڪف مهمند ان جي ذمي داري قبول ڪئي هئي.