نيو ميڪسيڪو ۾ سلسلي وار هلاڪتن تي بائيڊن جو مسلمان ڪٽمبن سان همدرديءَ جو اظهار

البڪرڪي پوليس جنهن ڪار کي ڳولهي رهي آهي ان متعلق جاري ڪيل هڪ پوسٽر

آمريڪي صدر جو بائيڊن آچر ڏينهن نيو ميڪسيڪو جي البڪرڪي ۾ چوٿين مسلمان جي مارجي وڃڻ تي مسلمان ڪميونٽيءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهار ڪيو آهي، جنهن کي عمل دارٽارگيٽ حملن جي هڪ سلسلي طور ڏسي رهيا آهن.

بائيڊن چوٿين موت جي خبر کان پوءِ ٽوئٽر تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته هو انهن واقعن تي ناراض ۽ غمگين آهي.

هن چيو ته منهنجون دعائون متاثرين جي خاندانن سان گڏ آهن ۽ منهنجي انتظاميه مسلمان ڪميونٽيءَ سان مضبوطيءَ سان گڏ بيٺي آهي. سندس لفظن ۾، انهن نفرت انگيز حملن جي آمريڪا ۾ ڪا گنجائش ڪانهي، جنهن جي مڪمل تحقيقات ڪئي پئي وڃي.

نيو ميڪسيڪو ۾ پوليس ۽ٌ وفاقي ايجنسيون هڪ کان پوءِ ٻي هلاڪتن جي تحقيقات ڪري رهيون هيون جن منجهان تازو ترين واقعو جمعي جي شام پيش آيو.

پوليس ٻڌايو آهي ته رياست جي سڀ کان وڏي شهر ۾ گزريل نون مهينن دوران هلاڪ ٿيندڙ ٽن ٻين مسلمان مردن کي بظاهر انهن جي مذهب جي ڪري نشانو بنايو ويو هو.

قتل ٿيڻ وارن انهن ماڻهن منجهان ٻه ساڳيءَ مسجد ڏاهن ويندا هيا، جن کي جولائي ۽ آگسٽ جي شروع ۾ البڪرڪي ۾ گولي هڻي ماريو ويو هو. پوليس جي چوڻ مطابق، ان ڳالهه جو وڌيڪ امڪان ٿو لڳي ته سندن موت جو سبب نومبر ۾ هڪ افغان تارڪ وطن جي قتل سان آهي.

نيو ميڪسيڪو پوليس، ايف بي آئي ۽ يو ايس مارشل سروس تحقيقات ۾ مدد ڪرڻ وارن ادارن ۾ شامل آهن.

انهيءَ دوران تحقيقات ڪرڻ وارن عمل دارن جو چوڻ آهي ته هو هڪ اهڙيءَ ڪار جي ڳولها ۾ آهن جنهن جي باري ۾ خيال آهي ته ان جو تعلق انهن وارداتين سان ٿي سگهي ٿو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ائين ٿو لڳي ته چئني ماڻهن جي قتل ۾ هڪ ئي موٽر گاڏي ملوث رهي آهي، جيڪا گهري سرمائي يا چاندي جي چار دروازن واري فوڪس ويگن آهي، جيڪا گهري رنگ جي درين واري جيٽا لڳي ٿي. عمل دارن ان اميد تي تصويرون جاري ڪيون آهن ته جيئن ماڻهو ان جي سڃاڻپ ۾ مدد ڪري سگهن.

تفتيش ڪندڙن اهو نه ٻڌايو آهي ته اهي تصويرون ڪٿي ورتيون ويون يا کين ان جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو شڪ ڇو ٿيو آهي.

البڪرڪي جي ميئر، ٽم ڪيلر آچر ڏينهن چيو ته اسان جو شڪ ڪنهن سبب جي ڪري آهي، اسان کي ان گاڏيءَ کي تلاش ڪرڻو آهي.

پوليس ڇنڇر جي ڏينهن چيو ته تازي ترين قتل ۾ مقتول جو تعلق ڏکڻ ايشيا سان هو ۽ خيال ڪيو ٿو وڃي ته ان جي عمر 20 ورهن جي لڳ ڀڳ آهي.

ان شخص کي جنهن جي سڃاڻپ جي تفتيش ڪارن اڃان تصديق نه ڪئي آهي، پوليس کي فائرنگ جي هڪ ڪال ملڻ کانپوءَ مئل ڏٺوويو. عمل دارن اهو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي آيا هي قتل ٻين هلاڪتن وانگر ئي ڪيوويو.

پوليس گزريل هفتي تصديق ڪئي هئي ته مقامي جاسوس ۽ قانون جي نفاذ جا وفاقي عمل دار هلاڪتن وچ ۾ ممڪنه تعلق جي ڳولها ڪري رهيا آهن.

انهن منجهان ٻه ڄڻا 27 سالن جو محمد افضل حسين ۽ 41 ورهن جو آفتاب حسين گزريل هفتي قتل ٿيا. ٻنهين جو تعلق پاڪستان سان هيو ۽ هڪ ئي مسجد ڏانهن ويندا هيا. ٽيون ڪيس نومبر ۾ ڏکڻ ايشيائي نسل جي هڪ 62 سالن جي مسلمان شخص جي باري ۾آهي، جنهن جو نالو محمد احمدي ٻڌايو ٿو وڃي.

عمل دارن جو چوڻ آهي ته جيسيتائين مشتبه شخص ۽ محرڪ جي شناخت نه ٿي ڪئي وڃي ان ڳالهه جو تعين ممڪن ڪونهي ته فائرنگ جي واقعن جو تعلق نفرت ته مبني ڏوهن سان آهي.

گورنر مشيل ڪيشم آچر ڏيهن چيو ته اسان ان شخص يا شخصن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ضرور بيهارينداسين.

ڇنڇر ڏينهن رات جو دير سان ٽوئٽر پوسٽ ۾ هن چيو ته البڪرڪي جي مسلمان رهائشن جي ٽارگيٽ ڪلنگ سخت ڪاوڙ جو باعث ۽ مڪمل طور تي ناقابل برداشت آهي.

ان کان اڳ، پوليس چيو هو ته 27 ورهن جو محمد افضال نو ايسپانولا شهر ۾ پلاننگ جو ڊائريڪٽر هيو ۽ پاڪستان کان آمريڪا آيو هو، سومر ڏينهن البڪرڪي ۾ پنهنجي اپارٽمنٽ ڪمپليڪس جي سامهون گولي هڻي ماريو ويو، جڏهن ته 41 ورهن جي آفتاب حسين کي 26 جولائي تي البڪرڪي جي انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ جي ويجهو گولي هئين وئي هئي، کيس زخمي ٿيڻ کان پوءِ مئل حالت ۾ لڌو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعات امڪاني طور تي گزريل سال نومبر ۾ هڪ حلال سپر مارڪيٽ ۽ ڪيفي جي هڪ پارڪنگ لاٽ ۾ 62 سالن جي محمد احمديءَ کي گولي لڳڻ جي واقعي سان مليل آهن.

(خبر جو مواد رائٽرز خبر رسان ايجنسيءَ تان ورتو ويو آهي)