مڊٽرم نتيجن جو صدر بائيڊن جي فيصلي سازيءَ تي ڇا اثر پوندو؟

ووٽنگ

آمريڪا ۾اڄ (اڱاري ڏينهن) ٿيندڙ وچين مدت جي چونڊن جي ڪري قانون ساز ايوانن ۾ اچڻ واريون تبديليون ايندڙ ٻن سالن تائين صدر بائيڊن جي فيصلن ۽ ملڪ ۾ ٺهڻ وارين پاليسين جو رخ طئي ڪنديون.

معاشي مسئلن تي سامهون ايندڙ بيچيني ۽ ڏهن سالن کان پوءِ آدم شماريءَ کان پوءِ انتخابي ڊسٽرڪٽس يا حلقه بندين ۾ ايندڙ تبديلين جي ڪري ري پبلڪنز ڪاميابيءَ جي لاءِ پر اميد آهن، جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي اسقاط حمل تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سامهون اچڻ واري ردعمل ۽ گزريل ٻن سالن دوران پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

موجوده ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي ريپبلڪنز تي معمولي برتري حاصل آهي. ليڪن 100 ميمبرن جي سينيٽ ۾ ٻنهين کي 50،50 سيٽون حاصل آهن. آمريڪا ۾ سينيٽ جا ميمبر به براه راست ووٽن ذريعي منتخب ٿيندا آهن. هن دفعي سينيٽ جي ٽئين پتيءَ جي سيٽن تي ٿيڻ واري انتخاب ۾ سخت مقابلو متوقع آهي.

آمريڪا ۾ گزريل 100 ورهن جي دوران وچين مدت وارين چونڊن جي تاريخ ۾ ٽن موقعن کان سواءِ حزب اختلاف جي ڌر ئي وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيندي رهي آهي. جيڪڏهن اها روايت هن ڀيري به برقرار رهي ٿي ۽ ڪانگريس ۾ ري پبلڪن پارٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي پنهنجي ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي.

هن وقت 435 ميمبرن جي ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽس جون 220 ۽ ريپبلڪنز جون 212 سيٽون آهن.

SEE ALSO: مڊٽرم چونڊن جي نتيجي ۾ سياست ڪهڙو رخ اختيارڪري سگهي ٿي؟

جيڪڏهن ريپبلڪن پارٽي سينيٽ ۾ رڳو هڪ سيٽ وڌيڪ حاصل ڪري ۽ ايوان نمائندگان ۾ ڇڙو پنج سيٽون وڌيڪ کڻي ته پارٽي ٻنهين ايوانن تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهي ٿي. مڊٽرم انتخابات ۾ ايوان نمائندگان جي سمورين 435 سيٽن تي انتخاب ٿيندو آهي.

عام طور تي صدارتي انتخاب ۾ اپوزيشن کي حاصل ’ايڊوانٽيج’ جي بنياد تي ريپبلڪنز وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهي.

جيڪڏهن ريپبلڪنز اٺين نيمبر جي مڊ ٽرم اليڪشن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته ايوان ۾ قانون سازيءَ جي لاءِ ڪميٽيون ريپبلڪنز ٺاهيندا. اهي ئي ڪاميٽيون ان ڳالهه جو فيصلو ڪنديون آهن تج ايوان ۾ ڪهڙا قانون بحث جي لاءِ پيش ڪيا وڃن.

موجوده ايوان ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي ليڊر ڪيون ميڪارٿي پهريان ئي پنهنجي هڪ بيان ۾ قانون سازيءَ متعلق پنهنجي مستقبل جو لائحه عمل بيان ڪري چڪو آهي.

هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ هن پينسلوانيا جي رياست ۾ انتخابي مهم دوران چيو هو ته ايندڙ منتخب ٿيڻ واري ڪانگريس جي ابتدائي ڏينهن ۾ ئي ريپبلڪنز معيشت، سرحدن جي سيڪيورٽي سميت ٻين پاليسين سميت آمريڪا کي نئون رخ ڏيڻ جي عزم سان قانون سازي ڪندا.

مبصرن جو چوڻ آهي ته ايوان نمائندگان ۾ ريپبلڪنز کي برتري ملي ٿي ته اها اڳوڻي صدر ٽرمپ جي به ڪاميابي هوندي. ان جو سبب اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته ڊيموڪريٽس ڇهين جنوري 2021 تي ڪيپيٽل هل تي ٿيڻ واري حملي جي معاملي تي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جوابده بنائڻ چاهن ٿا.

ريپبلڪنز جي برتري صدر بائيڊن جي لاءِ ڪهڙي اهميت رکندي؟

ڊيموڪريٽس جي ترجيحات ۾ اسقاط حمل تائين وڌ ۾ وڌ رسائي، موسمياتي تبديليون ۽ گن ڪنٽرول متعلق قانون ٺاهڻ شامل آهي. ري پبلڪن پارٽيءَ جون پاليسيون ڊيموڪريٽس جي ايجنڊا ۾ سمورن اهميت وارن معاملن جي ابتڙ آهن. ان جي ڪري قانون ساز ايوانن ۾ ريپبلڪنز جي اڪثريت بائيڊن جي لاءِ پنهنجي دور صدارت جي ايندڙ ٻن سالن دوران پنهنجي سياسي ايجنڊا جي مطابق قانون سازي تقريبا ناممڪن ٿي ويندي.

ڪانگريس ۾ ايندڙ ڪنهن به تبديليءَ جي باوجود انتظامي طور تي ڪنهن به قانون جي نفاذ جي لاءِ صدر بائيڊن جي منظوري لازمي هوندي. حڪومت جي لاءِ فنڊز جي فراهمي، فوجي ۽ ٻين اهم سرڪاري معاملن جو اختيار به صدر بائيڊن وٽ ئي رهندو. ليڪن اهڙي بلن جي منظوري جي لاءِ ريپبلڪنز، ڊيموڪريٽس ۽ صدر کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي.

صدر بائيڊن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سينيٽ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هو ٻنهين پارٽين جي ملي ڪم ڪرڻ تي زور ڏيندو آيو آهي. ليڪن موجوده حالتن ۾ ريپبلڪنز جي پاران ملي هلڻ جو امڪان گهٽ آهي، ۽ ممڪنه طور تي صدر بائيڊن جي مخالفت ئي سندن ترجيح هوندي.

سينيٽ ۾ ڇا تبديلي متوقع آهي؟

اگرچه سينيٽ ۾ ريپبلڪنز ۽ ڊيموڪريٽس مان ڪنهن کي به اڪثريت ملي سگهي ٿي، ليڪن امڪان اهو ئي آهي ته ان برتريءَ جو فرق گهڻو نه هوندو. ان ڪري، بائيڊن جي لاءِ سينيٽ ۾ اتفاق رائي حاصل ڪرڻ قدري آسان هوندو. صدر بائيڊن قانون سازيءَ ۾ هينئر تائين جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن انهن ۾ ٻنهين پارٽين جي اتفاق رائي جي ڪوششن بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.

جيڪڏهن ريپلڪنز ڪانگريس جي ٻنهين ايوانن ۾ برتري حاصل ڪن ٿا ته اهي صدر بائيڊن تي سياسي دٻاءَ وڌائڻ جي لاءِ ٻنهين ايوانن مان بل منظور ڪرائي سگهن ٿا. اهڙيءَ ريت ايوان ۾ ٺهڻ واريون ڪاميٽيون به هنن وٽ هليون وينديون جنهن جي ذريعي اهي انتظاميه تي نگراني ۽ ان جي خلاف تحقيقات جو اختيار به حاصل ڪري وٺنديون.

اهڙيءَ ريت ريپبلڪنز جي اڪثريتي سينيٽ عدالت ۽ انتظاميه ۾ صدر بائيڊن جي نامزدگين جي اڪلاءَ ۾ دير ڪري هن جي لاءِ مشڪل کڙي ڪري سگهن ٿا.

جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ڪامياب ٿين ٿا؟

اگر ڊيموڪريٽس سينيٽ ۾ پنهنجي برتري برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ۽ ايوان نمائندگان ۾ ريپبلڪنز کي اڪثريت حاصل ٿئي ٿي ته انهن ٻنهين ايوانن جي وچ ۾ اتفاق رائي جو امڪان گهٽ ئي هوندو. البته، ريپبلڪنز ڪن قانون سازين ۾ معتدل ڊيموڪريٽس جي تائيد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ٻنهين ايوانن ۾ برتري برقرار رکن ٿا ته اهي صدر بائيڊن جي ايجنڊا ۾ شامل اهڙن بلن جي منظوريءَ جي ڪوششن جو نئين سر آغاز ڪري سگهن ٿا جن ۾ کين هيليتائين ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. ان ۾ سماجي ۽ معاشي پروگرامن جو پيڪيج به شامل آهي جنهن جي منظوري ڊيموڪريٽس ۾ اختلاف رائي جي ڪري رڪيل آهي.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)