ايران: هٿياربندن جي بازار ۾ فائرنگ، 9 ڄڻا هلاڪ

سرڪاري اطلاعن مطابق، ايراني شهر ايذه ۾ مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون کان پوءِ مڇريل انبوه ڪن جاين کي باه ڏئي ڇڏي.

ايران جي اولهندي شهر، ايذه جي هڪ بازار ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي ڪري ٻن ٻارن سيمت 9 ڄڻا مارجي ويا آهن.

اوسلو ۾ قائم انساني حقن جي هڪ گروپ ’هنگو’ ٻڌايو آهي ته خميص ڏينهن هڪ شخص بوڪان ۾ هلاڪ ٿيو جنهن کان پوءِ ايران جي اولهندي حصي ۾ شروع ٿيڻ وارن مظاهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا هلاڪ ٿي ويا آهن.

مقامي ميڊيا جي مطابق، ايران جي وچ ۾ واقع اصفهان ۾ به فائرنگ جو هڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ايران جي نيم فوجي دستي، ’بسيج’ سان تعلق رکڻ وارا ٻه عمل دار مارجي ويا.

سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪرڻ واري خبرن جي اداري ارنا جي مطابق، ٻنهين حملن ۾ مسلح ماڻهو موٽر سائيڪل تي سوار هيا.

خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، حمله آورن جي سڃاڻپ ۽ نشانو وٺي فائر ڪرڻ جي باري ۾ تفصيل دستياب ناهن ۽ نه ئي انهن واقعن ۾ ٻن مهينن کان جاري احتجاج سان تعلق جي باري ۾ ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

ايران جي سرڪاري ٽيلي ويزن خبر ڏني آهي ته خوزستان جي صوبي جي شهر، ايذه ۾ ٿيڻ واري فائرنگ ۾ سيڪيورٽي عمل دار سميت 10 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

خوزستان جي گورنر ولي الله حياتيءَ سرڪاري ٽيلي ويزن کي ٻڌايو آهي ته فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ وارن ۾ هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت به شامل آهن.

ايران جي سرڪاري ٽي وي ٻڌايو آهي ته اربع جي رات ايذه جي مختلف علائقن ۾ ڪيترا ئي درجن مظاهرين مختلف هنڌن تي ڪٺا ٿيا. انهيءَ ميڙ ۾ حڪومت مخالف نعري بازي ڪئي وئي ۽ پوليس تي پٿراءُ به ڪيو ويو.

ميڙ کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آور گيس جا شيل به اڇلايا ويا. ٻين سرڪاري ذريعن جي رپورٽن مطابق، ڪٺي ٿيل انبوه ڪن ديني مدرسن کي به باهه ڏني.

ايران ۾ ٻن مهينن جي دوران مختلف مظاهرن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، جڏهن ته گزريل ڪجهه عرصي کان پرتشدد واقعا به پيش آيا آهن.

تازن ڏينهن دوران ايران ۾ ٿيڻ وارن حملن جي ذمي داري عليحدگي پسندن ۽ مذهبي شدت پسندن تي عائد ڪئي وئي آهي. انهن واقعن ۾ گزريل مهيني شيراز جي شهر ۾ چراغ شاه مزار تي ٿيڻ واري فائرنگ جو واقعو به شامل آهي جنهن ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي ويا هيا.

هلندڙ سال 16 سيپٽمبر تي 22 ورهن جي شاگردياڻي، مهسا امينيءَ کي ايران جي اخلاقي پوليس ’گشت ارشاد’ جي حراست ۾ موت کان پوءِ سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا هيا، جيڪي وقفي وقفي سان اڃان تائين جاري آهن. مظاهرين جي مطالبن ۾ انساني ۽ شهري حقن سان گڏ هاڻي ايران ۾ 1979 کان قائم مذهبي حڪومت جي خاتمي جا مطالبه به شامل ٿي ويا آهن.

(هن خبر ۾ شامل مواد خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)