لڳاتار برسات جي ڪري بلوچستان ۾ فصلن ۽ باغن کي نقصان

فائيل فوٽو

بلوچستان جي اترئين ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ مينهن جو نئون سلسلو داخل ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ندي نالن ۾ پاڻيءَ جو تيز وهڪرو جاري آهي ۽ ڪن هنڌن تي ٻوڏ آيل آهي. اطلاعن موجب گوادر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ماڻهو مري ويو آهي.

صوبائي گاديءَ واري هنڌ ڪوئٽا ۾اربع ڏينهن وسڪاري جو سلسلو جاري رهيو جنهن جي ڪري هيٺاهن علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو.

سرياب روڊ ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن جنهن جي ڪري ڪن هنڌن تي گهر ڪري پيا.

سرياب روڊ جي گاهي خان چوڪ جي رهواسي محمد ايوب وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته تيز وسڪاري جي ڪري ويجهن نالن جو پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو جنهن جي ڪري گهرن جي ڀتين کي نقصان پهتو.

محمد ايوب ٻڌايو ته سرياب روڊ تي جاري اڏاوتن جي ڪم جي ڪري نالا بند ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري برسات جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو.

هن چيو ته وسڪاري کان پوءِ علائقي ۾ پوين ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي بند آهي جنهن جي نتيجي ۾ رهواسين کي مشڪل درپيش آهي.

چمن شهر ۾ به مينهوڳيءَ جي ڪري سمورن فيڊرن تي بجليءَ جي فراهمي گزريل ڏينهن کان بند آهي.

گوادر ۾ وڄ ڪرڻ جوواقعو

گوادر کان ملڻ وارن اطلاعن مطابق مونڊي جي علائقي ۾ تيز مينهن دوران کنوڻ ڪرڻ جي واقعي ۾ هڪ شخص مري ويو.

اتان جي رهواسين ٻڌايو آهي ته هيءُ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن 60 ورهن جي توڪل نالي هڪ شخص پنهنجي گهر جي ٻاهران واڙيل ٻڪرين کي اندر آڻڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتو. انهيءَ دوران هو آسماني بجليءَ جي ور چڙهي ويو ۽ مري ويو.

ساڳئي هنڌ هڪ ٻار به وڄ جي پڪڙ ۾ آيو ۽ زخمي ٿي پيو پر سندس حالت خطري کا خالي آهي.

وسڪاري جاري رهڻ جي اڳ ڪٿي

موسميات جي کاتي ٻڌايو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئٽا، زوب، قلات، خضدار، چمن، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله ۽ سبيءَ ۾تيز هوائن لڳڻ ۽ کنوڻ چمڪڻ سان گڏ تيز مينهوڳيءُ جو امڪان آهي.

نصير آباد، دالبندين، بارکاڻ ۽ نوڪنڊي ۾ به وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

مينهن کان پوءِ ٿڌ

مينهن ۽ ڳڙي پوڻ جي ڪري ڪوئٽا سميت بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ موسم ٻيهر سرد ٿي وئي آهي. تيز وسڪاري ۽ ڳڙي پوڻ جي ڪري بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ فصلن ۽ باغن کي نقصان پهتو آهي.

ان کان اڳ 18 مارچ تي لڳاتار تيز مينهن پوڻ جي ڪري بلوچستان جي سياحتي علائقي زيارت ۾ چيريءَ جي باغن کي سخت نقصان پهتو هو، جڏهن ته پشين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ به خوباني، آڙو ۽ ٻين باغن کي نقصان رسيو آهي.

هوڏانهن ڪن زميندارن ٻڌايو آهي ته تازين برساتن جي ڪري فصلن، خاص طور تي ڪڻڪ تي سٺو اثر پيو آهي، جيڪا ڀل ڪندي ۽ چڱي ان لهڻ جي اميد آهي.