ڀارت جي سون جي سڪن واري پهرين ’گولڊ سڪه’ اي ٽي ايم

’گولڊ سڪه’ جي ڊائريڪٽر، سيده فاطمه اي ٽي ايم مشين جي استعمال متعلق تفصيل پيش ڪندي. 5 ڊسمبر 2022.

ڀارت جي شهر حيدرآباد دڪن ۾ هڪ نئين قسم جي ’اي ٽي ايم’ جو افتتاح ٿيو آهي جيڪا بظاهر ڪرنسي نوٽ ڏيڻ واري عام ’اي ٽي ايم’ جهڙي آهي پر جڏهن ڏنل هدايتن مطابق ان جو بٽڻ دٻائجي ته ان منجهان ڪرنسي نوٽن بجاءِ سون جو سڪو نڪري ٿو.

ڀارت جي معاشرتي زندگيءَ ۾ سون کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ۽ خاص طور تي پرڻي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي سون جي زيورن کان سواءِ نامڪمل سمجهي ويندي آهي. ڀارت جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ سون کي اڄ به هڪ محفوظ سرمائي جي طور تي اهميت ڏني ويندي آهي ۽ اتان جا رهواسي پنهنجي بچت بينڪ ۾ رکڻ بجاءِ ان کي سون ۾ مٽائي رکڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.

ڀارت جو شمار دنيا جي انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جنهن جي شهرين وٽ زيورن ۽ ٻين شڪلين ۾ سڀ کان وڌيڪ سون هوندو آهي جن جي مقدار جو اندازو 136 ٽن لڳايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سون جا سڪا فراهم ڪرڻ واري ’اي ٽي ايم’ ماڻهن جو تڪڙو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.

ملڪ جي ڏاکڻئين شهر حيدرآباد دڪن ۾ لڳايل هيءَ ’اي ٽي ايم’ اڌ گرام کان 100 گرام وزن تائين سون جا سڪا فراهم ڪندي. هيءَ مشين سون جي ڏيتيءَ ليتيءَ متعلق ’گولڊ سڪه’ وارن لڳائي آهي.

هاڻي توهان مشين مان جيتري وزن جو سڪو ڪڍرائڻ گهرو توهان کي قيمت جي برابر رقم مشين ۾ وجهڻي پوندي. مثال طور 100 گرام سون جي قيمت 7000 ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. جيڪڏهن توهان 100 گرام سون جو سڪو وٺڻ چاهيو ٿا ته توهان سڀ کان اڳ ۾ مشين کي ان جي قيمت ڏيندا.

گولڊ اي ٽي ايم مان سون جو سڪو ڪڍڻ جي لاءِ توهان کي اهڙيءَ ريت ’پي آئي اين’ جي ضرورت پوندي جينئن ڪنهن عام اي ٽي ايم جي لاءِ گهربي آهي. ڇو ته سون تمام قيمتي ڌات آهي ان جي ڪري ’پي آئي اين’ جي حفاظت به گهڻي ڪرڻي پوندي.

گولڊ سڪه ڪمپنيءَ جي نائب صدر، پرتاب، جنهن پنهنجي نالي جو رڳو پهريون حصو ظاهر ڪيو آهي، چيو آهي ته سون جي سڪن جي لاءِ جيولري جي ڪنهن شو روم وڃڻ جي ضرورت ناهي، خريدار سڌو هتي اچي سون جا سڪه حاصل ڪري سگهي ٿو.

ليڪن اها ڪا اڻ تيڻي ڳالهه ڪانهي ڇوته ابو ظهبيءَ جي هڪ لگزري هوٽل ’امارات پيليس’ چاڪليٽ، ڪولڊ ڊرنڪس، ڪافي ۽ سينڊوچ وانگر وينڊنگ مشينن مان سون کپائڻ جو ڪم 2010 ۾ شروع ڪيو هو.

ان هوٽل جا مهمان مشين ۾ رقم وجهي سون جا ڳنڍا يا سڪا خريد ڪري سگهن ٿا.

سون جي وينڊنگ مشين جو موجد جرمن هيو. سندس چوڻ آهي ته هيءَ مشين هر ڏهن سيڪنڊن کان پوءِ مارڪيٽ مان اگهه جي هيٺ مٿاهين پڇي قيمت ۾ رد و بدل ڪري ٿي، ته جينئن خريدارن کي تازي ترين ۽ اصل قيمت تي سون ملي سگهي.

هن چيو ته هو پنهنجيءَ هن نئين ايجاد کي وڪرو ڪرڻ لاءِ امارات ۾ ان ڪري آيو جو هتي، سندس خيال ۾، سٺي قيمت ادا ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڪري به جو هتان جي معيشت سگهاري آهي.

گولڊ اي ٽي ايم ڇنڇر ڏينهن کان ڪم شروع ڪيو ۽ ان ۾ پنج ڪلو تائين سون جا سڪا رکڻ جي گنجائش آهي.

رائيٽرز ٻڌايو ته ڪيترا گراهڪ سون جا سڪا خريد ڪرڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺا هيا. هنن مشين ۾ پنهنجا ڪريڊٽ ڪارڊ وڌا ۽ پوءِ سڪي جو وزن وڌو.

هڪ گراهڪ ٻڌايو ته ان کي ڏي وٺ جي سموري عمل ۾ هڪ منٽ کان به گهٽ وقت لڳو. ان ڪري جيڪڏهن ڪو سيڙپ جي لاءِ سون خريدڻ چاهي ٿو ته منهنجي خيال ۾ سون وٺڻ جو اهو بهترين طريقو آهي.

(هيءَ رپورٽ رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)