انساني حقن جي بين الاقوامي تنظيم ’هيومن رائيٽس واچ’ خميص ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڀارت ۾ 2022 ۾ به اقليتن، خاص طور تي مسلمانن سان ’’منظم امتيازي سلوڪ’’ ۽ انهن کي ’’بدنام ڪرڻ جو سلسلو’’ جاري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حڪمران جماعت، ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي حامين جي طرفان مذهبي طبقن جي خلاف ’’پرتشدد حملا’’ ڪيا هيا.
رپورٽ جي مطابق حڪومت جو هندو اڪثريت پرستيءَ جو نظريو عدالت ۽ قومي اقليتي ڪميشن سميت ٻين آئيني ادارن جي ڪاروائين مان به ظاهر ٿئي ٿو.
هيومن رائيٽس واچ پنهنجي الزام جي ثبوت ۾ گجرات حڪومت جي پاران بلقيس بانو اجتماعي زيادتي ۽ قتل ڪيس جي ڏوهين جي وقت کان اڳ معافي ۽ رهائي، 100 کان مٿي بااثر مسلمان عورتن جي آن لائين نيلامي ۽ مسلمانن جي گهرن کي مختلف بهانن سان ڪيرائڻ جهڙا ڪيترا واقعا پيش ڪيا آهن.
ان ۾ چيو ويو آهي ته بلقيس بانو ڪيس جي 11 ڏوهين جي رهائيءَ تي جشن ۽ انهن تي عوامي خوشيءَ جي اظهار منجهان اقليتي برادرين ۽ عورتن جي خلاف ڏوهن جي سلسلي ۾ حڪومت امتيازي روئي جو پتو پوي ٿو.
رپورٽ ۾ فرقه ورانه تشدد جي سلسلي ۾ انتظاميه جي پاران مسلمانن جي گهرن کي ڪيرائڻ تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.
ان ۾ اهو بي چيو ويو آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن حڪومت تي تنقيد ڪرڻ وارن صحافين کي گرفتار ڪيو. ان سلسلي ۾ ان رياست جهاڙکنڊ ۾ صحافي رويش ڪمار ۽ اترديش ۾ صحافي صديق جي گرفتاريءَ جو خاص حوالو ڏنو ويو آهي.
انساني حقن جي تنظيم پنهنجي رپورٽ ۾ ’آلٽ نيوز’ جي شريڪ باني محمد زبير جي پوئين سال جون ۾ ٿيڻ واري گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ چيو آهي ته اها گرفتاري مبينه طور تي هڪ ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪرڻ جي خلاف انتقامي ڪاروائي معلوم ٿئي ٿي. ان چينل پيغمبر اسلام جي باري ۾ بي جي پيءَ جي هڪ ترجمان جي متنازع بيان کي نشر ڪيو هو جنهن جي ڪيترن مسلمان ملڪن مذمت ڪئي هئي.
رپورٽ ۾ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن تيستا سيتلواڊ ۽ آر سري ڪمار ۽ سنجيو ڀٽ جهڙن پوليس عهديدارن جي گرفتاريءَ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته اها ڪاروائي 2002جي گجرات جي تشدد ۾ ذمي داري طئي ڪرڻ جي ڪوششن جي خلاف بظاهر انتقامي ڪاروائي معلوم ٿئي پئي.
ان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جي پاران ڀارت جي زير انتظام ڄمون ۽ ڪشمير کي خصوصي اختيارات ڏيڻ واري دفعا 370 جي خاتمي کي ٽي سال گزرڻ کان پوءِ به ’’پر تشدد واقعا’’ ٿي رهيا آهن.
(سهيل انجم جي رپورٽ)