ويب ڊيسڪ —
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اربع ڏينهن کان ’جيل ڀريو تحريڪ’ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عمران خان چيو آهي ته ان تحريڪ جو آغاز پهرئين مرحلي ۾ لاهور مان ٿيندو جنهن کان پوءِ ٻين شهرن ۾ به تحريڪ هلائي ويندي.
جمعي ڏينهن پنهنجي وڊيو خطاب ۾ عمران خان چيو ته جيڪڏهن 90 ڏينهن جي اندر ملڪ ۾ انتخابات نه ٿا ٿين ته ان کان پوءِ نگران حڪومت غير آئيني ٿي ويندي.
اڳوڻي وزير اعظم دعويٰ ڪئي ته حڪومت چاهي ٿي ته عدالت اليڪشن کي التوا ۾ وجهي، ان ڪري عدالتن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
هن چيو ته آئين تحت انتخابات نه ڪرائڻ خطرناڪ ٿيندو.
خيال رهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تي نومبر ۾ قاتلانه حملي کان پوءِ لاهور ۾ هو پنهنجي رهائش گاه تي ترسيل آهي، جڏهن ته ٻاهر پي ٽي آئي جا ڪيترا ئي درجن ڪارڪن ڪيمپ قائم ڪيون ويٺا آهن.