ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم وارٽ ڪوهليءَ پاران ڪپتاني ڇڏڻ کان پوءِ اڳواڻيءَ جي نوعيت جي بحران جي شڪار آهي. ٽيم جو ڪوچ راهل ڊريوڊ به اهو چوڻ تي مجبور ٿو ڏسجي ته گهٽ عرصي ۾ ڪيترن ئي ڪپتانن جي تبديليءَ جو معاملو سمجهه کان ٻاهر آهي.
هلندڙ سال ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوينٽي ميچن ۾ مختلف رانديگر ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري چڪا آهن. گزريل سال ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪن رهي هئي ۽ جيئن ئي ٽي ٽوينٽي پوري ٿي ته ڪوهلي ٽيم جي اڳواڻي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ هنن کان ون ڊي ٽيم جي قيادت به واپس ورتي وئي.
هلندڙ سال جي شروعات ۾ڏکڻ افريقه جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ٽيم جي شڪست کان پوءِ ڪوهليءَ ٽيسٽ ٽيم جي سربراهيءَ تان به الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ڪوهليءَ جي وڃڻ کا پوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آئي) سمورن فارميٽس لاءِ هڪ ئي ڪپتان رکڻ تي اتفاق ڪيو هو جنهن لاءِ سڀ کان مضبوط اميدوار رويت شرما هو، جنهن کي نيون ذميداريون سونپيون ويون.
هن ئي سال ٽيم جي مشڪل شجول جي ڪري، رويت شرما مختلف وقتن تي زخمي ٿيو جنهن کان پوءِ شنڪر ڌون، ڪي ايل راهل ۽ رشڀ پنٽ کي آزمايو ويو.
ڀارتي بورڊ آئرلينڊ جي خلاف ٻن ٽي ٽوينٽي ميچن تي مشتمل سيريز جي دوري لاءِ هاردڪ پانڊيا کي ڪپتان مقرر ڪيو.
هاردڪ پانڊيا جي قيادت ۾ هلندڙ سال انڊين پريمئر ليگ ۾ پهريون دفعو حصو وٺڻ واري ٽيم گجرات ٽائٽنز ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
SEE ALSO: وراٹ کوہلی نے ٹیسٹ ٹیم کی کپتانی کیوں چھوڑی؟
وارٽ ڪوهليءَ کان پوءِ ڀارتي ٽيم جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ڪپتانن جي باري ۾ ڳالهائيندي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهل ڊريوڊ چيو آهي ته گزريل اٺن مهينن ۾ ڇهه ڪپتان تبديل ٿيا. ليڪن جڏهن هنن ذميداري سنڀالي ان وقت سندس پاران کين تبديل ڪرڻ جو ڪو به ارادو ڪونه هو.
تازو اخباري نمائندن سان گفتگو ڪندي، راهل چيو ته ايترن ڪپتانن سان ڪم ڪرڻ ڪنهن چيلنج کان گهٽ ڪونه هو.
سندس بقول، نون رانديگرن کي ٽيم ۾ قيادت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ اسان کي به اهو موقعو مليو آهي ته اسان اهڙن رانديگرن کي سامهون آڻي سگهون جيڪي ٽيم جي اڳواڻي ڪري سگهن ٿا.
گزريل سال ٽي ٽوينٽي عالمي ڪپ ۾ ڀارت جي مايوس ڪن ڪارڪردگيءَ کان پوءِ ڪوچ روي شاستري جي جاءِ تي راهل ڊريوڊ ذمه داريون سنڀاليون، جن جي نگرانيءَ ۾ ڀارتي ٽيم نيوزي لينڊ کي ٽن ميچن تي مشتمل ٽي ٽوينٽي سيريز ۾ ڪلين سويپ ڪيو هو.
SEE ALSO: ٹی ٹوئنٹی کے بعد آئی سی سی ون ڈے اور ٹیسٹ ٹیم آف دی ایئر میں بھی پاکستانی کھلاڑیوں کا راج
ڀارتي ٽيم جي حاليه ڪارڪردگيءَ جو ذڪر ڪندي راهل ڊريوڊ چيو ته جنوبي افريقه جي خلاف ٽيسٽ سيريز مايوس ڪن رهي، جنهن ۾ ٽيم کي 1-2 تان شڪست ملي.
خيال رهي ته گزشته سال جي اختتام تي ڀارت جنوبي افريقه جو دورو ڪيو هو، جنهن دوران ڀارت کي ٽيسٽ سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچن تان شڪست ڀوڳڻي پئي، جڏهن ته ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ ڏکڻ افريقه ڀارت کي شڪست ڏني هئي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ تازو پنج هڪ روزه ميچن جي سيريز ختم ٿي آهي، جيڪا ٻن ٻن تي برابر رهي.
هلندڙ سال ڀارتي ٽيم سري لنڪا، نيوزي لينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن جي خلاف به سيريز کيڏي، جڏهن ته هن سال جون ۾ ٽيم آئرلينڊ جي دوري تي رهي آهي جتي ميزبان ٽيم جي خلاف ٻه ٽي ٽوينٽي ميچ کيڏيائين.