سموري دنيا وانگر ڀارت جي معيشت به ڪرونا وبا جي ڪري سست رفتاريءَ جي شڪار ٿي وئي هئي. پر ڪرونا وبا جو زور ٽٽڻ کان پوءِ ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ واڌ آئي آهي. ليڪن ماهرن مطابق هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي اقتصادي واڌ جي شرح ۾ ڪمي ڏٺي پئي وڃي.
ڀارتي حڪومت 31 مارچ تي ختم ٿيڻ واري مالي سال جي لاءِ جيڪو تخمينو لڳايو هو ان مطابق معاشي رفتار سست رهندي. ان جو سڀ کان وڏو سبب ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڀارتي شين جي گهرج ۾آيل ڪمي آهي.
انگن اکرن جي مرڪزي وزارت پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گزريل مالي سال ۾ جي ڊي پي (مجموعي قومي پيداوار) 8.7 في صد رهي، جيڪا هلندڙ مالي سال ۾ گهٽجي ست في صد رهجي وئي آهي.
ليڪن واڌ جي اها شرح ريزوو بينڪ آف انڊيا جي 6.8 جي اندازي کان وڌيڪ آهي.
حڪومت ان کان اڳ اٺ کان ساڍا اٺ في صد ترقيءَ جي شرح جو اندازو لڳايو هو. ان ۾ مينوفيڪچرنگ يا صنعتي ترقيءَ ۾ هڪ اعشاريه ڇهه في صد ۽ کاڻين جي شعبي ۾ 2.4 في صد جي پيشن گوئي ڪئي وئي هئي.
ريزرو بينڪ وياج جي شرح ۾ 225 بيسز پوائنٽ جي واڌ ڪري 6.25 في صد ڪري ڇڏي هئي جيڪا ٽن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. خيال ڪيو ٿو وڃي ته مرڪزي بينڪ هن سال ان ۾ ڪجهه وڌيڪ واڌ آڻي سگهندي.
حڪومت پاران پيش ڪيل انگن اکرن مطابق، تعميراتي ترقيءَ ۾ 9.1 ، بجليءَ جي شعبي ۾ 9 ۽ زرعي شعبي ۾ 3.5 في صد جو اندازو لڳايو ويو آهي.
سال 2024 ۾ ٿيڻ وارن پارليماني چونڊن کان اڳ حڪومت پنهنجو مڪمل بجيٽ پهرين فيبروريءَ تي پيش ڪندي. اها ڏنل تخمينن کي اقتصادي واڌ جي شرح جي بنياد جي طور تي ڏسي ٿي.
ڀارتي سڪو
اقتصادي ناتن جي ماهر ۽ ٿنڪ ٽينڪ ’سينٽر فار بجيٽ اينڊ گورنينس اڪائونٽ ايبلٽي’ (سي پي جي اي) سان لاڳاپيل، جاويد عالم چيو آهي ته حڪومت جيڪي انگ اکر جاري ڪيا آهن انهن جي بنياد تي ايندڙ اقتصادي صورت حال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ڪرونا وبا ۽ يوڪرين جنگ وڏا سبب
سندس بقول مينوفيڪچرنگ يا صنعتي شعبي جي صورت حال ٺيڪ ڪانهي. ان جي واڌ جي شرح گهٽ آهي. مينوفيڪچرنگ ۽ مائيننگ کي ملائي ان شعبي ۾ 1.6 في صد واڌ جي شرح جو اندازو لڳايو ويو آهي.
هن چيو ته افراد زر، گهريلو ۽ ٻاهرين محاذ تي گهرج ۽ برآمدات ۾ گهٽتائي جي ڪري اقتصادي ترقي متاثر ٿي آهي. جيڪڏهن اها صورت حال جاري رهي ٿي ته اچڻ وارن ڏينهن ۾ به اقتصادي محاذ جي باري ۾ سٺي خبر ملندي.
ڇا چين به معاشي سست رفتاريءَ جو شڪار آهي؟
ڪن ٻين ماهرن مطابق، ڪرونا جي وبا چين جي معيشت کي به متاثر ڪيو آهي ۽ چين جي اثرات کان ڀارت به مستثنا ڪونهي. ليڪن جاويد عالم خان چيو آهي ته چين جي معيشت تي جيڪو اثر پيو آهي اهو عارضي ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان جو صنعتي شعبو هاڻي بهتر ڪم ڪري رهيو آهي.
ليڪن هن اها ڳالهه مڃي ته ڀارتي معيشت جي سست رفتاريءَ جو سبب چين به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ڀارت صنعتي ترقيءَ جي لاءِ چين کان جيڪي شيون گهرائيندو آهي ان جي رسد گهٽي آهي.
(سهيل انجم جي رپورٽ)