ايران ۾ عورتن کي ڪارن ۾ به ’هيڊ اسڪارف’ پائڻ جو حڪم

نيويارڪ ۾ ايراني مستقل نمائندي جي مشن جي سامهون مظاهرو ڪندڙ عورتون ايران ۾ انساني حقن جي خلاف ورزيءَ تي احتجاج ڪري رهيون آهن. (فائيل فوٽو)

مهيسا امينيءَ جي موت کان پوءِ اڄ سوڌو ايران ۾ بد امني جاري آهي، سومر ڏينهن ابلاغ جي ذريعن خبر ڏني آهي ته ايراني پوليس اهو چتاءُ ورجايو آهي ته عورتن کي لازمي طور مٿي تي اسڪارف پائڻو پوندو، ان صورت ۾ به ته اهي ڪار جي اندر ڇو نه هجن.

اسلامي جمهوريه ۾عورتن جي لاءِ لباس جي هن سخت ضابطي جي مبينه خلاف ورزيءَ تي تهران ۾ 22 ورهن جي ڪرد عورت اميني۽ کي تهران ۾ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ 16 سيپٽمبر تي سندس موت کان پوءِ ايران ۾ مظاهرا شروع ٿيا هيا.

ايران ۾ جاري مظاهرن کي پوليس عام طور تي فساد قرار ڏيندي آهي.

فارس نيوز ايجنسيءَ هڪ سينئر پوليس آفيسر جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته پوليس ملڪ ۾ ’نذير.1’ نالي جي پروگرام، جنهن جو فارسيءَ ۾ مطلب ’نگراني’ آهي، ان جو نئون مرحلو لاڳو ڪيو ويو آهي.

فارس وڌيڪ چيو آهي ته ’نذير.1’ پروگرام جنهن کي 2020 ۾ شروع ڪيو ويو هو، ڪارن ۾ حجاب هٽائڻ تي تشويش جي اظهار تي مبني آهي.

لباس جي ان ضابطي کي جڏهن 2020 ۾ شروع ڪيو ويو ته ڪار مالڪن کي ايس ايم ايس ٽيڪسٽ ميسيج موڪليو ويندو هو جنهن ۾ کين پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ ان ضابطي جي خلاف ورزيءَ جي باري ۾ خبردار ڪيو ويندو هو ۽ کين چتاءُ ڏنو ويندو هو ته جيڪڏهن ساڳي خلاف ورزي ٻيهر ڏٺي وئي ته سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

ليڪن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پوسٽ ڪيل پيغامن مطابق پوليس بظاهر قانوني ڪاروائيءَ جي ڌمڪيءَ کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.

تهران

ان پيغام ۾ جنهن کي مبينه طور تي پوليس موڪليو ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيو ويو، چيو ويو آهي ته توهان جي گاڏيءَ ۾ حجاب هٽائڻ جو معاملو ڏٺو ويو آهي. معاشري جي اصولن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته ٻيهر ائين نه ٿيندو.

ايران جي اخلاقي پوليس کي، جيڪا ’گشت ارشاد’ (گائيڊينس پيٽرول) جي طور تي ڄاتي وڃي ٿي، اختيار ڏنو ويو آهي ته اها عوامي هنڌن تي وڃي ۽ لباس جي سخت ضابطي جي نفاذ تي نظر رکي.

مظاهرن کان پوءِ گاديءَ واري هنڌ تهران جي سرنديءَ وارن جي علائقن سان گڏ وڌيڪ اعتدال پسند ۽ روايتي ڏاکڻي علائقن ۾ ڪيترين عورتن کي بنا هيڊ اسڪارف جي ڏٺو ويو ۽ کين روڪيو به نه ويو هو.

گزريل سال سيپٽمبر ۾ اخلاقي پوليس جي سفيد ۽ سائي رنگ جون وينز تهران جي سڙڪن تي گهٽ نظر آيون هيون.

ڊسمبر جي آغاز تي ايران جي پرازيڪيوٽر جنرل، محمد جعفر منتظري جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اخلاقي پوليس ختم ڪئي وئي آهي.

ليڪن، ضابطي جي خلاف مهم هلائڻ وارن کي انهن تبصرن تي شڪ آهي ڇوته هنن بظاهر هڪ اجلاس ۾ پڇيل هڪ سوال جو تڪڙو ڏنل جواب ٻڌو هو ته ان سلسلي ۾ پوليس جي نگراني ڪرڻ واري داخله جي وزارت جي پاران ڪو صحي ڪيل اعلان سامهون نه آيو آهي.

(هن رپورٽ جو مواد اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)