افغانستان ۾ سومر ڏينهن ڪار بم ڌماڪي ۾ پوليس جو صوبائي سربراه ۽ سندس ٻه محافظ مارجي ويا. طالبان عهديدارن چيو آهي ته دهشت گرد گروپ داعش سان افغانستان ۾ منسلڪ گروپ داعش خراسان اتر اوڀر ۾ واقع صوبي بدخشان جي گاديءَ واري هنڌ فيض آباد ۾ ٿيڻ واري ان بم ڌماڪي جي ذمه داري قبول ڪئي آهي.
افغان گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ طالبان جي اڳواڻيءَ واري داخلا جي وزارت وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هلاڪ ٿيڻ وارو پوليس جو آفيسر ان وقت ڪم تي وڃي رهيو هو، جڏهن ڌماڪي خيز مواد سان ڀريل ڪار ان جي موٽر گاڏيءَ کي نشانو بنايو.
عبدالنافع ٽڪور چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا.
ان وڌيڪ ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز حملي جي سلسلي ۾ چئن مشتبه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ وضاحت ڪرڻ کان بغير افغانستان جي نام نهاد دشمنن کي ان حملي جي پويان هجڻ جو الزام ڏنو.
بدخشان پاڪستان، تاجڪستان ۽ چين جي سرحد تي واقع آهي.
آگسٽ 2021 ۾ جڏهن کان جنگ زده ملڪ ۾ طالبان پاران اقتدار تي ٻيهر قبضي کان پوءِ، داعش خراسان دهشت گرد حملن ۾ اضافو ڪيو آهي.
تازن مهينن دوران ٿيڻ واري تشدد ۾ افغان شيعه اقليتي ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ طالبان جي حامي عالمن سميت سوين ماڻهو هلاڪ ٿي چڪا آهن.
اسلام نواز حڪمران گروپ دعوا ڪئي آهي ته دهشت گرديءَ کان ڇوٽڪاري تي لڳايل سندس فورسز افغانستان ۾ داعش خراسان جي موجودگيءَ کي نمايان طور تي گهٽايو آهي، پر ناقدين ڪابل ۽ ان کان ٻاهر گروپ جي طرفان لڳاتار حملن جو حوالو ڏيندي انهن دعون تي سوال اٿاريا آهن.
(اياز گل جي رپورٽ)