پوئين ٻن سالن دوران آمريڪا ۾ حڪمران جماعت ڊيموڪريٽڪ پارٽي وٽ صدارت جو عهدو هئڻ سان گڏوگڏ ڪانگريس ۾ به برتري حاصل آهي. ليڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته اٺين نومبر تي ٿيڻ واري وچين مدت جي انتخاب ۾ صورت حال تبديل ٿي سگهي ٿي.
آمريڪا ۾ مڊ ٽرم چونڊن کي عام طور تي صدر جي ڪارڪردگيءَ تي ريفرينڊم سمجهو ويندو آهي ۽ تاريخي طور تي هن اليڪشن ۾ حڪمران پارٽي جون سيٽون گهٽجي وينديون آهن.
مبصر ن جو خيال آهي ته معاشي حالتن جي ڪري به مڊٽرم انتخابات ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ جي پوزيشن بهتر ٿيندي ۽ آمريڪا ۾ وچينءَ مدت جي چونڊن جي به اها ئي تاريخ رهي آهي.
ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ عورتن جي اسقاط حمل جو آئين ۾ حاصل حق ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو جنهن جي ڪري اها تاريخ بدلجي به سگهي ٿي.
رياست ورجينيا جي جارج ميسن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر مارڪ روزل جو چوڻ آهي ته تاريخي اعتبار کان صدر جنهن پارٽيءَ جو هوندو آهي ان پارٽيءَ جي وچين چونڊن ۾ ڪانگريس ۾ سيٽون گهٽجي وينديون آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن هي عام رواجي وچين مدت وارا انتخابات هجن ها ته ري پبلڪز کي وڏي ڪاميابي ملي ها ڇو ته حالتون به انهن جي لاءِ سازگار آهن ۽، وائس آف آمريڪا جي لاءِ ڊورا ميڪور جي رپورٽ جي مطابق، صدر بائيڊن جي مقبولت به گهٽ ٿي آهي. ليڪن، هن ڀيري اهڙا عوامل آهن جن جي ڪري اها روايت توقع جي برخلاف به ٿي سگهي ٿي.
ڪانگريس ۾ ڪهڙي تبديلي اچي سگهي ٿي؟
آمريڪا ۾ ٿيڻ واري وچين مدت جي انتخابات ۾ قانون سازي ڪرڻ وارن ٻنهين ايوانن منجهان ايوان نمائندگان جي سمورن 435 ميمبرن ۽ سينيٽ جي 100 سيٽن منجهان ٽئين حصي تي چونڊ ٿيندي. ان کان سواءِ آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ رياستي اسيمبلين ۽ لڳ ڀڳ اڌ رياستين جي گورنرن جي چونڊ به ٿي رهي آهي.
صدر قانون سازيءَ جي ذريعي پنهنجي پاليسي ايجنڊا ۽ انتخابي وعدن جي مطابق اقدامات ڪندو آهي. انهن قانونن جي منظوريءَ جي لاءِ جيڪڏهن صدر جي جماعت کي ڪانگريس جي ٻنهين ايوانن ۾ اڪثريت حاصل هجي ته ان جي لاءِ ماحول سازگار رهندو آهي.
چونڊن کان اڳ صدر بائيڊن جي پارٽيءَ کي ايوان نمائندگان ۾ برتري حاصل هئي. انهيءَ برتريءَ جي ڪري صدر بائيڊن گن ڪنٽرول، آمريکا جي انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر ترقي، ماحولياتي تبديلي ۽ دوائن جي اگهن متعلق قانون منظور ڪرايا آهن.
وچين مدت جي چونڊن جي نتيجن منجهان اها ڳالهه به طئي ٿيندي ته صدر بائيڊن پنهنجي باقي مدت ۾ به پنهنجي ايجنڊا تي عمل درآمد جو سلسلو برقرار رکي سگهندو يا نه.
ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽس جا 220 نمائندا آهن جڏهن ته ري پبلڪن پارٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد 212 آهي. اهڙيءَ ريت سينيٽ جي 100 سيٽن منجهان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا 48 ميمبر آهن ۽ کين ٻن آزاد اميدوارن جي حمايت به حاصل آهي.
سينيٽ ۾ باقي اڌ سيٽون ري پبلڪن وٽ آهن. ليڪن سينيٽ جي اڳواڻي آمريڪا جي نائب صدر وٽ هوندي آهي جيڪا ڊيموڪريٽڪ ڪاملا هيرس آهي. هوءَ ڪنهن معاملي تي ووٽنگ ۾ ٽائي ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ووٽ ذريعي فيصله ڪن ڪردار ادا ڪري سگهندي آهي.
هاڻي ايوان نمائندگان جون سموريون ۽ سينيٽ جي ٽئين حصي جي سيٽن تي ٿيڻ وارن چونڊن جي ڪري اها صورت حال تبديل ٿيڻ واري آهي.
صورت حال ۾ تبديليءَ جي اثرات متعلق ڳالهائيندي ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ ’ڪالج آف لبرل آرٽس’ جي ڊين، ميري برينن چيو آهي ته ڪانگريس ۾ اڪثريت رکڻ واري جماعت ڪاميٽين ۾ تقرريون ڪندي آهي ۽ اهي ئي ڪاميٽيون فيصلو ڪنديون آهن ته ايوان ۾ ڪهڙا قانون بحث جي لاءِ پيش ڪيا وڃن.
سندس چوڻ مطابق، جيڪڏهن مخالف ڌر کي ٻنهين ايوانن ۾ برتري حاصل ٿي وڃي ته اها صدر جي ايجنڊا تي عمل درآمد ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري سگهي ٿي.
مڊٽرم جي تاريخ ڇا ٿي ٻڌائي؟
گزريل 10 ورهن دوران صرف ٽي وچين مدت وارين چونڊن ۾ حڪمران جماعت جي پارٽيءَ کي سيٽن ۾ واڌارو ڏٺو ويو. سڀ کان پهرين 1934 ۾ شديد معاشي بحران دوران صدر فرينڪلن روزويلٽ جي دور ۾ وچين مدت جي چونڊن جي نتيجي ۾ صدر جي پارٽيءَ جي سيٽن ۾ واڌارو ٿيو هو.
ان کان پوءِ 1998 ۾ صدر ڪلنٽن جي مواخذي ۽ 2002 ۾ نائين اليون کانپوءِ ٿيڻ وارن مڊٽرم ۾ به صدر جي پارٽيءَ جي سيٽن جو تعداد وڌيو هو.
مارڪ روزيل جو چوڻ آهي ته انهن ٽنهين مڊٽرم چونڊن ۾ غير معمولي حالتن جي ڪري اهي نتيجا آيا هيا. 1934 ۾ ’گريٽ ڊپريشن’ جي ڪري، اهو نتيجو آيو هو. اهڙيءَ طره 1998 ۾ ري پبلڪن پاران شروع ڪيل صدر ڪلنٽن جو مواخذو عوامي سطح تي هڪ غير مقبول قدم هو، ان ڪري صدر جي پارٽيءَ کي مڊٽرم، ۾ ان جو فائدو ٿيو جڏهن ته نائن اليون کان پوءِ صدر بش جي مقبوليت عروج تي هئي.
سندس چوڻ موجب، ٽي دفعا اهي غير معمولي حالتون نتيجن تي اثرانداز ٿيون. انهن ٽنهين مثالن کان علاوه 100 سالن دوران وچين مدت جي انتخابات ۾ حڪمران جماعت جون ڪانگريس ۾ سيٽون گهٽ ٿيون آهن.
مڊٽرم اليڪشن ۾ ووٽر ٽرن آئوٽ صدارتي انتخاب جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هوندو آهي. 2018 جي مڊٽرم ۾ 50 في صد ٽرن آئوٽ هيو جيڪو گزريل چئن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ شرح هئي. ان کان اڳ 2014جي مڊٽرم ۾ 41 في صد کان مٿي جڏهن ته 2020 جي صدارتي انتخابات ۾ 66 في صد کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ هيو.
برينن جي نظر ۾ مڊٽرم۾ ووٽنگ جي گهٽ شرح جو سبب اهو آهي ته عام طور تي حڪمران جماعت جا ووٽر مطمئن هوندا آهن جيڪي ووٽنگ ۾ گهڻي دلچسپي نه وٺندا آهن. ان جي مقابلي ۾ جيڪي ماڻهو خوش نه هوندا آهن اهي وڏي تعداد ۾ پنهنجي رائي ۽ جذبات جو اظهار ڪندا آهن.
ووٽرن جو رجحان
ري پبلڪن جو خيال آهي ته ووٽر صدر بائيڊن جي صدارت جي ٻن سالن ۾ مهانگائيءَ جي بلند ترين شرح، آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي سرحد تان تارڪين وطن جي وڏي تعداد ۾ داخل ٿيڻ، افغانستان مان آمريڪا جي فوج جي واپسيءَ ۾ ٿيڻ واري بدنظمي ۽ ٻين معاملن تي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي سبق سيکاريندا.
ان جي ڀيٽ ۾ ڊيموڪريٽس پنهنجي هن وقت تائين حاصل ڪيل ڪاميابين تي پراعتماد آهن. ان کان علاوه انهن جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر قومي سطح تي سياست ۾ متحرڪ ٿيڻ سبب ڊيموڪريٽ ووٽر وڏي تعداد ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ووٽنگ ۾ حصو وٺندو.
ڊيموڪريٽس جو خيال آهي ته ٻار ڪيرائڻ جي عمل جي حق متعلق سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي جي ڪري به ان جي حمايت ۾ واڌ ٿي آهي. هلندڙ سال جون ۾ آمريڪا جي سپريم ڪورٽ اسقاط حمل جي حق متعلق 1973 ۾ ڏنل پنهنجي ئي فيصلي کي غلط قرار ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ جي اسقاط حمل متعلق مشهور ’رو بنام ويڊ’ فيصلي ۾ اسقاط حمل کي قانوني عمل قرار ڏنو ويو هو. ليڪن، اعلي عدالت ان حق کي هاڻي ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي مختلف رياستون انفرادي سطح تي اسقاط حمل جي طريقه ڪار تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ قانون سازي ڪري سگهن ٿيون. ان فيصلي کان پوءِ مڊٽرم انتخابات ۾ اسقاط حمل جي حق متعلق قانون سازي اهم انتخابي موضوع بڻجي چڪي آهي.
ڊيموڪريٽڪ پارٽي عورتن کي اسقاط حمل جي آزاديءَ تائين وڌ کان وڌ رسائي ڏيڻ جي حامي آهي. ان جي مقابلي ۾ ري پبلڪنز ان معاملي تي قدامت پسند حلقن جي موقف جي تائيد ڪن ٿا، جيڪي اسقاط حمل کي بطور آئيني حق تسليم ڪرڻ جا مخالف آهن.
اليڪشن کان اڳ عام رائي جي جائزن مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اسقاط حمل متعلق مختلف طبقن ۾ سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو غير مقبول آهي جنهن ۾ اهي آزاد رائي ڏيڻ وارا به شامل آهن جن جي ووٽنگ جو رجحان سخت مقابلي جوڳو ۽ فيصله ڪن ثابت ٿئي ٿو.
مارڪ روزيل چيو آهي ته هنن مڊٽرم چونڊن ۾ گهڻو ڪجهه اهڙو آهي جيڪو پهرين ڪڏهن نه ٿيو هو. ڪانگريس جي لاءِ فيصله ڪن مقابلن ۾ اسقاط حمل متعلق فيصلي تي ووٽرن جو ردعمل ڊيموڪريٽس جي حق ۾ بازي پلٽي سگهي ٿو.
ميري برينن چيو آهي ته ان کان سواءِ ڪيترا ئي اهڙا عنصر آهن جيڪي مڊٽرم انتخابات تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا جن جو هينئر درست اندازو به ٿو لڳائي سگهجي،
سندس چوڻ مطابق، ڪيترا ئي ماڻهو سوچن ٿا ته سندن ووٽ فرق نه ٿو آڻي سگهي. سندن خيال ۾ صدارتي انتخاب جي مقابلي ۾ هن اليڪشن جي اهميت وڌيڪ ناهي. ان کان سواءِ ڪيترائي ڀيرا موسم جي تبديلي ۽ ذاتي مصروفيتن سميت معمول جا ڪيترا ئي ننڍا مسئلا به ووٽنگ جي شرح کي متاثر ڪن ٿا.