پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي اڳواڻ، عمران خان الزام لڳايو آهي ته سندس جماعت کي پاڪستان جي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿيڻ جون سڀ کان وڌيڪ خوشيون ڀارت ۾ ملهائيون ويون.
عمران خان چيو ته اها هڪ خطرناڪ سازش آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت کي فوج جي آڏو آڻي بيهاريو وڃي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 1971 ۾ به ملڪ جي سڀ کان وڏيءَ جماعت کي فوج سان ويڙهايو ويو هو جنهن جو نتيجو ملڪ ٽٽڻ جي صورت ۾ نڪتو. هڪ دفعو ٻيهر تاريخ دهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙي جماعت جيڪا سنڌ، پنجاب، خيبرپختون خوا ۽ بلوچستان ۾ مقبول آهي، انهيءَ کي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش رٿي پئي وڃي.
اڳوڻي وزير اعظم جي بقول، تحريڪ انصاف کي ٽوڙڻ جو هڪ منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عجيب وغريب فيصلو ڏنو. ان پارٽيءَ جنهن سياسي فنڊريزنگ ڪئي۽ 40،000 چندي ڏيندڙن جا نالا ڏنا، هنن انهن منجهان ڪجهه کي غير ملڪي ظاهر ڪري تحريڪ انصاف کي بدنام ڪيو آهي.
بقول عمران خان هاڻي ٻين سياسي جماعتن کي صاف نظر اچي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف کي اليڪشن ۾ هارائڻ ممڪن ڪونهي، ان ڪري اسان کي ڪنهن حرفت جي ذريعي ناڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
پاڪستان جي هڪ ڪاروباري شخص، عارف نقوي جو هڪ دفعو ٻيهر دفاع ڪندي، عمران خان چيو ته هو سڀ کان تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ وارو پاڪستاني شهري هو، ليڪن کيس به بدنام ڪيو ويو.
توشه خاني مان ملندڙ تحفن جي تحقيقات ڪرائي وڃي
ان ڏس ۾ هن چيو ته ماضيءَ ۾ ملڪ ۽ مسلح فوج جي جن به سربراهن کي تحفا مليا انهن سڀني جي تحقيقات ڪرائي وڃي، ته سڄو معاملو واضح ٿي ويندو. هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف توشه خاني منجهان غير قانوني طور تي مهانگيون گاڏيون ورتيون، جڏهن ته مون کي ان معاملي ۾ ڦاسائي نااهل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
اي آر وائي نيوز جو حوالو ڏيندي، عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي چينلز ۽ سوشل ميڊيا يوٽيبرز منهنجي حمايت ڪري رهيا آهن، انهن کي بند ڪيو پيو وڃي ته جيئن پنهنجي پسند وارن چينلز جي ذريعي منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي.
ڇا شهباز گل جي گرفتاري قانون مطابق هئي؟
ان معاملي تي پنهنجي ردعمل ۾، عمران خان چيو ته جيڪڏهن شهباز گل ملڪ جي آئين خلاف ڪا ڳالهه ڪئي آهي ته کيس عدالت ۾ صفائيءَ جو موقعو ڏنو وڃي.
خيال رهي ته شهبار گل سومر ڏينهن اي آر وائي نيوزچينل جي نشريات دوران دعوي ڪئي هئي ته پاڪستاني فوج جي جونيئر رينڪس جا زياده تر آفيسر پاڪستان تحريڪ انصاف جا حامي آهن. هن چيو ته جونيئر رينڪس جا آفيسر آخر انسان آهن. خداءِ انهن کي شعور ڏنو آهي. ان ڪري هو ڪوئي به غير قانوني حڪم نه مڃن ۽ حق سان گڏ بيٺا رهن. شهباز گل جي هن بيان کي فوج جي جونيئر آفيسرن کي بغاوت تي اڪسائڻ جي برابر قرار ڏيندي، وفاقي حڪومت شهباز گل جي خلاف غداريءَ جو مقدمو درج ڪري کيس گرفتار ڪيو هو.
نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ فوج مخالف بيان ڏنا هيا، عمران خان
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ڀارت ۾ ممبئي حملا ٿيا ته ان وقت جي صدر آصف زرداريءَ ڊي جي آئي ايس آئي کي ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. عمران خان جي لفظن ۾، آصف زرداريءَ حسين حقانيءَ ذريعي آمريڪين کي پيغام ڏنو ته سندس حڪومت کي فوج کان بچايو وڃي.
هن چيو ته نواز شريف به ڪيترن ئي معاملن ۾ پاڪستاني فوج کي بدنام ڪيو. سندس بقول، نواز شريف ساڳئي ئي وزيراعظم موديءَ کي پنهنجي ڏوهٽيءَ جي پرڻي جي تقريب ۾ سڏايو جنهن ان وقت جي آرمي چيف راحيل شريف کي دهشت گرد قرار ڏنو هو.
عمران خان چيو ته هي ماڻهو اسان کي غدار قرار ڏئي رهيا آهن ۽ فوج سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي فوج مخالف قرار ڏئي رهيا آهن.
الظواهريءَ خلاف آپريشن
القاعده جي اڳواڻ ايمن الظواهري جي خلاف آپريشن دوران مبينه طور تي پاڪستاني سرزمين استعمال ٿيڻ متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته حڪومتي ترديد جي باوجود ٻاهرين اخبارن ۾ اهي رپورٽون اچي رهيون آهن ته افغانستان ۾ القاعده جي رهنما ايمن الظواهري تي ڪيل ڊرون حملي ۾ پاڪستاني سرزمين استعمال ٿي.
اڳوڻي وزير اعظم دعوي ڪئي ته اسان کي اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ استعمال ڪيو ويو ۽ نائن اليون کان پوءِ اسان وري جهڪي پياسين. هن الزام لڳايو ته هاڻي موجوده حڪومت ٿورن ڊالرن جي لاءِ هن مبينه ايجنڊا جو حصو بڻجي وئي ته پوءِ پاڪستان کي نقصان ٿيندو.
حڪومت جو رد عمل
اڳوڻي وزير اعظم جي اخباري ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي، وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي چوڻ تي، شهباز گل اي آر وائي نيوز تي پندرهن منٽن تائين فوج جي خلاف ڳالهايو.
مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي ٽي ڀيرا ڪڍيو ويو، سندس سيني ۾ ڪارگل کان وٺي ڪيترا ئي راز آهن، ليڪن هن ملڪي سلامتيءَ جي پيش نظر انهن متعلق ڪڏهن ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته عمران خان فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته فوج نيوٽرل نه رهي.