پاڪستان جي پرڏيهي ناتن جي مملڪتي وزير، حنا رباني کر ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس اسلام آباد پهچي وئي آهي. پاڪستان جي اعلي سفارت ڪار جي هن دوري کي پاڪستان ۽ افغان طالبان جي تعلقات ۽ خطي جي صورت حال کي ڏسندي اهميت جو حامل قرار ڏنو پيو وڃي.
حنا رباني کر اڱاري ڏينهن صبح جو ڪابل پهتي جتي هن افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي نائب وزير اعظم عبدالسلام حنفي ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقيءَ سميت اعلي عمل دارن سان ملاقاتون ڪيون.
پرڏيهي ناتن جي آفيس مان جاري بيان مطابق، ڪابل ۾ ٿيڻ وارين انهن ملاقاتن ۾ معدنيات ۽ پيٽروليم جي افغان وزير، شهاب الدين دلاور به موجود هو. افغانستان متعلق پاڪستان جي خصوصي نمائندي، محمد صادق به ملاقات ۾ شريڪ هيو.
هلندڙ سال شهباز شريف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ موجوده ڪابينا جي ڪنهن وزير جو هي ڪابل جو پهريون دورو هيو.
افغانستان ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير منصور احمد خان چيو آهي ته افغانستان پاڪستان جو ويجهو پاڙيسري ملڪ آهي، ان ڪري سياسي، سفارتي ۽ حڪومتي سطح تي رابطا تمام گهڻا ضروري آهن، جيڪي گزريل ڪيترن ئي مهينن کان ٻنهين پاسن کان نه ٿيا هيا.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته پاڪستان جي مملڪتي وزير پاران هي دورو خوش آئند آهي جيڪو ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفن ۽ علائقائي معاملن ۾ تعاون ۽ اشتراڪ کي هٿي ڏيندو.
هن چيو ته طالبان سان هن جو جيڪو سفارت ڪاريءَ جو تجربو رهيو آهي ان جي بنياد تي هو چئي سگهي ٿو ته طالبان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي معاملات کي اڳتي وڌائڻ گهرن ٿا. ليڪن، سندس بقول، اها رابطي ڪاري مسلسل ۽ بنان ڪنهن وقفي جي ٿيڻ گهرجي، ته جيئن معاملات ۾ ڪو الجهاءُ يا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي.
منصور احمد خان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلا ۽ تنازعا به موجود آهن جن ۾ ذڪر جي قابل سرحدي سلامتي ۽ ٽي ٽي پيءَ جي متعلق معاملات آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي مفاد ۾ آهي ته ٻنهين ويجهن پاڙيسري ملڪن جا جا ناتا بهتر بنايا وڃن، ۽ هن دوري دوران ٻه طرفن معاملن، واپار ۽ سفري مشڪلن جي حل سان گڏ انهن چيلنجن تي به ڳالهه ڪرڻ کپي جيڪي ٻه طرفي تعلقات ۽ تعاون جي واڌاري ۾ حائل آهن.
منصور احمد خان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلا ۽ تنازعا به موجود آهن جن ۾ ذڪر جي قابل سرحدي سلامتي ۽ ٽي ٽي پيءَ جي متعلق معاملات آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي مفاد ۾ آهي ته ٻنهي ويجهن پاڙيسري ملڪن جا ناتا بهتر بنائجن، ۽ هن دوري دوران ٻه طرفن معاملن، واپار ۽ سفري مشڪلن جي حل سان گڏ انهن چيلنجن تي به ڳالهه ڪرڻ کپي جيڪي ٻه طرفي تعلقات ۽ تعاون جي واڌاري ۾ حائل آهن.
افغان طالبان چاهن ٿا ته پاڪستان کين تسليم ڪرڻ جي لاءِ لابي ڪري
افغان تجزيه ڪار فهيم سادات چيو آهي ته حنا رباني کر جو دورو بنيادي طور تي سيڪيورٽي معاملن جي گرد هي هيو.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي طالبان حڪومت سان مجموعي طور تي تعلقات سٺا آهن ۽ طالبان به پاڪستان ۽ چين جي ڪيمپ جي پاسي جهڪاءُ رکن ٿا.
هن چيو ته ان جي باوجود ٻنهين ملڪن وچ ۾ مسئلا به موجود آهن ۽ اسلام آباد عمران خان جي پوئين حڪومت وانگر طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي لابي نه ٿو ڪري.
هن چيو ته هاڻي جڏهن ٽي ٽي پيءَ فائربنديءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان هي ڏسڻ چاهيندو ته ان متعلق طالبان جي حڪومت جي پوزيشن ڇا آهي. سندس بقول، هن دوري جو محور سرحدي معاملا ۽ ٽي ٽي پي آهن.
اسلام آباد جو هي موقف رهيو آهي ته پاڪستان طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ اڪيلي سر ڪو فيصلو نه ڪندو ۽ بلڪه باقي دنيا سان گڏ هلندو. ليڪن، عالمي برادريءَ تي افغانستان سان رابطا برقرار رکڻ تي زور ڏيندو ٿو اچي ته جيئن افغانستان کي درپيش اقتصادي مشڪلن جي ڪري اتي ڪو انساني بحران پيدا نه ٿئي.
خيال رهي ته حنا رباني کر اهڙي وقت ڪابل جو دورو ڪري رهي آهي جڏهن سومر ڏينهن بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستاني حڪومت سان جون ۾ ڪيل جنگ بنديءَ جي معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
منصور احمد خان چيو ته ٽي ٽي پيءَ کي ڪيترن ئي سالن کان افغانستان ۾ پناه ملندي رهي آهي جتان کان هو پاڪستان جي اندر دهشت گرديءَ جون ڪاروائيون ڪندا رهندا آهن.
(علي فرقان جي رپورٽ)