خلائي ٽيلي اسڪوپس تان ورتل ننڍڙي سياري سان ٽڪرائڻ جون صاف تصويرون

ناسا پاران جاري ڪيل هنن تصويرن ۾ 26 سيپٽمبر 2022 تي’ڊارٽ’ اسپيس ڪرافٽ جي ’ڊيمارفوس’ سيارچي سان ٽڪرائڻ جا ٽي مختلف ڏيک نظر اچي رهيا آهن. اي پي.

هاڻي انسان ذات وٽ حيران ڪندڙ نيون تصويرون اچي چڪيون آهن جيڪي `سيارچي` سان ٽڪرائڻ متعلق آهن، جنهن کي سائنس دان نظام شمسيءَ جي دفاع جي پهرين آزمائش خيال ڪري رهيا آهن.

خميص ڏينهن ناسا ان ڊرامائي واقعي جون تصويرون جاري ڪيون آهن، جيڪي ’هبل’ ۽ ’ويب’ اسپيس ٽيلي اسڪوپس ڪڍيون آهن.

ڪجهه ڪلاڪ پوءِ، ناسا سان ملي’اسپيس ايڪس’ اعلان ڪيو ته اهي ’هبل’ ڏانهن هڪ خانگي مشن موڪلڻ جو سوچي رهيا آهن، جنهن جو ابتدائي جائزو ورتو ويندو، جنهن جي سربراهي ممڪنه طور تي هڪ ارب پتي ڪندو، جنهن جو مقصد هن پراڻي ٽيلي اسڪوپ جو دائرو وڌائڻ ۽ ان جي ڄمار ۾ اضافو ڪرڻ آهي.

ستن ئي براعظمن تي لڳل ٽيلي اسڪوپ منتظر هيا ته سومر ڏينهن ناسا جو ’ڊارٽ’ اسپيس ڪرافٽ نه ڏکوئيندڙ، ’اسپيس راڪ’ سان ڪيئن ٿو ٽڪرائي، جيڪو لمحو زمين کان 70 لک ميل (هڪ ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر) پري ٿي رهيو هو، سائنس دان ان جو مدار تبديل ڪرڻ جو سوچي رهيا هيا.

مختصر ڳالهه اها آهي ته نومبر تائين سائنس دان اهو معلوم نه ڪري سگهيا هيا ته مدار جي اها تبديلي ڪيئين ڪئي وڃي، هن آزمائش کان پوءِ هنن ۾ اعتماد وڌيو آهي ته جيڪڏهن هڪ ڏينهن ڪو تباه ڪن قسم جو سيارو زمين ڏانهن رخ ڪري ٿو ته ان کي ڪهڙي نموني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.

جاهنز هاپڪنز يونيورسٽيءَ جي ’پلانيٽري اسٽرونومر’ ۽ مشن جي سربراه، اينڊي ريوڪن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ’’هي هڪ غير معمولي واقعي جو هڪ غيرمعمولي نظارو آهي’’.

هي سموريون تصويرون سائنس دانن کي هڪ تمام ننڍڙي سياري، ’ڊيمارفوس’ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏينديون، جيڪو زد ۾ آيو ۽ ٽڪرائڻ جي ڪري اتي هڪ وڏي کڏ وجود ۾ آئي. پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي ڪري پٿر ۽ ڌوڙ جا ذرا خلا ۾ داخل ٿيا، جيڪي تازين تصويرن ۾ چمڪندڙ ڪرڻن وانگر نظر اچن ٿا.

ناسا مطابق، هن ٻٽي سياري جي نظام جي چمڪ ٻئي ويجهي وڏي سياري جي چانڊوڪيءَ ۾ ڌنڌلي ٿي لڳي. ’ڊيمارفوس’ جي جسامت 525 فٽ (160 ميٽر) آهي. ’هبل’ جي فراهم ڪيل تصويرن ۾ ٽڪرائڻ جا ٽي رخ نظر اچن ٿا.

ايندڙ ڪجهه هفتن تائين ’هبل’ ۽ ’ويب’ ڊيمارفوس ۽ ان جي ساٿي وڏي سياري ’ڊائديموس’ جو جائزو وٺندا رهندا.

ڊالر 325 ملين جي خرچ تي ’ڊارٽ’ جو مشن گزريل سال روانو ڪيو ويو هو. اسپيس ڪرافٽ کي ميري لينڊ جي علائقي، لوريل ۾ قائم جاهنز هاپڪنز ايپلائيڊ فزڪس ليباريٽري تيار ڪيو ۽ انتظام ڪيو هو.

هبل جي باري ۾ خميص ڏينهن ناسا جي عمل دارن زور ڏيندي چيو آهي ته 32 سال اڳ رواني ڪيل اها آبزرويٽري سٺيءَ حالت ۾ آهي ۽ ايندڙ ڏهن سالن تائين ڪارگر رهي سگهي ٿي.

هنن جو چوڻ آهي ته هبل جو مدار گهٽجي رهيو آهي ليڪن ٽيلي اسڪوپ جو مدو وڌي سگهي ٿو جيڪڏهن ان کي زمين کان مٿي موجوده 335 ميلن (540 ڪلوميٽر) مان وڌائي 375 ميل (600 ڪلوميٽر) يا مدار ۾ اڃان مٿي ڪيو وڃي.

ڇهن مهينن تائين ان سلسلي جو ٽيڪنيڪي جائزو ورتو ويندو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته سندس پرزن کي تبديل ڪيو وڃي، ممڪن آهي ته ان ڪم کي انجام ڏسڻ لاءِ عملي کي اوڏانهن موڪليو وڃي.

پينسلوانيا جي ٽيڪنيڪي ڪاروبار ڪندڙ، جيرد آئزڪ مين جنهن ٻين مقابلي ڪرڻ وارن سان گڏجي گزريل سال پنهنجي ’اسپيس ايڪس’ رواني ڪئي، چيو آهي ته جيڪڏهن منظور ٿيو ته ’هبل’ مشن سندس خلائي پروازن جي سلسلي سان مطابقت رکي ٿو. ليڪن، هن اڃان اهو نه چيو ته ڇا هو ان لاءِ ڪا رضاڪارانه سوچ رکي ٿو.

ناسا جي سائنس مشن جي سربراه، ٽامس زربوچن اخباري نمائندن کي ٻڌاو ته، ’’سچ چوان، ته اسان کي اهو ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي’’.

(هن رپورٽ جو مواد خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)