طالبان افغانستان ۾ وائس آف آمريڪا سميت ٻين چينلز تي پابندي لڳائي ڇڏي

وائس آف آمريڪا جي افغان سروس جا صحافي نوشابه اشنا، حافظ آصفي ۽ رويا زماني واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ ’وي او اي’ جي هيڊڪوارٽرز ۾ پروگرام نشر ڪندي (فائيل فوٽو)

پروگرام جي مواد جي باري ۾ موصول ٿيڻ وارين شڪايتن جو حوالو ڏيندي، طالبان اختياريءَ وارن افغانستان ۾ ايف ايم اسٽيشنن تي ’وي او اي ۽ آر ايف اي آر ايل جي نشريات تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

طالبان جي اطلاعات ۽ ثقافت جي وزارت جي پاران جاري ٿيندڙ هڪ هدايت نامي مطابق اها پابندي پهرين ڊسمبر کان عمل ۾ ايندي.

وائس آف آمريڪا جي اڪمل داعيءَ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته طالبان جي ترجمان انهن مبينه شڪايتن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا آهن، جن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهي شڪايتون کيس آمريڪي فنڊنگ سان هلڻ وارن نيوز پروگرامن جي باري ۾ موصول ٿيون آهن.

اڃان اهو واضح نه ٿيو آهي ته ان پابنديءَ جو نفاذ ٻين نشرياتي ادارن تي ٿيندو يا نه جيڪي افغانستان ۾ ايف ايم نشريات جي لاءِ ساڳيو ئي نظام استعمال ڪندا آهن.

هن سال جي شروع ۾ طالبان افغانستان ۾ نجي نيوز چينل ’طلوع’ تي وائس آف آمريڪا جي دري ۽ پشتو زبان جي ٽيلي ويزن شوز پيش ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي.

وائس آف آمريڪا جا دري ۽ پشتو ريڊيو پروگرام، جيڪي 1980 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيا هيا، پوري افغانستان ۾ لکين سامعين تائين پهچندا هيا ۽ وڏي پيماني تي معتبر ۽ قابل اعتماد هئڻ جي ڪري انهن کي احترام سان ٻڌو ويندو هو.

گزريل سال اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ طالبان افغانستان ۾ ميڊيا ۽ صحافين تي وچ ٿريون پابنديون لڳايون هيون جن ۾ عورتن جي لاءِ پنهنجي چهري کي لازمي طور تي ڍڪڻ به شامل هو.

غير جانبدار صحافتي تنظيمن طالبان کي ميڊيا تي وڏي پيماني تي سينسرشپ لڳائڻ، صحافين کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ ۽ ميڊيا جي ڪارڪن عورتن کي حق ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جا ڏوهي قرار ڏنو هيو.

مبينه طور تي سوين ڪارڪن به طالبان جي ظلم ۽ زيادتين جي خوف کان ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃي چڪا آهن.