اٺين نومبر، اڱاري ڏينهن، آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن جو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ڪروڙين آمريڪي ووٽنگ ۾ حصو وٺندا. اهي انتخابات ان لاءِ اهم آهن جو انهن ۾ فيصلو ٿيندو ته ڪانگريس جي ٻنهين ايوانن ۾ ٻنهين سياسي جماعتن منجهان ڪنهن جون ڪيتريون سيٽون هونديون ۽ ڪنهن کي ڪيتري فوقيت ملندي.
ايوان نمائندگان جي سمورن 435 سيٽن جي لاءَ چونڊ ٿيندي جڏهن ته سينيٽ جي 100 سيٽن منجهان 35 تي انتخاب ٿيندو.
اڳ ۾ ئي چار ڪروڙ 20 لک ووٽر قبل از وقت ووٽنگ يا پوسٽ جي ذريعي ’ميل ان’ پولنگ ۾ حصو وٺي چڪا آهن.
ڪجهه تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي ووٽرن جو تعداد يارهن ڪروڙ ۽ 50 لک ٿي سگهي ٿو، جيڪو 2018 جي وچين مدت جي چونڊن جي تعداد کان وڌيڪ هوندو.
SEE ALSO: آمريڪا ۾ مڊٽرم اليڪشن، ڇا مخالف ڌر کي برتري ملڻ جي روايت برقرار رهندي؟هن وقت ٻنهين ايوانن ۾ ڊيموڪريٽس کي معمولي سبقت حاصل آهي.
عام رائي جي ڪن جائزن ۾ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته ري پبلڪنز ٻنهين ايوانن ۾ ڪنٽرول حاصل ڪري سگهن ٿا. ان صورت ۾ جڏهن هڪ پارٽيءَ جي حڪومت هجي ۽ ٻي سياسي پارٽيءَ وٽ هڪ يا ٻنهين ايوانن ۾ اڪثريت هجي، حڪومت جو ڪاروبار هلڻ ۽ سياسي ايجنڊا تي عمل درآمد مشڪل ٿي پوندو آهي.
هوڏانهن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي بهتر نتيجي جي توقع آهي، جنهن جو سبب هن جي ٻن سالن جي نمايان ڪارڪردگي ٻڌائي ٿي وڃي.