سنڌ جي ٻئي وڏي شهر، حيدرآباد جي صدر بازار ۾ واقع رابي سينٽر جي ٻاهران مذهبي بي حرمتي جي الزام تي هڪ ميڙ ڪٺو ٿيو ته ويجهي هوٽل جي مالڪ غازي احمد جي ذهن ۾ سيالڪوٽ ۾ ٿيڻ واري دل دهلائيندڙ واقعي جي تصوير اڀري آئي.
غازي احمد پوليس کي اطلاع ڏيڻ سان گڏ ميڙ کي عمارت آڏو اچڻ کان روڪڻ جي تدبير ڪرڻ لڳو جتي مسلمانن جي مقدس ڪتاب، قرآن جي مبينه توهين جو ملزم موجود هو.
اهو واقعو آچر جي ڏينهن حيدرآباد ۾ پيش آيو جڏهن رابي سينٽر جي گرد سوين ماڻهو ڪٺا ٿيا، جيڪي ان شخص کي عمارت مان ڪڍڻ گهرن پيا جنهن تي مذهبي بي حرمتيءَ جو الزام لڳايو پئي ويو. معاملي جو اطلاع ملڻ تي صدر جي علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو جمع ٿي ويا.محمد ثاقب جي رپورٽ.
هاڃيڪار واقعي جو امڪان
رابي سينٽر جي ويجهو هوٽل جي مالڪ، غازي خان وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته عمارت منجهان ڪي مقدس ورق باه ۾ سڙيل حالت ۾ ملڻ تي ماڻهوڪٺا ٿي ويا ۽ اتي رهندڙ هڪ سينيٽري ورڪر تي توهين مذهب جو الزام ڏيندي ميڙ جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هيا.
هن ٻڌايو ته هن ئي عمارت ۾ ٻئي هندو خاندان به رهندا آهن. ان کان پهريان جو انهن الزامن تي ڪٺو ٿيندڙ هجوم عمارت ۾ داخل ٿئي ۽ ڏڦيڙ پئجي وڃي، هن موجود ماڻهن کي قانون کي هٿ ۾ کڻڻ کان روڪيو. پوليس جي اچڻ جو انتظارهو. انهيءَ وچ ۾ مڇريل ميڙ اندر وڃڻ لاءِ ڪيترا ئي در ۽ دريون ٽوڙي ڇڏيون.
مسلمان هئڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ نعرو لڳايو
عازي احمد چيو ته هن جي ذهن ۾ گزريل سال سيالڪوٽ جو واقعو گهمي رهيو هو جڏهن سري لنڪا جي هڪ شهريءَ کي مذهب جي مبينه بي حرمتيءَ جي الزام تي قتل ڪري سندس لاش کي باهه ڏني وئي هئي.
گزريل سال ٿيڻ واري ان واقعي ۾ ڇهن ملزمن تي الزام ثابت ٿيو جن کي موت جي سزا ۽ 72 کي ڪاٺ ۾ وجهڻ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
غازي احمد چيو ته هن صورت حال کي بگڙڻ کان روڪڻ لاءِ هن وچن ڪيو ته ڪجهه به ٿئي انهن غير مسلمانن ۽ سندن ڪٽمب جي حفاظت ٿيڻ گهرجي.
هن ٻڌايو ته ميڙ کي قابو رکڻ لاءِ ۽ پنهنجي مسلمان هئڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ هن ڪيترا ئي ڀيرا نعره تڪبير بلند ڪيو. انهيءَ وچ ۾ پوليس اتي اچي پهتي. ليڪن ميڙ اڃان بي قابو ٿي رهيو هو. سندس چوڻ مطابق جيڪڏهن هو ۽ سندس ساٿي هندو خاندانن جي حفاظت نه ڪن ها ته وڏو حادثو ٿي سگهي پيو.
هن ڇيو ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ هڪ مقامي شخص جو هندو برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن سان جهيڙو ٿي چڪو هو. هن اها ڳالهه نه ٻڌائي ته ڇا هن جهيڙي جو ان واقعي سان ڪو تعلق هو.
غازي احمد چيو ته پوليس، ريپڊ ريسپانس فورس (آر آر فورس) ۽ رينجرز جا عمل دار سخت ڪشيدگيءَ جي ماحول ۾ به احڪامات نه ملڻ ڪري ڳوڙها گيس جي شيلنگ ۽ هوا ۾ گولي هلائڻ کان پرهيز ڪندا رهيا ۽ ان وچ ۾ هنن صورت حال کي قابوءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش جاري رکي.
بعد ۾ وڌيڪ وڳوڙ کان بچڻ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ فورس لاٺي چارج ڪيو ۽ آنسو گيس جي شديد شيلنگ به ڪئي.اضافي پوليس طلب ڪرڻ تي به ميڙ قابو ۾ نه آيو ۽ رينجرز جي وڌيڪ نفري گهرائي وئي.
انهيءَ دوران صدر جو علائقو ميدان جنگ جو منظر پيش ڪري رهيو هو جنهن کان پوءِ حالتون ڪجهه قدر قابوءَ ۾ آيون. ليڪن آچر کان پوءِ سومر ڏينهن به ڪشيدگي برقرار رهي ۽ علائقي ۾ دڪان ۽ ڪاروبار مرڪز بند رهيا.
پوليس ايف آئي آر ۾ ڇا آهي؟
پوليس جي طرفان درج واقعي جي ايف آئي آر ۾ چيو ويو آهي ته رابي سينٽر ۾ مولانا امين ذڪريا نالي هڪ شخص باهه جا سڙيل قرآن جا ورق ڏيکاريا هيا. انهيءَ دوران اتي موجود ٻهاري ڏيندڙن کان پڇا ڪئي وئي ته قرآني ورقن کي باهه ڪنهن ڏني. ليڪن هو ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏئي سگهيا.
ايف آئي آر ۾ هڪ شخص کي مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ ۽ امن امان ۾ خلل وجهڻ جي لاءِ مقدس ڪتاب کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ نامعلوم شخص تي به مقدمو درج ڪيو ويو آهي.
پوليس تعزيرات پاڪستان جي شق 295 بي جي تحت ايف آئي آر درج ڪئي آهي. ان هيٺ جرم ثابت ٿيڻ تي عمرقيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
پوليس واقعي متعلق هڪ ٻي ايف آئي آر درج ڪئي آهي جنهن مطابق مبينه شرپسند عناصر ڏنڊن، لٺين، لوهه جي سلاخن ۽ ننڍن آتشين هٿيارن سان ليس هيا. انهن مشتعل ماڻهن رابي سينٽر ۽ ان جي ارد گرد روڊ تي توڙ ڦوڙ به ڪئي ۽ هوائي فائرنگ ڪري خوف ۽ هراس ڦهلايو. ان کان علاوه سرڪاري ۽ حڪومتي ملڪيت کي نقصان به پهچايو.
ايف آئي آر مطابق، پوليس ميگافون ۽ ٻين ذريعن وسيلي ڪٺي ٿيل ماڻهن کي ڇڙ و ڇڙ ٿيڻ لاءِ چيو، ليڪن هنن وڌيڪ ڪاوڙ ڏيکاري ۽ سرڪار جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندا رهيا. پوليس هن ايف آئي آر ۾ 48 ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 150 کان 200 ماڻهن تي هنگامه آرائي، جلائو گهيرائو ۽ قتل جي ارادي جي دفعات تحت مقدمو درج ڪيو آهي.
واضح رهي ته سنڌ ۾ مذهب جي توهين جي ڏوهن جي تعداد ۾ واڌ ايندي ٿي وڃي. سال 2020 ۾ مذهب جي توهين جي دفعات هيٺ 23 جڏهن ته سال 2021 ۾ 28 مقدما درج ڪيا ويا.