گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گئيٽرس چيو آهي ته عالمي برادري جو افغانستان کان واضح مطالبو آهي ته اهي انهن دهشت گرد گروهن کي روڪين جيڪي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن، خاص طور تي پاڪستان جي لاءِ خطرو بڻيل آهن.
هن اها ڳالهه پاڪستان جي خلاف تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي حملن متعلق اهڪ سوال جي جواب ۾ چئي.
اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪيو جنهن دوران افغانستان ۽ پاڪستان جي باري ۾ سوالن جا جواب ڏنا. هن وڌيڪ چيو ته اسان طالبان حڪام سان ڳالهه ٻولهه جاري رکي آهي، ۽ اسان سمجهون ٿا ته طالبان جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اهي ڪنهن به قسم جي دهشت گرديءَ جي اجازت نه ڏين جنهن جو اثر پاڪستان ۽ خطي يا ٻين ملڪن تي پوي.
پاڪستان ۾ سيلاب جي تباه ڪارين جي حوالي سان ڳالهائيندي، هن چيو ته مان پاڪستان جي حمايت جي لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان.
هن چيو ته سيلاب اچڻ کان فوري پوءِ هن پاڪستان جو دورو ڪيو هو، ۽ ان پريشان ڪن صورت حال جو پاڻ مشاهدو ڪيو هو.
گئيٽرس چيو ته مون اتي ڏٺو هو ته منهنجي پنهنجي ملڪ کان ايراضي ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ علائقو سيلاب جو شڪار ٿيو. فصلن، ڍورن ۽ انساني جانين جو گهڻو نقصان ٿيو.
سيڪريٽري جنرل پيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي آباديءَ کي تباه ڪن صورت حال آڏو آيل آهي ۽ سندس لفظن ۾ عالمي برادريءَ جي اها بنيادي ذمه داري آهي ته اها پاڪستان جي مدد ڪري، ڇو ته ماحولياتي تبديلين ۾ ملڪ جي ڪردار نه هئڻ بابر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادريءَ جي ذمي داري آهي ته اها 9 جنوريءَ تي پيرس ۾ ٿيڻ واري ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪري.
گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل عالمي برادريءَ کي طالبان جي وعدن جي حوالي سان چيو آهي ته طالبان کي کپي ته اهي ملڪ جي مختلف نسلي گروهن کي اقتدار ۾ شامل ڪري، ۽ سڀني نسلي گروهن کي نمائندگي ڏني وڃي.
هن چيو ته انساني حقن جي حوالي سان ضروري آهي ته طالبان خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جو احترام ڪن، عورتن کي ڪم ڪرڻ جو حق ۽ نينگرين کي هر سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.
(مارگريٽ بشير، وي او اي نيوز)