وائس آف آمريڪا پاران سنڌي زبان ۾ ويب پيج جو آغاز

واشنگٽن ۾ وائس آف آمريڪا جي دفتر جو ٻاهريون ڏيک

وائس آف آمريڪا 28 جون اڱاري جي ڏينهن سنڌي زبان جو هڪ نئون ويب پيج جاري ڪيو آهي. هيءُ ويب پيج وي او اي اردو براڊڪاسٽنگ سروس جي تحت ڪم ڪندو.

سنڌي زبان زياده تر پاڪستان جي ڏکڻ ۽ اوڀر جي خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، جن جي ڳالهائيندڙن جو ڏکڻ ايشيا ۾ تعداد ٽي ڪروڙ 50 لکن کان مٿي آهي.

نئين زبان جي ويب پيج جي مندرجات ۾ عالمي خبرون، حالات حاضره، سائنس، ٽيڪنالاجي، عورتن جا امور ۽ تعليم سان گڏ وگڏ آمريڪا ۽ جنوبي ايشيا جي خطي ۽ ان جي آباديءَ وچ ۾ ٻه طرفه تعلقات جا امور شامل هوندا.

يولنڊا لوپيز

وائس آف آمريڪا جي قائم مقام ڊائريڪٽر، يولنڊا لوپيز وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هيءَ نئين سروس سنڌي ڳالهائيندڙن کي اهم خبرون ۽ اطلاعات فراهم ڪندي جن جي انهن کي گهرج آهي، ۽ گڏ و گڏ هي ان خطي ۾ امريڪا جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو موجب بڻبي.

SEE ALSO: امریکہ: گلوبل میڈیا کی قیادت کیلیے نامزد امینڈا بینیٹ کی سینیٹ کمیٹی میں سماعت

يولنڊا وڌيڪ چيو ته مان هن ڳالهه جي منتظر آهيان ته هن نئين زبان ۾ پروگرامنگ جي ذريعي، وي او اي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچي سگهندي.

وائس آف آمريڪا جي اردو سروس 1952کان پاڪستان جي لاءِ نشريات پيش ڪندي رهي آهي ۽ ان کي هر هفتي 60 لکن کان وڌيڪ ماڻهن تائين رسائي حاصل آهي.

وائس آف آمريڪا جي پاران عالمي خدمات جي حوالي سان، پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي زبان جي اضافي کان پوءِ آئنده پاڪستان ۾ وائس آف آمريڪا جي سامعين ۽ ناظرين جو تعداد اڃان وڌندو.

وي او اي جي سنڌي پروگرامنگ تائين رسائي جي لاءِ لنڪ يا يو آر ايل، وي او اي سنڌي ڊاٽ ڪام

www.voasindhi.com

پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌي زبان جي واڌاري کان پوءِ، هاڻي وائس آف آمريڪا 48 زبانن ۾ نشريات پيش ڪري رهيو آهي، جن منجهان 9 زبانون ڏکڻ ۽ وسطي ايشيا جي خطي ۾ ڳالهائيون وينديون آهن.