وائيٽ هائوس پورٽريٽس آمريڪي قدرن جو شاندار مثال آهن، مشيل اوباما

وائيٽ هائوس ۾ پورٽريٽ آويزان ڪرڻ جي خصوصي تقريب. 7 سيپٽمبر 2022

صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن اربع ڏينهن اڳوڻي صدر براڪ اوباما ۽ سابقه خاتون اول مشيل اوباما جو وائيٽ هائوس اچڻ تي خيرمقدم ڪيو، جن اوباما فيمليءَ جي سرڪاري پورٽريٽس جي نقاب ڪشائي ڪئي، جن کي رابرٽ ميڪرڊي ۽ شرون سپرنگ پينٽ ڪيو آهي.

جڏهن اوباماز تقريب ۾ تصوير جي نمائش ڪري رهيا هيا، ان وقت بائيڊن اڳوڻي ‘ڪمانڊر ان چيف‘ سان پنهنجن تعلقات ۽ ويجهڙائپ جي باري ۾ ٻڌايو.

بائيڊن چيو ته ’’اٺ سال اڳ زندگيءَ جي هيٺائين مٿاهين ۾اسان هڪ ٻئي جي لاءِ هڪ ئي خاندان مثل هياسين. اسان جو ماضي مختلف هو، ليڪن اسان جا قدر هڪ جهڙا هيا ۽ سڀ ڪجهه ساڳيو هيو جنهن سان خاندان هڪ ٻئي جي لاءِ فرق محسوس نه ڪندا آهن. مان سوچان ٿو ته شايد ڪنهن ٻئي صدر ۽ نائب صدر ۾ اهڙا تعلقات رهيا هجن، پر ياد نه ٿو اچي’’.

بائيڊن جي لفظن ۾، ’’مسٽر پريزيڊنٽ، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ توهان کي ٻه ڀيرا منتخب ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ ۾ توهان انهن صدرن منجهان آهيو جن جو دور انتهائي نتيجه خيز هيو ۽ ساڳئي ئي نموني خاتون اول به مثالي هيون’’.

اوباما جواب به چيو ته ’’توهان جي شرافت توهان جي طاقت آهي، شايد ان ڪري جو توهان جمهوريت ۽ آمريڪي عوام تي سچيءَ دل سان ڀروسو رکو ٿا. ملڪ هن وقت تمام بهتر آهي، ان کان گهڻو بهتر جڏهن توهان عهدو سنڀاليو هو’’.

سندس بقول، ’’جو، اها آمريڪا جي خوش نصيبي آهي جو توهان ان جا صدر آهيو’’.

اهڙي وقت جڏهن ٻئي دل کولهي هڪ ٻئي جي لاءَ سٺا لفظ چئي رهيا هيا، مشيل اوباما شاندار تقرير پيش ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ڪهاڻي پيش ڪئي، ته هڪ سياه فام ڇوڪري شڪاگو جي پاڙي ۾ نپني وڏي ٿي ۽ قوم جي خاتون اول ٿي.

هن چيو ته ’’منهنجي لاءِ هي ڏينهن پنهنجي يا براڪ جي لاءِ ناهي. اهو هنن خوبصورت پينٽنگز جي باري ۾ به ناهي. اها مڪمل ڪهاڻي ٻڌائڻ جي باري ۾ آهي، جيڪا ڪهاڻي هر هڪ آمريڪيءَ جي ڪهاڻي آهي، ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهي، ته جيئن اسان جا ٻار ۽ ٻارن جا ٻار پنهنجي لاءَ سٺي کان سٺو مستقبل ڏسي سگهن’’.

هن چيو ته ’’هي تصويرون انهن آمريڪي قدرن جو ثبوت آهن جيڪي انهن ڪهاڻين ۾ پوشيده آهن’’.

سابقه خاتون اول چيو ته ’’ان جي لاءِ ئي هي ملڪ عظيم آهي. هي رت، نسبت يا دولت جو معاملو ناهي. هيءَ اهو هنڌ آهي جتي سڀني جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا آهن، چاهي توهان ٻار آهيو ۽ ٻن بسن ۽ ريل گاڏي ءَ ذريعي اسڪول پهچو ٿا يا ’سنگل مدر’ آهيو، توهان ٻه نوڪريون ڪريو ٿا ته جيئن ميز تي کاڌو رکي سگهجي. يا تارڪ وطن آهيو، جيڪو تازو آيپ آهي، پهرين اپارٽمينٽ ۾ رهو ٿا، پنهنجي مستقبل جي لاءِ، جنهنجا ڪڏهن توهان خواب ڏٺا هيا’’.

مشيل اوباما ان سوچ کي مسترد ڪيو ته ملڪ ۾ تقسيم جي ڪري عوام جو قوم تان ويساه گهٽجي سگهي ٿو.

پورٽريٽس

سندس بقول، ’’مان اڃان به دل جي گهرائيءَ سان اها ڳالهه چئي سگهان ٿي، جيئن منهنجو مڙس اڃان به چوندو آهي، ته اسان وٽ ڏيڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. اسان جي جمهوريت اسان جي اختلافن تي تمام گهڻو حاوي آهي’’.

وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان پوءِ اربع ڏينهن براڪ اوباما ٻيو دفعو هتي آيو. پهريون ڀيرو هو هن سال اپريل ۾ هتي آيو هو جڏهن ’افرڊايبل ڪيئر ايڪٽ’ جي ٻارهين سالگره جي موقعي تي، جنهن تي هن 2010 ۾ صحي ڪئي هئي، جنهن کي ’اوباما ڪيئر’ جي نالي سان به ڄاتو ويندو آهي. مشيل اوباما جو هي وائيٽ هائوس جو پهريون دورو هو. هوءَ جنوري 2017 ۾ هتان واپس وئي هئي.

آرٽسٽ

اوباماز جا سرڪاري پورٽريٽس سنڀالي پوشيده رکيا ويا هيا، جڏهن ته جن آرٽسٽن انهن کي تيار ڪيو هو انهن جا نالا به هن تقريب دوران ئي ظاهر ڪيا ويا.