زيلنسڪيءَ جو موديءَ سان رابطو، ڇا ڀارت يوڪرين تنازعي ۾ ثالثي ڪري سگهي ٿو؟

فائيل فوٽو

يوڪرين جي صدر ولادومير زيلنسڪيءَ سومر ڏينهن ڀارتي وزير اعظم نريندر موديءَ سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جو ڪردار بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته يوڪرين چاهي ٿو ته ڀارت ان معاملي ۾ ثالثي ڪري ۽ روس کي جنگ بنديءَ تي قائل ڪري.

سومر ڏينهن ڀارتي وزير اعظم سان پنهنجي گفتگوءَ ۾ يوڪرين جي صدر وزير اعظم موديءَ سان جنگ بنديءَ جي مجوزه فارمولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هڪ ٽوئيٽ ۾ زيلنسڪيءَ چيو ته هن ٽيلي فون تي وزير اعظم موديءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گروپ آف 20 جي صدارت جي ڪاميابيءَ جي لاءِ نيڪ خواهشن جي اظهار ڪيو.

سندس بقول، ’’مان انهيءَ پليٽ فارم تي امن فارمولا جو اعلان ڪيو هو ۽ مون کي اميد آهي ته ڀارت ان جي نفاذ جي ڪوشش ڪندو’’. ياد رهي ته هن وقت ڀارت گروپ آف 20 جو صدر آهي.

ڀارت جي پاران ٻڌايو ويو ته وزير اعظم موديءَ جلد از جلد جنگ بند ڪرڻ جي ڀارت جي اپيل ۽ ڪنهن به امن عمل جي حمايت کي ورجايو.

روس جي پاران هلندڙ سال 24 فيبروريءَ تي يوڪرين تي حملي کان پوءِ مودي ۽ زيلنسڪيءَ ڪيترا ئي ڀيرا خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ليڪن هلندڙ سال پهرين ڊسمبر تي ڀارت وٽ گروپ آف 20 جي صدارت جي ذمي داري اچڻ کان پوءِ جنگ بنديءَ جي لاءِ زيلنڪسيءَ کي پيل ڪئي وئي هئي. هن اهو به چيو هو ته هي جنگ جو دور ناهي.

نريندر موديءَ ان مسئلي تي روسي صدر ولاديمير پوٽن سان به ڪيترا ئي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

موديءَ 16 سيپٽمبر تي ازبڪستان جي گاديءَ واري شهر ثمرقند ۾ منعقد ٿيڻ واري شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي پوٽن سان ملاقات جي دوران جنگ بنديءَ جي اپيل ڪندي سفارت ڪاري ۽ مذاڪرات سان تنازعي کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.

زيلنسڪيءَ جي تازي اپيل کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڀارت جي پاران ممڪنه ثالثي ۽ ان جي ڪاميابيءَ جي امڪان تي گفتگو ٿيڻ لڳي آهي.

تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته ٻنهين رهنمائن جي وچ ۾ گفتگو اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن ڀارت روس سان پنهنجي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اولهه جي ملڪن جي طرفان روس جي خلاف نون قدمن کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

زيلنڪسيءَ گزريل ڏينهن دوران واشنگٽن جو دوري ڪري آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڏهه نڪاتي امن فارمولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.

تجزيه ڪارن مطابق اها ڳالهه اهم آهي ته ٻئي ملڪ جنگ بندي ۽ مذاڪرات جي لاءِ تيار آهن، ليڪن مذاڪرات جا واضح نڪتا اڃان سامهون نه آيا آهن.

(سهيل انجم جي رپورٽ)