ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي ڪري متاثره عمارتن جي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هينئر تائين ٻنهين ملڪن ۾ هلاڪتن جو تعداد 7200 کان به وڌي ويو آهي.
ترڪ صدر رجب طيب ايردوان جي زلزلي کان متاثر ڏهن صوبن ۾ ٽن مهينن جي لاءِ امرجينسي نافذ ڪئي آهي.
اڱاري جي ڏينهن ٽيلي ويزن تي نشر ٿيڻ واري پنهنجي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته ’’اسان امرجينسي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ريسڪيو ۽ سرچ آپريشن ۾ تيزي آڻي سگهجي’’.
خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، دنيا مان امدادي ٽيمون امدادي سامان ۽ رضاڪار ترڪيه پهچي رهيا آهن. صرف ترڪيه ۾ لڳ ڀڳ 6000 عمارتن جي ڪرڻ جا اطلاع آيا آهن.
ترڪيه جي ’ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايجنسي’ جي مطابق، زلزلي جي ڪري متاثر 10 صوبن ۾ 24400 رضاڪار امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن.
ترڪيه جي حڪام مطابق، ملڪ ۾ هينئر تائين 3419 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 20000کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
ٻئي پاسي شام جي صحت جي وزارت ٻڌايو آهي ته شام ۾ زلزلي جي ڪري 1602 فوتگيون ٿيون آهن. حڪومت جي زير اثر علائقن ۾ 812 ڄڻا مري ويا آهن ۽ 1400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. شام جي باغين جي قبضي وارن علائقن ۾ 790 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿيا آهن.
زلزلي جي ڪري متاثر ٻنهين ملڪن جي علائقن ۾ ڪيترن هندن تي هزارين ماڻهن سخت سيءَ ۾ رات کلي آسمان هيٺ گزاري. ڪيترن متاثرين شاپنگ مالز، اسٽيڊيمز، مسجدن ۽ ڪميونٽي سينٽرن ۾ پناه ورتي.
ترڪ صدر رجب طيب ايردوان زلزلي جي ڪري ٿيل نقصان تي ستن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪا جي صدر جو بائيڊن ترڪ صدر ايردوان کي فون ڪري کيس مدد جي پيشڪش ڪئي. وائيٽ هائوس مطابق، ترڪيه ۾ امدادي سرگرمين ۾ مدد ڏيڻ لاءِ آمريڪا ’سرچ اينڊ ريسڪيو’ ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.
ترڪيه جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ جي عمل دارن مطابق زلزلي جي ڪري متاثر ڏهن صوبن ۾ هينئر تائين 78000ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي جڏهن ته 5600عمارتون تباه ٿي ويون آهن.
آمريڪا جي زلزلي متعلق مرڪز مطابق سومر ڏينهن 7.8 شدت جو زلزلو آيو جنهن جي گهرائي 18 ڪلوميٽر هئي. ان کان پوءِ زلزلي جا ’آفٽر شاڪس’ محسوس ڪيا ويا.
ڀارت جي ڊزاسٽر ريسپانس فورس جا 100 تربيت يافته اهلڪار ترڪيه موڪليا آهن.
ڀارتي حڪام مطابق، اٽالي سان گڏ امدادي ڪمن ۾ سهڪار ڪرڻ وارا ڪتا ۽ آلات به ترڪيه موڪليا پيا وڃن. ڀارت جي پرڏيهي وزارت مطابق، ڊاڪٽر، طبي عملو ۽ دوائون به موڪليون ويون آهن.
شام جي مدد جي اپيل
جنگ جي شڪار شام گڏيل قومن جي اداري ۽ ان جي ميمبر ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته زلزلي کان پوءِ امدادي ڪمن ۾ شام جي مدد ڪئي وڃي.
شام جي عهديدارن جي مطابق، ان کي زلزلي جي متاثرين جي لاءِ صحت جون بنيادي سهولتون، پناه جي لاءِ خيما ۽ خوراڪ درڪار آهي. شام ۾ حڪومت جي ڪنٽرول وارن علائقن سان گڏ مخالف ڌر جي انتظام هيٺ علائقن ۾ زلزلي جي ڪري تباهي ٿي آهي.
شام ۾ گڏيل قومن جي اداري جي نمائندي جي مطابق اداري جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گتيرس پڪ ڏياري آهي ته ادارو هن مشڪل صورت حال ۾ شام جي هر ممڪن مدد ڪندو.
صدر بائيڊن جو ترڪ صدر سان رابطو
آمريڪا جي صدر جو بائيڊن ترڪيه جي صدر رجب طيب ايردوان سان رابطو ڪيو آهي.
وائيٽ هائوس مان جاري ٿيڻ واري بيان مطابق، آمريڪا نيٽو ۾ شامل پنهنجي اتحاديءَ کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ترڪيه ۾ زلزلي زده علائقن ۾ ريسڪيو جي لاءِ رضاڪار موڪلي رهيو آهي.
صدر بائيڊن ۽ صدر ايردوان انهن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪي زلزلي کان پوءِ بحاليءَ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان مان امدادي سامان ترڪيه روانو
وزير اعظم شهباز شريف جي هدايت تي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد جي لاءِ خصوصي جهاز سامان کڻي روانو ٿي ويو آهي.
اڱاري جي صبح جو پي آئي اي جي اڏام ذريعي ريسڪيو 1122 جا 50 اهلڪارن تي مشتمل ٽيم 15 ٽن سامان سميت ترڪيه روانا ٿيا. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيڻ وارا خيما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن.
عهديدارن ٻڌايو ته اٺين فيبروري کان روزانو پي آئي اي جي اڏامن جي ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شامل موڪليو ويندو، جڏهن ته صحت جي وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون به متاثر ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون.
شهباز شريف جو صدر ايردوان سان رابطو
وزير اعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب ايردوان سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي. هن زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف صدر ايردوان کي ريسڪيو جي ڪمن ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيرا ميڊڪس ۽ ريسڪيو اهل ڪارن جي ٽيمن موڪلڻ بابت آگاه ڪيو.