رسائی کے لنکس

ڪرسمس تي ورجينيا جي شهر اليگزينڊريا جي شاندار طلسماتي سجاوٽ


ڪرسمس جي موقعي تي اليگزينڊريا شهر جي ’اولڊ ٽائون’ ۾ سجاوٽ
ڪرسمس جي موقعي تي اليگزينڊريا شهر جي ’اولڊ ٽائون’ ۾ سجاوٽ

اليگزينڊريا، ورجينيا رياست جو شهر آهي جيڪو وفاقي گاديءَ واري هنڌ، واشنگٽن جي ويجهو آباد آهي. هيءُ آمريڪا جو تمام قديم شهر آهي جنهن ۾ ڪرسمس ڏڻ شاندار نموني ملهايو ويندو آهي.

هتان جي ڪرسمس جي رونق، خاص طور تي هن قديم علائقي جي روشنين کي ڏسڻ جي لاءِ هميشه پري پري کان ماڻهو ايندا آهن. گڏوگڏ هتي ايندڙ مهمان شهر جي هڪ ڪنڊ تي واقع مائونٽ ورنن ۽ ان جگ مشهور عمارت کي ڏسندا آهن جتي ملڪ جو باني جارج واشنگٽن رهندو هيو ، جيڪو 1789 کان 1797تائين ملڪ جو پهريون صدر هيو.

ڪرسمس اچڻ جي خوشيءَ ۾ قديم ۽ جديد ٻنھين قسمن جي عمارتن تي ۽ انھن جي آڏو شاندار قسم جون روشنيون جڳ مڳائڻ لڳنديون آھن. تمام وڻندڙ نظارو ’فارمر فيملي ھائوس’ جو ھوندو آهي جنھن جا شاندار نقش و نگار پري کان پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندا آھن.

اليگزينڊريا جي قديم وسندي 1749 ۾ آباد ٿي. اھا پوٽوميڪ درياھ جي ڪناري تي واقع آھي ۽ نوآبادياتي دور ۾ ھتان جي بندرگاھ جڳ مشھور ھئي، جتان وڏي پيماني تي ملڪي وڻج واپار ٿيندو ھيو.

ڪنگ اسٽريٽ تي اولڊ ٽايون جو هڪ سجايل ريستوران
ڪنگ اسٽريٽ تي اولڊ ٽايون جو هڪ سجايل ريستوران

ميري لينڊ جي رياست جي بيٿيسڊا شھر جي رھاڪو، ڪائرا ڊمارڪو تازو گھمڻ آئي جنھن کي ارڙھينءَ صديءَ جي سڙڪن پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو. هن صديون پراڻين انهن عمارتن جي معيار جي واکاڻ ڪئي.

ھن چيو ته ڪرسمس دوران هي شهر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. مون کي جيڪا ڳالهه ڀائيندي آهي اها آهي مڪاني رهواسين پاران عمارتن کي سينگارڻ ۽ پنهنجي گهرن جي مرڪزي دروازي تي گل ۽ گلن جي خوبصورت نموني سان سجاوٽ ڪرڻ آهي.

جيڪڏهن واٽر فرنٽ کان ڏٺو وڃي ته اولڊ ٽائون چمڪندو ۽ جرڪندو رهندو آهي.

ان موقعي تي وڏو ’ڪرسمس ٽري’ لڳايو ويندو آهي جنهن تي سفيد رنگ جا بلب ۽ ويڇي سان ٻيا رنگ تمام گهڻو سجايا ويندا آهن.

هوڏانهن ڪنگ اسٽريٽ تي ٻنهين پاسن جي تاريخي عمارتن جي سجاوٽ جي لاءِ خاص روايتي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جتي پراڻي زماني جا ريستوران ۽ دڪان آباد آهن.

گيسبيز ٽيورن ريستوران جي عمارت تي جڙيل نو آبادياتي نقش و نگار کي اڃان وڌيڪ نکار ملندو آهي. ان ريستوران جو 1792 ۾ افتتاح ٿيو هو ۽ جنهن کان اڳ صدر واشنگٽن به هيڏانهن جو رخ ڪندو هو.

پينسلوانيا جي پٽسبرگ شهر سان تعلق رکڻ واري ايرڪ مارسنڪيءَ پنهنجي ڪجهه دوستن سان ان ريستوران تي رات جي ماني کاڌي. بقول سندس، اولڊ ٽائون تمام لڀائيندڙ وسندي آهي ۽ صدر واشنگٽن جي هتي رهائش گاه ان کي وڌيڪ بارونق بڻايو.

مائونٽ ورنن ۾ پهرئين آمريڪي صدر جارج واشنگٽن جو اباڻو گهر
مائونٽ ورنن ۾ پهرئين آمريڪي صدر جارج واشنگٽن جو اباڻو گهر

صدر واشنگٽن جي دور جو ڪرسمس

ڪار ۾ ته اچڻ وارا پري کان به ايندا هيا، ليڪن صدر واشنگٽن گهوڙي تي ويهي هن ريستوران ڏانهن ايندو هو. اڳوڻي صدر جو اباڻو گهر مائونٽ ورنن ۾ هو، جيڪو پوٽومڪ درياه جي ڪناري تي آباد رهيو آهي.

ڪرسمس جي موقعي تي ٻن ڏينهن جي لاءِ لائيٽيون کولي رکبيون آهن، جڏهن ته ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ رات جي ماني کائڻ وارن جي ڪمي نه هوندي آهي. هوڏانهن ’ڪينڊل لائيٽ ٽورز’ به ڪرايا ويندا آهن، جيڪا ارڙهين صديءَ جي قديم روايت رهي آهي.

ان زماني ۾ ڪرسمس جي موقعي تي ايترو اهتمام نه ڪيو ويندو هو، بلڪه سادگيءَ جي جذبي سان هي ڏڻ ملهايو ويندو هو.

(ڊيبورا بلاڪ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG