رسائی کے لنکس

ڪابل خودڪش حملي ۾ مرڻ وارن جو تعداد وڌي 53 ٿي ويو، مظاهرا جاري


احتجاجي مظاهري دوران هرات يونيورسٽيءَ جون شاگردياڻيون ’تعليم اسان جو حق’ ۽ ’نسل ڪشي بند ڪريو’ جا نعرا لڳائيندي. 2 آڪٽوبر، 2022.
احتجاجي مظاهري دوران هرات يونيورسٽيءَ جون شاگردياڻيون ’تعليم اسان جو حق’ ۽ ’نسل ڪشي بند ڪريو’ جا نعرا لڳائيندي. 2 آڪٽوبر، 2022.

اهڙي وقت جڏهن ڪابل ۾ جمعي جي ڏينهن تعليمي مرڪز تي ٿيڻ واري خودڪش حملي ۾ هلاڪتن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، افغانستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سومر ڏينهن به طالبات مسلسل تئين ڏينهن به سڙڪن تي احتجاج جاري رکيو. اهي حملي ۾ هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ وارن جي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪري رهيون هيون.

وائس آف آمريڪا جي لاءِ اياز گل جي رپورٽ مطابق، افغانستان ۾ گڏيل قومن جي اداري جي مشن (يو اين اي ايم اي) ٻڌايو آهي ته جمعي ڏينهن گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ ٿيڻ واري حملي جي نتيجي ۾ 46 کان وڌيڪ زخمي ٿيا جن ۾ 110 ٻارڙيون ۽ عورتون شامل آهن.

’يو اين اي ايم اي’ سومر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته خواتين ۽ نوجوان ڇوڪريون حملي جو شڪار ٿيون. مرڻ وارن جي تعداد ۾ واڌ اچي سگهي ٿي. انساني حقن جي اسان جي ٽيم ڏوه کي دستاويز جي حصو بنائي رهي آهي. اهي حقائق جي تصديق ڪري رهيا آهن ۽ ڀروسي جي قابل ڊيٽا ڪٺو ڪري رهيا آهن.

ڪابل جي اولهندي علائقي دشت پرچي ۾ هڪ تعليمي مرڪز کي خودڪش حملي جو نشانو بنايو ويو هو. هي سينٽر افغانستان ۾ ٿورائيءَ واري برادري، هزاره جي علائقي ۾ واقع آهي.

تعليمي مرڪز جي سپروائيزرن ٻڌايو ته سينٽر ۾ 400 جي لڳ ڀڳ ٻار ۽ نياڻيون تعليم حاصل ڪندا آهن جن کي طالبان جي هدايتن جي مطابق پردو لڳائي جدا سيڪشن ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. هي شاگرد يونيورسٽيءَ جي امتحان جي ٽيسٽن جي ذريعي تياريءَ ۾ مصروف هيا جڏهن عورتن جي سيڪشن ۾ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو.

هزاره برادريءَ جي نسل ڪشي بند ڪريو جا پلي ڪارڊ کڻي شاگردياڻيون احتجاج ڪري رهيون آهن. پهرين آڪٽوبر 2022 (فائيل فوٽو)
هزاره برادريءَ جي نسل ڪشي بند ڪريو جا پلي ڪارڊ کڻي شاگردياڻيون احتجاج ڪري رهيون آهن. پهرين آڪٽوبر 2022 (فائيل فوٽو)

اسلام پسند طالبان جي حڪومت هزاره اقليت کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ تي سخت تنقيد جي زد ۾ آهي ۽ انساني حقن جي لاءِ سرگرم تنظيمن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڪميونٽي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏتڙيل برادري آهي.

سومر ڏينهن يونيورسٽي جي ڪيترن ئي درجن شاگردن بلخ صوبي جي گاديءَ واري هنڌ، مزار شريف ۾ مارچ ڪيو ۽ حملي جو نشانو بنجڻ وارن جي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو.

طالبان سيڪيورٽي فورسز سوشل ميڊيا تي جاري هڪ وڊيو مطابق، مبينه طور تي شاگردياڻين جي هڪ گروپ کي انهن جي هاسٽل جي هال ۾ بند ڪري ڇڏيو هو ته جيئن اهي مظاهرن ۾ شريڪ نه ٿي سگهن. وائس آف آمريڪا انهن وڊيوز جي آزادانه طور تي تصديق نه ڪري سگهي آهي جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته شاگردياڻيون هڪ سر کي استعمال ڪندي ڪلف ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن.

ڪابل، مغربي هرات ۽ مرڪزي باميان انهن شهرن ۾ شامل آهن جتي گزريل جمعي کان پوءِ مظاهرا جاري آهن. مظاهرين ۾زياده تر هزاره شاگردياڻيون شامل آهن.

مظاهرين طالبان تي ان حوالي سان ڀرپور زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي لاءِ تعليم ۽ روزگار تي عائد پابنديون نرم ڪن. مظاهرن ۾ شريڪ ڪيترن ئي شاگردياڻين پاڙيسري ملڪ ايران ۾ جاري مظاهرن جي حمايت ۾ به آواز اٿاريو.

طالبان سيڪيورٽي فورسز هوائي فائرنگ جي ذريعي مظاهرن کي منتشر ڪري ڇڏيو. ليڪن ڪن ماڻهن الزام لڳايو آهي ته سيڪيورٽي عملدارن مظاهرو ڪندڙن تي گولي هلائي ۽ انهن کي مار ڪٽ جو نشانو بنايو.

طالبان گزريل سال اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ جي گهڻن ئي علائقن ۾ ڇوڪرين جي ستين کان ٻارهين جماعت تائين اسڪول بند ڪري ڇڏيا هيا. طالبان شاگردياڻين جي لاءِ مارچ ۾ اسڪول کولڻ جي وعدي جي پاسداري نه ڪئي آهي.

ليڪن طالبان شاگردياڻين جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري يونيورسٽيون کولي ڇڏيون آهن، ليڪن يونيورسٽين تي سختيءَ سان ان ڳالهه جي پابندي لازم ڪئي وئي آهي ته مرد ۽ عورتن جا ڪلاس روم الڳ الڳ هجن.

جمعي جي ڏينهن تعليمي مرڪز تي ٿيڻ واري حملي جي ذمه داري اڃان تائين ڪنهن قبول نه ڪئي آهي.

XS
SM
MD
LG