رسائی کے لنکس

ڪابل جي اسڪول ۾ خودڪش بم ڌماڪو، 19 ڄڻا هلاڪ 27 زخمي


دشت بارچي ۾ بم ڌماڪي کان پوءِ هڪ خاتون موٽرسائيڪل تي ڪنهن پنهنجي عزيز جي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ اسپتال پهچي رهي آهي. 30 سيپٽمبر 2022.
دشت بارچي ۾ بم ڌماڪي کان پوءِ هڪ خاتون موٽرسائيڪل تي ڪنهن پنهنجي عزيز جي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ اسپتال پهچي رهي آهي. 30 سيپٽمبر 2022.

جمعي ڏينهن صبح سويري افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ، ڪابل جي هڪ اسڪول ۾ ٻارن سان ٽٻ ڀريل هڪ ڪلاس روم ۾ هڪ زوردار بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 شاگرد هلاڪ، جڏهن ته 27 زخمي ٿيا آهن. ان واقعي ۾ ڇوڪريون به هلاڪ ۽ زخمي ٿيون آهن.

عيني شاهدن ۽ پوليس عمل دارن ٻڌايو آهي ته بم حملو شهر جي اولهندي ’دشت بارچي’ ۾ واقع ’ڪاج تعليمي مرڪز’ ۾ ٿيو، جيڪو هزاره شيعه اڪثريتي علائقو آهي.

ڪابل پوليس جي ترجمان، خالد زدران وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، ان واقعي جي تصديق ۽ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته طالبان سيڪيورٽي فورسز واردات جي جاءِ تي پهچي چڪيون آهن ۽ تفتيش جاري آهي.

زدران جي لفظن ۾، ’’شاگرد اسڪول ۾ داخله وٺڻ لاءِ امتحان ڏئي رهيا هيا، جڏهن تعليمي مرڪز ۾ هي خودڪش بم حملو ٿيو. بدقسمتيءَ سان 19 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 27 ٻيا زخمي آهن’’.

اسلام آباد مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ اياز گل چيو آهي ته زخمين مقامي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته 400 ٻارن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل هيا، جن کي طالبان جي هدايتن موجب، پردو ڏئي ٻن پاسن ۾ ورهايو ويو هو. هو داخلي جو امتحان ڏئي رهيا هيا جڏهن بم حملو ٿيو. هنن مارجي ويلن جو تعداد تمام گهڻو ٻڌايو آهي ۽ چيو ته بم حملي آور نياڻين جي سيڪشن ۾ پاڻ کي به بم ڌماڪي سان ماري ڇڏيو.

اسلام پسند طالبان ستين کان ٻارهين گريڊ جي نياڻين کي ثانوي اسڪولن ۾ تعليم جاري رکڻ تي بندش لڳائي آهي، ليڪن هنن عورتن جي اعلي تعليم لاءِ افغانستان ۾ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين کي کولي ڇڏيو آهي.

ڪاج تعليمي مرڪز جي هڪ عمل دار نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته ڪم از ڪم 25 شاگرد هلاڪ ۽ 35 زخمي ٿيا آهن.

هينئر تائين ڪنهن ان بم ڌماڪي جي ذمد داري قبول به ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا تي وڊيوز ۽ تصويرون شائع ٿيون آهن جن ۾ واردات جي جاءِ تان هلاڪ ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

افغانستان جي لاءِ آمريڪي سفارتي مشن جي سربراه جمعي ڏينهن ٿيندڙ ان حملي جي مذمت ڪئي آهي. شارج ڊي افيئرز، ڪيرن ڊيڪر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ’’ڪلاس جي ڪمري کي نشانو بنائڻ جيڪو ٻارن سان ٽٻ ڀريل هو، شرمناڪ عمل آهي. سڀني ٻارن کي امن ۽ بنا خوف جي ماحول ۾ تعليم جاري رکڻ جو حق آهي. اسان کي اميد آهي ته زخمي جلد صحتياب ٿيندا ۽ اسان سوگوار خاندانن سان سندن پيارن جي مري وڃڻ تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا’’.

يونيسيف چيو آهي ته خوفناڪ حملي جي ڪري صدمو ٿيو آهي. اسڪولن جي عمارتن ۾ ۽ ويجهو تشدد جون اهڙيون وارداتون ’’ڪڏهن به قابل قبول ڪونهن’’.

پنهنجيءَ ٽوئيٽ ۾ يونيسيف چيو آهي ته ’’هن وحشتناڪ عمل جي ڪري ڪيترن ئي درجن نياڻين ۽ ٻارڙن جي زندگي ضائع ٿي ۽ ٻيا زخمي ٿيا آهن’’.

دولت اسلاميه گروپ جنهن جو تعلق سني مسلڪ سان آهي، جنهن کي داعش خراسان يا ’آئي ايس آئي ايس- ڪي’ به ڪوٺيو ٿو وڃي، جيڪا هڪ خود ساخته مقامي ڌڙو آهي، ان کان اڳ اها هن علائقي ۾ ۽ افغانستان ۾ ٻين جاين تي اهڙن حملن جي منصوبه سازي ۽ ذميداري قبول ڪندي رهي آهي.

گزريل سال آگسٽ ۾ جڏهن کان طالبان اقتدار تي قبضو ڪيو، داعش خراسان ملڪ ۾ شدت پسنديءَ جي ڪارواين کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن تقريبا 20 سالن جي لڙائيءَ کان پوءِ آمريڪا جي قيادت ۾ سموريون غير ملڪي فوجون واپس ٿيون هيون.

خيال ڪيو ٿو وڃي ته شيعه هزاره افغان ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ زير عتاب برادري آهي. اپريل ۾ دشت بارچيءَ جي ٻن تعليمي ادارن ۾ بم ڌماڪا ٿيا هيا جن ۾ ڇهه هلاڪ ۽ 20 زخمي ٿيا هيا.

گزريل سال جڏهن طالبان افغانستان تي قبضو ڪيو ساڳئي ئي علائقي ۾ ۽ ساڳئي ئي وقت ڪيترا بم ڌماڪا ٿيا هيا، جن ۾ ڪم از ڪم 85 ماڻهو مارجي ويا هيا جن ۾ گهڻو تعداد اسڪول جي شاگردياڻين جو هو، ۽ 300 زخمي ڄڻا ٿيا هيا.

XS
SM
MD
LG