رسائی کے لنکس

’ڪلب ورلڊ ڪپ’ جي فائينل ۾ پهچڻ تي هر رانديگر لاءِ ڏهه لک ريال انعام


سعودي فٽ بال ٽيم. (فائيل فوٽو)
سعودي فٽ بال ٽيم. (فائيل فوٽو)

سعودي عرب جي ارب پتي شهزادي، الوليد بن طلال اعلان ڪيو آهي ته هو ’ڪلب ورلڊ ڪپ’ فائينل ۾ پهچڻ واري سعودي فٽ بال ٽيم، الهلال جي هر رانديگر کي 10 لک ريال، يعني 266،500 ڊالر بونس ڏيندو.

الهلال اڱاري ڏينهن ڏکڻ آمريڪي چمپئن، فليمنگو جي خلاف ٻن جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

ڪنگڊم هولڊنگ ڪمپنيءَ جو چيئرمين شهزادو الوليد سعودي ڪلب جو مداح آهي ۽ هن سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن الهلال فائينل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هو ايتري ئي وڌيڪ رقم رانديگرن کي تحفي ۾ ڏيندو.

ان کان سواءِ سعودي اسپورٽس چينل، ايس ايس سي جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ جي راندين جي وزير، فليمنگو کان کٽڻ تي الهلال جي هر هڪ رانديگر کي پنج لک ريال انعام ڏيندو.

ٻيو سيمي فائينل اربع ڏينهن اسپين جي ’ريال ميڊرڊ’ ۽ مصر جي ’الاحلي’ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

هيءُ پهريون موقعو آهي ته فٽ بال ٽيم، ڪلب ورلڊ ڪپ جي فائينل ۾ پهتي آهي. ان کان اڳ نومبر ۾ سعودي قومي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ملڪ ۾ ان ڪاميابيءَ کي وڏي فتح جي طور تي ملهائيو ويو هو.

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

راندين جي وزير شهزادي عبدالعزيز الفيصل سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته کٽڻ سعودي راندين ۾ تازي حاصل ڪيل عزم جي تصديق آهي.

الهلال کي اها فتح ٻئي هاف ۾ سالم الدوساري جي ٻن پينلٽيز ۽ لوسيانو ويٽٽو جي هڪ اسٽرائيڪ جي ڪري حاصل ٿي. ان وقت فليمنگو جي مڊفيلڊر گبرسن کي پهرئين هاف جي اسٽاپيج ٽائيم ۾ ٻاهر موڪليو ويو ۽ ٽيم ڏهن رانديگرن سان کيڏي رهي هئي.

فليمنگو جي مينيجر ويٽو پريرا پنهنجي هار جو ذمي دار ريفريءَ کي قرار ڏنو.

پريرا اڱاري ڏينهن اخباري ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان الهلال جي مقابلي جي لاءِ تيار هياسين، ليڪن ريفريءَ جي فيصلن کان نه ٿا کٽي سگهون، جيڪي فيصلا معياري نه هيا.

(هن رپورٽ جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG