رسائی کے لنکس

سک ڌيءُ جي مسلمان سان شادي، مذهب جي زوري تبديليءَ جو الزام


بونير ۾ سک برادريءَ جو احتجاج
بونير ۾ سک برادريءَ جو احتجاج

پاڪستان جي اتر اولهه ۾ واقع بونير جي ضلعي ۾ ٿورائيءَ واري جاتيءَ سان تعلق رکندڙ، سک خاندان آچر جي ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن دوران هن الزام مڙهيو ته سک خاندان جي هڪ نياڻيءَ کي مبينه طور تي زور زبردستي مذهب تبديل ڪرائي هڪ مسلمان سان شادي رچائي وئي آهي.

احتجاج جي دوران ڇوڪريءَ جي پيءُ گور چرن لال وائس آف آمريڪا جي ڊيوا سروس کي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي، دينا ڪماري دماغي مسئلن جو شڪار آهي. هوءَ اسڪول ٽيچر آهي.کيس اسڪول ويندي اغوا ڪيو ويو ۽ زبردستي اسلام قبول ڪرائي هڪ مقامي شخص سان شادي ڪرائي وئي. منهنجي پاڪستان جي حڪومت کي درخواست آهي ته منهنجي نياڻي مون کي واپس ڏياري وڃي.

هي واقعو بونير جي ضلعي پير بابا جي پاچه ڳوٺ ۾ ڇنڇر جي ڏينهن پيش آيو. احتجاج ڪرڻ واري خاندان سان ڪيترا ئي مقامي ماڻهو ساڻ هيا.

ڇوڪريءَ جي خاندان وارا جن ۾ ڪيتريون ئي مايون به شامل هيون، انهن چيو ته پوليس اغوا ڪندڙن جي خلاف مقدمو درج ڪونه ڪيو. پر مقامي پوليس ان الزام جي ترديد ڪئي آهي.

ٻئي پاسي، دينا ڪماريءَ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته هن ڪنهن دٻاءَ کان سواءِ اسلام قبول ڪيو آهي ۽ حزب الله نامي ڇوڪري سان پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي.

پير بابا ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او، بهرآور سيد وائس آف آمريڪا جي ڊيوا سروس کي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جو پيءُ ڇنڇر ڏينهن ٻن پهرن جو ٿاڻي آيو ۽ گمشدگيءَ جي رپورٽ لکرائي. هن چيو ته ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي گرفتار ڪري آچر اسسٽنٽ ڪمشنر جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ٿورائيءَ جي جاتين سان تعلق رکندڙ رهنما، سنت سنگهه چيو آهي ته پوليس وقت سر رپورٽ داخل نه ڪئي ۽ دير ٿيڻ تي ان کي اسلام قبول ڪرائي شاديءَ تي مجبور ڪيو ويو.

سندس بقول، پوليس ملزم جي خلاف مقدمو درج نه ڪيو، ان ڪري ماءُ پيءُ احتجاج ڪري چڪا آهن. هاڻي سندن مطالبو آهي ته ڇوڪريءَ کي سندن حوالي ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان کان پوءِ به هوءَ اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿي ته کيس ان جي اجازت هوندي.

ليڪن بونير ضلعي جي پوليس جي ڊي پي او، عبد الرشيد خان سک جاتيءَ وارن جي الزام جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پوليس وقت سر ڪاروائي ڪري ڇوڪريءَ کي حراست ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي هن پوليس کي ٻڌايو ته هن پنهنجي مرضيءَ سان اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ شادي ڪئي آهي. ان ڪري، قانوني لحاظ کان مقدمو درج نه ٿو ڪري سگهجي.

سندس بقول،ايف آئي آر ته تڏهن درج ٿيندي جڏهن ڪو جرم ٿئي. هن معاملي ۾ ڇوڪري پاڻ چئي رهي آهي ته هن پنهنجي مرضيءَ سان نڪاح ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه پاڪستان جي قانون مطابق ڏوهه ڪونهي. هڪ بالغ ۽ عاقل ڇوڪرو يا ڇوڪري اپنهنجي مرضيءَ سان نڪاح ڪري سگهن ٿا.

طارق افغان قانوني ماهر آهي. هن چيو ته پوليس جي لاءِ ضروري آهي ته هو اهڙي واقعي جي فوري رپورٽ درج ڪري، ڇو ته هي هڪ حساس واقعو آهي ۽ سندن تعلق ٿورائيءَ وارين جاتين سان آهي. سندس رائي ۾ اها پوليس جي غفلت آهي جو ان مقدمو درج نه ڪيو.

هن مطالبو ڪيو ته هن ڇوڪريءَ کي ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ رهڻ ڏنو وڃي. جڏهن ڇوڪري پاڻ چوي ته مان پنهنجي مرضيءَ سان مسلمان ٿيڻ چاهيان ٿي ته ٺيڪ آهي. هن واقعي جي تحقيق ڪري، پتو لڳايو وڃي ته ڇوڪريءَ تي ڪو دٻاءُ ته نه وڌو ويو يا زبردستي ته نه ڪئي وئي ۽ هوءَ خوف جي ڪري ته نه چپ آهي.

ضلعي بونير ۾ سکن جي هڪ وڏي برادري آباد آهي. پر ملڪ جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ هتان جي مسلمان اڪثريت ۾ هئڻ جي باوجود اهڙو واقعو پهرين ڪڏهن پيش نه آيو آهي.

سنت سنگهه جو چوڻ آهي ته بنير ۾ 400 کان وڌيڪ سک خاندان آباد آهن، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ خاندان پير بابا ۾ رهندا آهن. اهي سک پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ کان هتي آباد آهن.

شهري ۽ بين الاقوامي انساني حقن جون تنظيمون هڪ عرصي کان اهو الزام لڳائي رهيون آهن ته پاڪستان ۾ اقليتن کي تحفظ حاصل ڪونهي، ليڪن پاڪستان هميشه انهن الزامن جي ترديد ڪندو آهي.

(فضل عزيز۽ عثمان خان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG