رسائی کے لنکس

پنج صديون اڳ ٻڏي ويل مصالحه اڄ تائين محفوظ


ماهرن جي مطابق، پهريون ڀيرو قديم آثارن مان زعفران لڌو ويو آهي. زعفران ۽ لونگ جهڙيون شيون ٻين علائقن مان يورپ ڏانهن موڪليون وينديون هيون جتي انهن کي امير ماڻهو واپرائيندا هيا
ماهرن جي مطابق، پهريون ڀيرو قديم آثارن مان زعفران لڌو ويو آهي. زعفران ۽ لونگ جهڙيون شيون ٻين علائقن مان يورپ ڏانهن موڪليون وينديون هيون جتي انهن کي امير ماڻهو واپرائيندا هيا

سويڊن ۾ قديم آثارن جي ماهرن اعلان ڪيو آهي ته ھنن 500 سال اڳ بالٽڪ سمنڊ ۾ ٻڏي ويل شاهي خاندان جي ھڪ ٻيڙيءَ مان ٻين شين کان سواءِ مصالحه ڳولهي لڌا آهن، جيڪي سٺيءَ حالت ۾ آهن.

يورپي ملڪن ڊينمارڪ، ناروي ۽ سويڊن جي بادشاهه ھانس جي ٻيڙي ’گربشنڊ’ جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته 1495 ۾ جڏهن بادشاهه سويڊن ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويو هو ته سندس اھا ٻيڙي باهه لڳڻ سبب ٻڏي وئي ھئي.

ان ٻيڙي کي 1960 جي ڏهاڪي ۾ راندين جي غوطي خورن (ٽوٻن) سمنڊ جي تري ۾ ڳولهي لڌو هو.

جڏھن ته ٻيڙيءَ کي سمنڊ مان ڪڍڻ جو ڪم گذريل ڪجهه سالن ۾ مڪمل ٿي سگهيو. ماضي ۾ ٽوٻن ٻيڙيءَ مان مجسما، ڪاٺ جا وڏا ٽڪر ۽ ٻيون ڳريون شيون ڪڍيون هيون.

تحقيق ڪندڙ
تحقيق ڪندڙ

سويڊن جي لوند يونيورسٽي جي آرڪيالاجسٽ برانڊن فولي جي نگرانيءَ ۾ ٻيڙيءَ جي باقيات جي ڳولا دوران برنين ۾ محفوظ ڪيل مصالحه مليا آھن، جيڪي اڃا تائين صحيح حالت ۾ آهن.

برانڊن فولي جو چوڻ هو ته بالٽڪ سمنڊ ٻين سمنڊن کان مختلف آهي، هتي جي پاڻي ۾ آڪسيجن ۽ لوڻ گهٽ آهي، جڏهن ته ھن جو گرمي پد (ٽيمپريچر) به تمام گهٽ ٿئي ٿو، جنهن سبب هتي ڪيتريون ئي نامياتي شيون بھتر حالت ۾ رھن ٿيون.

هن ٻيڙيءَ مان پنج صديون پراڻا مصالحه صحيح حالت ۾ ملڻ کي هڪ غير معمولي واقعو قرار ڏنو.

قديم آثارن جي ماهرن پاران کوجنا جوعمل
قديم آثارن جي ماهرن پاران کوجنا جوعمل

خبرن واري اداري رائٽرز موجب پندرهين صديءَ ۾ يورپ ۾ مصالحه دولتمندي جي نشانين مان ھڪ نشاني هوندا ھيا.

زعفران ۽ لونگ جهڙيون شيون ٻين علائقن مان يورپ ڏانهن موڪليون وينديون هيون جتي انھن کي فقط مالدار ماڻھو ئي استعمال ڪندا ھيا.

لنڊن يونيورسٽي جو محقق مائيڪل لارسن انهن شين تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پھريون ڀيرو آثارِ قديمه ۾ زعفران لڌو ويو آهي.

(هن رپورٽ ۾ شامل مواد رائٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG