پاڪستان ۾ خميص ڏينهن ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قدر ۾ تاريخي ڪمي ڏٺي وئي جنهن کان پوءِ انٽربينڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 255 روپين کان اڳتي ٿي ويو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ان جي قيمت 260 روپين جي لڳ ڀڳ آهي. اها پاڪستاني روپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي بلند ترين سطح آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي مطابق، خميص ڏينهن ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 9.61 في صد جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 24 روپين 54 پيسن جي واڌ کان پوءِ 255 روپين ۽ 43 پيسن تي وڃي بيٺو. اربع ڏينهن انٽر بينڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 230 روپين ۽ 89 پيسن تي بند ٿيو.
اها تاريخي گهٽتائي فارين ايڪس چينج ڪمپنين جي پاران آمريڪي ڊالر تي لڳايل ’ڪيپ’ جي هٽائڻ جي اعلان کان پوءِ سامهون آئي آهي.
ليڪن تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ان ايڊجسٽمينٽ جي توقع ڪئي پئي وئي ۽ ان جو به گهڻو اڳ انتظار ٿي رهيو هو ڇو ته حڪومت هاڻي آئي ايم ايف جي نوين جائزي جي اجلاس کي ڪامياب بنائڻ چاهي ٿي جيڪا ٽن مهينن کان تعطل جو شڪار آهي ۽ ان جي ڪري پاڪستان کي ادائگين جي توازن ۾ سخت مشڪل پيش اچي رهي آهي.
انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته موجوده حڪومت جي اپريل 2022 ۾ برسراقتداراچڻ جي نون مهينن دوران روپئي جي قدر ۾ 28 في صد جي گهٽتائي اچي چڪي آهي. صرف جنوريءَ ۾ روپئي جي قدر ۾ هينئر تائين ٽي اعشاره ٻه في صد ڪمي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
واضح رهي ته هلندڙ هفتي ئي ايڪسچينج ڪمپنيز ايسو سي ايشن پاران هي اعلان ڪيو ويو ته اهي آمريڪي ڊالر تي لڳايل ’ڪيپ’ کي ختم ڪري رهي آهي، جنهن کان پوءِ اوپن مارڪيٽ سان گڏ انٽر بينڪ ۾ به ٻن ڏينهن اندر ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل تيزي ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائيءَ جو سلسلو جاري آهي.
ايسو سي ايشن جي صدر، ملڪ بوستان چيو آهي ته ڊالر جي قدر تي لڳل ’ڪيپ’ جو مقصد ان جي وڌندڙ قدر کي ڪنهن حد تائين قابو رکڻ آهي.
سندس بقول ان معاملي ۾ حڪومت جو ڪو عمل دخل نه هيو. ليڪن، ’ڪيپ’ لڳائڻ جو ڪو خاص اثر نه ٿيو ۽ صارفين انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ جي بجاءِ بليڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري ۽ خريد جاري رکي، جنهن جي ڪري هڪ طرف ’حوالا هنڊي’ جي غير قانوني عمل ۾ واڌ آئي ته ٻئي پاسي ايڪسچينج ڪمپنين جي ڪاروبار ۾ تيزيءَ سان ڪمي آئي.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت مصنوعي طريقي سان ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت پاڻ ملوث هئي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ قيمتن ۾ ڪنهن حد تائين استحڪام آڻڻ هيو. ليڪن اها صورت حال گهڻي عرصي تائين جاري رهڻي نه هئي.
(محمد ثاقب جي رپورٽ)