پاڪستان جي معاشي صورت حال جي باعث جتي مهانگائي چوٽ تي آهي اتي تاجر برادريءَ جو صبر جواب ڏئي چڪو آهي. ان جو مثال ان وقت سامهون آيو جڏهن ڪراچيءَ ۾ هڪ واپاريءَ پهنجي ڪاروبار جون چاٻيون گورنر اسٽيٽ بينڪ کي پيش ڪيون.
اربع ڏينهن اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد ڪراچي چيمبر آف ڪامرس سان لاڳاپيل واپار ڪندڙن سان ملاقات ڪرڻ آيو ته تاجرن نه صرف سندس آڏو پاڻ کي درپيش مسئلا ۽ شڪايتون رکيون بلڪه کيس پنهنجي ڪاروبار جون چاٻيون حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪاروبار ڪندڙن چيو ته هاڻي هو ڪاروبار ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهن ۽ سندن ڪاروبار اسٽيٽ بينڪ يا حڪومت پاڻ سنڀالي.
هنن شڪايت ڪئي ته حڪومت جي پاران گهڻي ڀاڱي خام مال ۽ تيار مال گهرائڻ تي غير اعلانيه پابنديءَ کين جي لاءِ ڪاروبار جاري رکڻ تمام مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.
سندن چوڻ مطابق، بندرگاه تي گهرايل مال کي رليز نه ڪرڻ جي ڪري کين ان مال کان وڌيڪ ’ڊيمريجز’ جي مد ۾ ادائگيون ڪرڻيون پون ٿيون، جڏهن ته رڳو سون ڊالرن جي ماليت جي شئي گهرائڻ به ناممڪن ٿي چڪي آهي.
هنن چيو ته دنيا ۾ مهانگائي آهي ليڪن جنهن حد تائين وياج جي شرح ۾ پاڪستان ۾ واڌ آئي آهي ايتري ڪٿي به نه آئي هوندي، جڏهن ته هو صنعتون هلائڻ لاءِ سرمايو نه هئڻ جي ڪري اهي ملازمتون ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن.
معروف صنعت ڪار زبير موتي والا چيو ته درآمدي پابندين جي ڪري سموريون صنعتون گهڻيون متاثر ٿيون آهن، جن ۾ ايڪسپورٽ سيڪٽر به شامل آهي.
موتي والا چيو ته جيڪڏهن اها صورت حال وڌيڪ ٻن مهينن تائين جاري رهي ته ان کان پوءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو بي روزگار ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته حڪومت وٽ ڊالرن جي ايتري حد تائين گهٽتائي آهي جو هو بنيادي طبي آلات درآمد ڪرڻ جي اجازت به نه ٿي ڏئي.
هڪ طرف ملڪ کي درپيش سنگين معاشي بحران جي ڪري واپارين جي پريشاني وڌندي پئي وڃي ته ٻئي پاسي انهن پرشانين منجهان نڪرڻ جي لاءِ گهربل آئي ايم ايف پروگرام جي ٻيهر جاري ٿيڻ جي ڪا صورت في الحال نظر نه ٿي اچي.
وزير اعظم شهباز شريف ڇهين جنوريءَ تي اعلان ڪيو هو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي ٽيم پاڪستان جي ستن ارب ڊالر جي پروگرام جي نئين سر جائزي کي آخري شڪل ڏيڻ جي لاءِ جلد پاڪستان جو دورو ڪندي، جيڪو گزريل سال نومبر کان رڪيل آهي.
ليڪن، ان اعلان کي 13 ڏينهن گزرڻ جي باوجود ۽ ان دوران خزاني جي وزير سان پاڪستان ۾ آئي ايم ايف جي مشن جي چيف به ملاقات ڪئي ليڪن ان جي باجود هينئر تائين آئي ايم ايف جي ٽيم پاڪستان آئي نه ئي ان جي پاران پروگرام جاري رکڻ جي حوالي سان ڪا ٺوس پيش رفت سامهون آئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گزريل هفتي ان وٽ صرف 4.34 ارب ڊالر جو غير ملڪي ناڻو بچيو آهي، جنهن ۾ سعودي عرب کان علاوه متحده عرب امارات جا ڊپازٽس به شامل آهن ۽ انهن کي تازو ’رول اوور’ ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۽ انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ تقريبا 30 روپين کان مٿي جو فرق اچي چڪو آهي. انٽر بينڪ ۾ خميص ڏينهن هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 229 روپيا هئي جڏهن ته مارڪيٽ ۾ 260 روپين جو ڊالر دستياب ڪونهي.
ڪن معاشي ماهرن جي خيال ۾ حڪومت ڄاڻي واڻي مصنوعي طريقي سان ان جي قيمت ۾ ڪيترن مهينن کان استحڪام جاري رکيو آهي ته جيئن مهانگائيءَ جو نئون سيلاب نه اچي، نه ته هن سال ٿيڻ وارين چونڊن ۾ حڪومت کي انهن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ليڪن ان جي ڪري ناڻي جي پهچ ۾
مسلسل ڪمي اچي رهي آهي. ڊسمبر ۾ بينڪن جي ذريعي ٻاهرين ملڪن مان پاڪستانين پاران موڪليل رقمون مسلسل چوٿين مهيني ۾ به گهٽ رهيون.
(محمد ثاقب جي رپورٽ)