صحافي ارشد شريف قتل ڪيس جي گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آئي ٽي) جي اڳواڻ سپريم ڪورٽ کي آگاه ڪيو آهي ته ڪيس متعلق ڪينيا کان ڪوئي ثبوت ناهي مليو.
اسلام آباد ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا جي مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ارشد شريف قتل جي معاملي تي از خود نوٽيس جي شنوائي ڪئي.
سومر جي ڏينهن سماعت دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌيو ته ڪينيا ۾ سي آئي ڊي جي عهديدارن اسان جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته جي آئي ٽيءَ پنهنجي ڇنڊڇاڻ جي سلسلي ۾ عبوري رائي پيش ڪئي آهي.
جسٽس مظاهراڪبر نقويءَ جي آئي ٽيءَ جي اڳواڻ، اويس احمد کان پڇيو ته توهان ها يا نه ۾ ٻڌايو ته ڇا توهان کي ثبوت مليا؟ جنهن تي جي آئي ٽيءَ جي اڳواڻ عدالت کي ٻڌايو ته ڪينيا شاهدين تائين رسائي نه ڏني ۽ کين ڪو ثبوت ڪو نه مليو.
جسٽس اعجاز الحسن پڇا ڪئي ته ارشد شريف جي موبائيل ۽ ٻيو سامان ڪاٿي آهي؟
ان تي، جي آئي ٽيءَ جي اڳواڻ چيو ته ارشد شريف جو موبائيل ۽ آئي پيڊ ڪينيا جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ وٽ آهي جڏهن ته سندس باقي سامان ملي چڪو آهي.
ان موقعي ته ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته ڪينيا اڳ ۾ تعاون جي يقين دهاني ڪرائي هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا ڪينيا سهڪار نه ڪيو.
چيف جسٽس ارشد شريف جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ليڪ ٿيڻ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان کي سڀني ملڪن جي خودمختياريءَ جو احترام ڪرڻ کپي. فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جنهن به ليڪ ڪئي اسان کي پتو ڪري ٻڌايو وڃي.
جسٽس بنديال چيو ته هن ڪيس ۾ ٻه اهم پهلو آهن هڪ مقامي ۽ ٻيو غير ملڪي. پرڏيهي کاتو پڇا ڪري ۽ رياست کي آگاه ڪري.
عدالت کي ايڊيشنل اٽارني جنرل اهو ٻڌايو ته ڪينيا ارشد شريف تي فائرنگ ڪرڻ وارن ٻن پوليس عملدارن جي خلاف تحقيقات مڪمل ڪئي آهي، جڏهن ته رپورٽ پبلڪ پروسيڪيوٽر کي ڏياري موڪلي آهي.